ڍونگي شهاب سومرو او ڀاڳن ڀري......... ھيءَ وري ڪير دعوت جو ڪارڊ ڏئي ويو آھي! قادر پريشاني سان لفافو کولي ڪارڊ پڙھندي رحمت کي ڪاوڙ مان ڏٺو جيڪا آڳند ۾ ويھي بي نيازي سان چانور ڇنڊي رھي ھئي. ”اھو ڪارڊ ڪو ڇوڪر مونکي در تي ڏئي ويو ھو، توکي وري مون تي ڪاوڙ ڇو پئي اچي! ”نڀاڳي تنھنجي وات ۾ ان وقت زبان نه ھئي ڇا! اھو نٿي چئي سگھيءَ ته قادر ھاڻ ھتي رھي ئي ڪونه، توکي گھڻا ڀيرا سمجھايو اٿم ته ڪو اوپرو ماڻھو منھنجي غير موجودگيءَ ۾ دعوت نامو کڻي اچي ته ٺپ جواب ڏينس ته مان ھتي رھان ئي ڪونه، ھتان لڏي ويو آھيان توکي اھا به جڏھن خبر آھي ته پاڻ مسواڙي آھيون ته پوءِ باقي ڊپ ڇا جو! رحمت مٿي تي ھٿ رکندي: ”اڙي دنيا سان به ته اٿڻو ويھڻو آھي يا نه! ”ھا ڇو نه پر اھو به ڪو طريقو ھوندو آھي، ھاڻ ته ماڻھو جھڙا چريا ٿي پيا آھن دعوتن ڪرڻ جي پُٺيان، پھرين ڇٺيءَ جي دعوت پوءِ طھر جي دعوت وري ھر سال سالگره جي دعوت، تون پاڻ سوچ جي نه ڪنھن جا ٻارنھن ٻار ھجن ۽ ھر مھيني ھڪ ھڪ ٻار جي سالگره ھجي ته مون جھڙو غريب ماڻھو پير کڻي کڻي بوٽ سميت اصل گَسَي ويندو. ”پوءِ انھيءَ ۾ منھنجو ته ڏوھ ڪونھي تو به ته شادي ڪئي، پوءِ ماڻھن توکي به ته ضرور ڪجھ ڏنو ھوندو! قادر ڄڻ ته پنھنجا وار پٽيندي: ”اڙي ڀاڳن ڀري پنھنجي جڏھن شادي ٿي ھئي ته مون جنھن کي دعوت ٿي ڏني اھو مُرڳو ڪاوڙجي ٿي پيو. ”پوءِ ھاڻ تون به ته ڪاوڙجي ٿو پوين ته مون ڪارڊ ڇو ورتو! ”اھا ڳالھ نه آھي شادي مُرادي اکين تي پر ھي طھر جون دعوتون سالگره جون دعوتون اھي سڀ اجايون ڪنھن کي چڙائڻ جھڙيون حرڪتون آھن. ”پر انھيءَ ۾ چڙڻ جي ڪھڙي ڳالھ آھي، ھر ڪنھن جي خوشي آھي ان جي مرضي ڪيئن به ملھائي. قادر کٽ تي ويھندي: ”ھا ھا مان به سمجھان ٿو، ھر ڪنھن جي خوشي پر خوشيون وڃي پنھنجو پاڻ ۾ ملھائين، اسان وچ ۾ ڪھڙو ڏوھ ڪيوسين! جو اسين به سندن خوشين ۾ پيا گِھلجون ۽ جي وري ڪجھ نه ڏيون دعوت ۾ ته پوءِ ڏسين خوشي جي بدران مُنھن تي اصل ٻارنھن وڄي ويندن. ”تنھنجي مرضي ڇا آھي توکي مفت ۾ طعام پچائي کارائين! ”چري خوشي جو مطلب ئي اھو آھي ته توھان خوشي ۾ مٺايون ورھايو غريبن کي کاڌو کارايو، ڪي مُرڳو جيڪو کاڌو کائي ٻاھر نڪري ان کي گريبان جھلڻ وارا در تي بريف ڪيس رکي ويھاري ڇڏيو. اھا ڪٿي جي شرافت آھي!اھا به ڳالھ دعوت ۾ اچڻ واري تي ڇڏيو ته جي ھو به خوشي ۾ توھان کي ھار پارائي يا لفافو ڏئي ته خير جي نه ڏي ته به مڙئي خير آھي، پر ھتي جي وس ۾ ھجين ته پوليس وارا ويھاري ڇڏين، سندن ماني کائي جيڪو ڏوڪڙ نه ڏئي تنھن کي ٽنگو ٽالي ڪري اصل ٽيپ ڏياري ڇڏين. ”اڙي چريا شڪر ڪر اھڙو ڪو قانون اڃا ھن ملڪ ۾ جڙيو ناھي، نه ته تون ته ڪڏھن ڪي ٽيپ کائي وڃي ھا، اھو مان به ڄاڻان ٿي ته تون ڪيتريون دعوتون مفت ۾ کائي آيو آھين. ”نڀاڳي اھو به وڏو فن آھي ھر ڪنھن وٽ اھا فنڪاري ناھي، تون خوش نصيب آھين جو آئون توکي مليس، رحمت ھٿ جي اُڇل ڏيندي” بلي بلي شرم به توکي نٿو اچي سڄي شھر ۾ ”قادرٺڳ“ جي نالي سان مشھور آھين ۽ مان خوش نصيب آھيان!ڪھڙو ماڻھو تو ڇڏيو آھي، جنھن کي تو پنھنجون ڪوڙيون آکاڻيون نه ٻڌايون آھن! ھر ڪنھن کي ھڪڙي آکاڻي وري گھڙي گھڙي نئين ڪري ٿو ٻُڌائين، ھاڻ ته مان به توسان رھي رھي اصل ٺپ ڪوڙي ٿي پئي آھيان. ڊپ به ڏاڍو ٿو ٿيم ته مري جواب ڏيڻو اٿم پر ڇا ڪريان نڀاڳا صرف تنھنجي اھڙن افعالن جي ڪري، پاڻ کان ننڍن کي ڏس ۽ ڪجھ سِک جيڪي توکان پوءِ ڄاوا جن ڪجھ نه ڏٺو تو ته دنيا ڏٺي پوءِ به چنڊا تو ڪا ترقي نه ڪئي رڳو اٿئي ڪوڙ تي سندرو. ”چڱو چڱو ھاڻ بڪواس بند ڪر، مون کان به وڌيڪ ڪوڙا ماڻھو دنيا ۾ پيا اٿئي. ” ڪوڙا ڪونه ھوندا ٻٽاڪي ضرور ھوندا. قادر ڪاوڙ ۾: ”چڱو ڀلا ڪوڙي ۽ ٻٽاڪي ۾ ڪھڙو فرق آھي! ”ٻٽاڪي ويچارا احساس ڪمتري جو شڪارھوندا آھن ۽ ھو لٻاڙ ھڻي پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ ڪوڙا ماڻھو ته ھوندا ئي احساس برتري جو شڪار آھن. انھيءَ ڪري ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ انھن کي ڪا اٽڪ رنڊڪ محسوس ئي نه ٿيندي آھي. ”پر ٻٽاڪ به ته ڪوڙ جي ھڪ شاخ ئي آھي نا! ” مون ڪڏھن چيونه ٻٽاڪ ۽ ڪوڙ ھڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا پر ھر ڪنھن ماڻھو جي وس جي ڳالھ ناھي ٻٽاڪ ھڻڻ، اھو به ھڪ وڏو فن آھي ۽ انھيءَ جا به اُستاد آھن. ”بلي بلي تون ته اڄ وڏيون دانشورن واريون ڳالھيون پئي ڪرين جڏھن ته پنجون درجو به فيل آھين. رحمت کٽ تان ڪاوڙ ۾ اُٿندي: ”ھاڻ وڃ بازار ڪجھ وٺي اچ اڄ امان پئي اچي. ”ماڻھين کي وري ڪنھن دعوت ڏني آھي ته ھيڏانھن جو رُخ پئي ڪري! تعويذ گُھريا اٿئي ڇا مون لاءِ! آئون به سوچان پيو گھڻن ڏينھن کان منھنجي دل ڇو پئي چئي ته مان ھاڻ سچ ڳالھايان، ڪنھن مھل ته سچ اصل زبان تان ترڪيو وڃو ٺاھ ڪري، سامھون وارو مُرڳو پريشان ٿيو وڃي ته شايد ھاڻ مان چريو به ٿي ويو آھيان. ”اڙي ٺھيو ھاڻي جھل زبان کي چٻرا .....منھنجي ماءُ جي نالي ھڪ لفظ به ھاڻ ڪڍندي ته اکيون ڪڍي ھٿ ۾ ڏيندي سانءِ ۽ ھاڻ ٽر ھتان جي واپسي ۾ ڪُڪڙ يا مڇي نه وٺي آئين ته پوءِ سمجھي وڃجان. قادر کِش کِش ڪندو چمپلڙي سان درکان ٻاھر نڪتو اڃا مس گھر جي گھٽيءَ کان اُڪريو ته اچي انھيءَ پريشانيءَ ۾ اٽڪيو ته نڀاڳي سس کي به مھيني جي آخري تاريخن ۾ اچڻو ھو. ھاڻ جي ڀاڄي وٺي ويندس ته پھرين ته زال گوڙ ڪندي، انھيءَ کانپوءِ نڀاڳي سس ڀاڄي ڏسندي شرط چوندي ته مان روزا پئي قضا ڪريان، سھرو وري سس کان به ٻه ھٿ اڳتي آھي توبھ توبھ مان ڪاڏي وڃان! ھڪ ته غريب ان سان گڏ وري يتيم به! جي ڄمندي امڙ ڳلو دٻائي ڇڏيم ھا ته کيس ڪھڙي تڪليف ٿئي ھا مزا ورتائون پاڻ ۽ زندگي زھر ڪيائون منھنجي واه اڙي مولا واه! اڃا انھن ئي خيالن ۾ پڄري رھيو ھو ته ڪنھن پُٺيان کان دانھن ڪندي سڏ ڪيس ”او قادر ڪاڏي جي تياري ڪئي اٿئي يار! پاڻ ھڪدم وَري ڏٺائين ته چندو مل ذري گھٽ سندس پُٺيان ڊوڙندو اچي ڀرسان بيٺس، پنھنجي گنج تي ھٿ ڦرائيندي: ”او منھنجا جانئيڙا ڪٿي آھين ڏسڻ کان به ھاڻ مھانگو ٿي پيو آھين! قادر کيس نظر انداز ڪندي: ”يار پنھنجن خفن ۾ ئي پورو لڳو پيو آھيان. ”اڙي جوانيءَ ۾ ڪھڙا خفا کڻي کنيا اٿئي، اڃا ته منھنجا ڏوڪڙ به واپس ڪرڻا اٿئي انھيءَ ڪري پنھنجي صحت جو خاص خيال رک متان پوءِ مان تنھنجي قبر تي بيھي آنڱرين تي حساب ڪندو وتان. ”ڇا تون مون کي مرڻ کان پوءِ به سُک سان قبر ۾ آرام ڪرڻ نه ڏيندي! ”جي جيئري انھن ڳالھين کي محسوس ڪرين ٿو ته پوءِ قرض واپس ڪرڻ ۾ دير ڇو پيو ڪرين! قادر سندس ڳالھ ڪٽيندي: ”يار ڳالھ ٻُڌ ڏوڪڙن جي ضرورت اڄ به ڏاڍي اٿم، ڇو جو ڳوٺان سس پئي اچيم ھفتي کان اڳ ته اصل ٽرندي ڪين، توکي خبر آھي تاريخون به آخري آھن، اڄ وري منھنجي ڪجھ ته مدد ڪر نه ته اصل بي ڪفنو مارجي ويندس. ”ٺيڪ آھي پر مون سان اھو وچن ڪر ته ھن پھرين تاريخ تي مون کي سڀ منھنجا ڏوڪڙ ورائي ڏيندي سود سميت، جي اھا شرط منھنجي قبول اٿئي ته مان توکي وڌيڪ قرض ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، جي نه ته پوءِ وڃي سس ۽ زال جا سَٽڪا جھل ته خبر پونئي. قادر سوچ ۾ ٻُڏي ويو ته جيڪڏھن سس ۽ زال کي راضي نه ڪيم ته واقعي جيئڻ جنجال ٿي پوندو پوءِ جي پوءِ ڏٺي ويندي، ھن وقت ته آفت مان جان ڇڏايان ۽ اھو به ٿي سگھي ٿو اھو منھنجي سس جو آخري چڪر ھجي، شايد ھاڻ شل مولا پنھنجو ڪريس. ”او قادر ڪھڙن خيالن ۾ ٻُڏي وئين ڇا! توکي منھنجي شرط قبول آھي يا نه! قادر ڇرڪ ڀريندي: ”ٺيڪ آھي مان ھن پھرين تي توکي تنھنجا سڀ ڏوڪڙ ورائي ڏيندس. ”چڱو پوءِ اچ منھنجي دُڪان تي ته حساب ڪتاب ڪريون ٿا. ٻئي گڏجي دُڪان تي پھتا لکپڙھ کان پوءِ چندو وري ڪجھ ڏوڪڙ کيس قرض طور ڏنا. پاڻ تڪڙو بازار ڏانھن روانو ٿيو، جتان مڇي وٺي گھر ڏي روانو ٿيو اڃا مس چانئٺ ٽپي اندر داخل ٿيو، ته ڏٺائين سندس سس سڳوريءَ ۽ زال ھڪ کٽ تي ئي ويھي پاڻ ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪري رھيون ھيون. پاڻ سس کي ناگوار نظرن سان ڏسندي سلام ڪيائين پر سندس سس به کيس ورندي ۾ اڌ سلام جو جواب ڏيندي چيو وعليڪم ۽ کٽ تي ننڍڙيون ٽنگون ٽنگ ٽنگ تي چاڙھيندي: ”توکي خبر آھي ھتي مان اڄ ڇو آئي آھيان! قادر پريشانيءَ ۾ زال ڏي ڏسندي:”چاچي ائين چڪر تي آئي ھونديءَ جيئن اڪثر ايندي آھين. سندس سس پنھنجي ڌيءَ ڏي ڏسندي: ”توکي خبر آھي مان ھتي فيصلو ڪرڻ آئي آھيان. ”پر چاچي آخر ڪھڙو فيصلو! توکي ته ڪنھن ھتي فيصلي ڪرڻ جي دعوت به نه ڏني آھي، تون ڇا جو فيصلو ڪرڻ آئي آھين، مون کي به ته خبر پوي. ”ھا مان ھتي اھو فيصلو ڪرڻ آئي آھيان ته آخر تون منھنجي ڌيءَ کي ڌڙڪا ۽ داٻا ڇو ٿو ڏين، تون ڇا ٿو سمجھين ھي ڪا يتيم آھي اڃا ته رحمت جو پيءُ به مون سان گڏجي ٿي آيو پر مون کيس جھليو، اھو ته تو تي ڏاڍو ڪاوڙيل آھي. ”پر چاچي اھو ته ھر ڪنھن گھر ۾ ٿيندو آھي، ٻه ٿانءُ پاڻ ۾ کُڙڪندا ته ضرور آھن اھا ڪا نئين ڳالھ ته نه آھي. ”منھنجي ڌيءَ چوي ٿي تون ان جي عزت نٿو ڪرين ۽ ان کي نوڪرن وانگر سمجھين ٿو! ”چاچي نوڪر ته ھر ڪو پنھنجي گھر جو ھوندو آھي، جي منھنجي لاءِ ٻه مانيون پچائي ٿي ۽ پنھنجي گھر جي صفائي ڪري ٿي ته انھيءَ ۾ نوڪرن واري ڪھڙي ڳالھ آھي، ھر ڪو پنھنجي گھر جو ڪم ڪري ٿو. ”پر تون ھن سان صحيح نموني سان نٿو ھلين، مون کي سڀ خبر آھي توھان ۾ روز جھيڙو ٿئي ٿو. قادر بحث مان جان ڇڏائيندي ”رحمت اُٿ وڃ ڪجھ رڌ پچاءُ ڪري وٺ نه ته دير ٿي ويندي. ”ھا ھا مان وڃا ٿي پر امان جي سوالن جا جواب تفصيل سان ڏي ڳالھ مٽائڻ جي ڪوشش نه ڪر. ھاڻ قادر کي به اصل باھ وٺي ويئي: ”اڙي نڀاڳي مون ڪھڙو ته ڏوھ ڪيو آھي جو مان ماڻھين کي سوالن جا جواب ڏيان! ”چڱو تون امان کي ٻُڌائي ته رمضان ۾ تون روزا ڇو نه ٿو رکين! ”ته چري انھيءَ ۾ تنھنجو ڇا وڃي، مان روزا رکان نه رکان اھو مسئلو منھنجو آھي، تنھنجو ۽ ماڻھين جو انھيءَ ۾ ڇا وڃي! آئون نماز پڙھان نه پڙھان انھيءَ ۾ منھنجي سس جو ڇا وڃي! سندس سس غور سان کيس ڏسندي: ”ڇوڪرا تون منھنجي سامھون منھنجي ڌيءَ سان اھڙي طريقي سان ڳالھائين ٿو ته منھنجي پر پُٺ تون ته کيس گُٿا لفظ به ڳالھائيندو ھوندي! ھيءَ تنھنجي ڀلائي لاءِ چوي ٿي ته روزا رک نماز پڙھ ۽....... قادر سس جي ڳالھ ڪٽيندي: ”۽ ڪوڙ دل تي ڳالھايان ٻن ماڻھن ۾ جھيڙو ڪرايان وري شام جو اڇي ٽوپي پائي ساڌ پاڪ ٿي روزو کوليان، تنھنجي بي روزائتي ڌيءَ کي فروٽ ۽ شربت پياريان وري تون به رمضان ۾ اچي ھتي خير سان لڏو لاھين ۽ روزي ۾ مون کي ذليل به ڪرين ائين نا! ”اڙي ڪو خوفِ خدا ڪر ڪنھن کان دڄين به ٿو يا نه تنھنجو ڪو مذھب به آھي يا نه! ”چاچي خوفِ خدا آھي تڏھن ته روزا نٿو رکان! ”ڇو نٿو رکين اسين جو رکون ٿيون! ”پر مان نٿو رکي سگھان، پوءِ منھنجي پاران ڪوڙ ڪير ڳالھائيندو! سندس سس ڪاوڙ ۾ اکيون ڪڍندي:”مطلب ته پوءِ اسين روزي ۾ ڪوڙ ڳالھايون ٿيون! ”مون کي ڪھڙي خبر! اھو مسئلو توھان جو آھي مان ڇو ائين چوان. رحمت ماڻس کي ٺونٺ ھڻندي:”امان کڻي ڪوڙو ئي روزو رکي گھٽ ۾ گھٽ منھنجي خاندان ۾ عزت ته نه وڃائي، ھر ڪو چوي ته فلاڻيءَ جو مُڙس ته اھڙو نڀاڳو آھي جو روزو ئي ڪونه رکي. منھنجون ساھيڙيون الڳ مون کي ذليل ڪن، آئون انھن کي چوان منھنجو مُڙس روزا رکندو آھي، ۽ ھيءَ پاڻ وري انھن جي گھر وارن کي چوي مون کي پوليس ئي روزو رکائي سگھي ٿي باقي زال جو چوڻ ته مان به نه مڃندس. ”انھي جو مطلب صاف ظاھر ٿي ويو ته تون منھنجي ڌيءَ جي پاڻ به عزت نٿو ڪرين نه اوڙي پاڙي وارن ۾ تون چاھين ٿو ته ھن جي ڪا عزت ھجي. ”چاچي تون ھن کان پڇ ته ھن مون کي ڪھڙا عزت جا تاج پھرايا آھن، ڪجھ ڏينھن اڳ زبردستي پنھنجي ساھيڙي جي پُٽ ببلو جي سالگره ۾ مون کي وٺي وئي، مان ڇوڪري کي سالگره جون مبارڪون پيو ڏيان ته ھو چريو چريئي جو پُٽ وري مون کي ڀونڊا پيو ڏئي وري مائٽ ان جا ڏند پيا ڪڍن. ”امان الاءِ گھڻا ڀيرا چيومانس ته اڳيان ڀڳل ڏند ھڻائي ڇڏ پر ٻُڌي ڪين ٿو، جڏھن جذبات ۾ ڳالھائي ٿو ته وات مان ٿُڪن جا ڇنڊا به مُنھن ۾ ھڻي ٿو، پوءِ ته لازم آھي ٻار کي به چِڙ اچي ويئي ھوندي. ”ھا ابا توکي به پرائي ٻار تي ايڏو جذباتي ٿيڻ جي ضرورت ڪھڙي ھئي! ”چاچي جيڪڏھن آئون جذباتي ٿي ڪري انھيءَ چنڊي ٻارکي مبارڪون ۽ چُميون نه ڏيان ھا ته به تنھنجي ڌيءَ کي اعتراض ٿي پوي ھا، ته تو پنھنجي فن جو مظاھرو ڇو نه ڪيو! ۽ رڳو ان ڇوڪر جا مائٽ نه پر تنھنجي سڪيلڌي ڌيءَ به مون تي ڏند ڪڍندي رھي، وري گس پنڌ تي جي سندس ساھيڙين مون کي ٿي ڏٺو ته پاڻ ۾ ڦُسڪو ڪري ٿي چيائون ھي اھوئي آھي نه جنھن ببلو کان ڀونڊو کاڌو ھو. سندس سس ٽھڪ ڏيندي: ”ابا آھي به کِل جھڙي ڳالھ ته پوءِ ڇا ڪجي ڪيئن ته کِل کي روڪجي. ”چاچي شابس اٿئي تون به ھاڻ مون تي ٽھڪ پئي ڏين، انھيِ جو مطلب ته منھنجي ڪا عزت نه آھي. ”چڱو ھاڻي ٺھيو، تون سڄو ڏينھن ماڻھن سان ڪوڙ ڳالھائيندو وتين ان وقت عزت جو خيال نٿو ٿئيءِ! قادر جذباتي ٿيندي: ”ڪنھن سان مون ڪوڙ ڳالھايو آھي! رحمت ھٿ جواشارو ڪندي: ”ھن منھنجي پاسي واري ساھيڙي جي مُڙس سان. ”مون ڇا چيو آھي ان کي جو توکي ڪاوڙ لڳي آھي! ”ان کي تو چيو ته تون ٻي شادي ڪري رھيو آھين ۽ ھو مون کان پڪ ڪرڻ آئي ھئي ته واقعي تنھنجو گھر وارو ٻي شادي ڪري رھيو آھي! ”پوءِ تو ڪھڙو جواب ڏنس، اھو به ته ٻُڌاءِ نا ماڻھين کي، ماٺڙي ڇو ڪئي اٿئي. ”مون جواب ۾ چيومانس وڃي ڌوڙ پائي ٻُڏي مري ٻيو ڇا! قادر وڏو ٽھڪ ڏيندي: ”توکي خبر آھي مون تنھنجي وفادار ساھيڙيءَ جي مُڙس کان ڏھ ھزار ٻي شادي جي لاءِ قرض گُھريو ھو، تنھنجي انھيءَ بيان کان پوءِ مون کي تُرت ٻئي ڏينھن قرض ملي ويو. انھيءَ مان اندازو ڪر ته تنھنجون ساھيڙيون ڪيڏيون نه توسان وفادار ۽ بيزار آھن، جن جا تون سڄو ڏينھن ڳيچ پئي ڳائين. رحمت جي برداشت کان ھاڻ ڳالھ ٻاھرنڪري وئي ماڻس کي ڏسي ڳوڙھا ڳاڙھيندي: ”امان ھاڻ مان ھن سان گڏ ھڪ پل به گڏ گذاري نٿي سگھان، ھل مون کي گھر وٺي ھل. ٻئي ماءُ ڌيون انھي وقت روانيون ٿي ويون، قادر ھڪ لفظ نه ڪُڇيو چپ چپات سان وڃي پنھنجي ڪوٺڙي ۾ سُمھي پيو. شام جو اک کُليس ته سوچيائين چڱو ٿيو جو مولا ٻار ٻچو نه ڏنو، نه ته ڪيترو نه پريشان ٿيان ھان! ھڪ غربت ٻي ڪنگلائي مٿان مھانگائي وري ٻار! وري زال به جي گھر ڇڏي وڃي ته پناھ! ڪيڏو نه وائڙو ٿيان ھان! ھاڻ جھڙو پھرين ھئس تھڙو اڄ آھيان، اھو سوچيندو شام جي چانھ پيئڻ لاءِ ھوٽل ڏي گھران نڪتو. ھوٽل تان واندو ٿي بازار ڏيِ واءُ سواءُ لاءِ نڪتو ته بجلي بند ٿي ويئي. اوچتو روڊ تي ھلندي پاڻ جھٽڪو کاڌائين ۽ ائين محسوس ڪيائين ڄڻ ڪنھن اونداھي کوھ ۾ ڄڻ ڪِرندو ٿو وڃي ۽ ھڪ وڏو آواز شڙاپ.............. جو ٿيو، پاڻ ڌپ محسوس ڪيائين جيڪا دماغ ڦاڙڻ لاءِ ڪافي ھئي. ھٿ پير رڙيون دانھون به گھڻيون ڪيائين پر ھوريان ھوريان سڀ سندس عضوا ڪم ڇڏي ويا. پر اڃا به سندس دماغ سوچي رھيو ھو ته شايد ھي اھو ئي مين ھول ھو جنھن جو ڍڪ ٻه راتون اڳ پاڻ ئي چوري ڪري وڪيو ھئائين.