مُعتبر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مُعتبر

    شهاب سومرو

    ھا ڪلثوم تنھنجي لاءِ ڇا وٺي اچان جلدي ٻڌاءِ! پوڙھي اجايو نخرو ڪندي ٻين کي ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس انھيءَ ڳالھ کان متاثر نه ٿيو. ھر ڪو پنھنجين ڳالھين ۾ لڳو پيو ھو. پوڙھو پنھنجي مُنھن ڀُڻ ڀُڻ ڪندي وڃي مِٺو جي پڃري اڳيان ويٺو، جيڪو شوق ۾ پاليو ھئائين، ڇو جو ھاڻ سندس گھر ڀاتين ساڻس ڳالھائڻ به ڇڏي ڏنو ھو. پاڻ شروع کان ئي ميان مِٺو ھو، ھر وقت پيو پنھنجا ڳيچ پاڻ ڳائيندو وتندو ھو، سو ھاڻ ھر ڪو کيس اڌ چريو ئي سمجھندو ھو.

    پوڙھو مِٺو جي پڃري کي ويجھو سِرڪائيندي: ”منھنجا مِٺڙا صدقي وڃائين، تون ته ڄاڻي ٿو نه آئون ڪيڏو نه مھان شخص آھيان! تون اھو به ڄاڻيندو ھوندي ته منھنجو ڪيترو نه گھر ۾ دٻدٻو آھي! مِٺو ڄڻ بيزار ٿيندي ھيڏي ھوڏي ڏسندي ”ٽين ٽين ٽريون............................. پُوڙھو اُداس ٿيندي: ”منھنجا مِٺڙا تون خبر ناھي، ڪڏھن مونسان لاتيون ڪندي، مون ته اڪثر ڏٺو آھي ته طوطا ته ڳالھائيندا آھن پر تون ڪھڙو مِٺو آھين! خير مان ھاڻ وڃا ٿو بازار ۽ تو لاءِ جام زيتون وٺي ٿو اچان. پاڻ پنھنجي مُنھن ٽھڪڙو ڏيندو گھر کان ٻاھر نڪتو، وڃي علي ڏني جي ھٽ تي چڙھيو” ابا ڏنا ڪھڙا حال اٿئي خوش آھين.

    ڏني واڇون ٽيڙيندي: ”ڀلي ڪري آيا چاچا گُلڻ خوش آھين ٻچڙا خوش آھن، گھڻن ڏينھن کان پوءِ آيو آھين!

    ”بس يار مڙئي جيون پيو گُذري، ڏي خبر تنھنجي گھر واري جو طوطو خوش آھي !

    ”اڙي چاچا گُلڻ ڪھڙيون ٿوخبرون پڇين، انھيءَ طوطي جي ڪري گھر ۾ روز فساد لڳو پيو آھي.

    چاچي گُلڻ حيراني سان ڏسندي: ”پر يار انھيءَ ۾ طوطي جو ڪھڙو ڏوھ آھي.

    ”ھا طوطي جو ته ڏوھ ناھي پر منھنجي گھر واري جو ڏوھ ضرور آھي.

    گُلڻ اُداس ٿيندي: ”يار پھريون دفعو مون تنھنجي دُڪان تي جڏھن اھو طوطو ڏٺو ھو، ته مون کي به شوق ٿيو ته مان اھڙو پکي ڌاريان، توکي ياد ھوندو ته مون توکي چيو ھو، ته اھو طوطو مون کي ڏي پر تو چيو ھو، ھي منھنجي گھر واري جو آھي، ڏاج ۾ پاڻ سان گڏ کڻي آئي آھي. انھيءَ کان پوءِ مون به شوق ۾ مِٺو ورتو، ھاڻ تون عجيب ڳالھيون ڪري رھيو آھين! جڏھن ته پھرين تون به اُن کي ڀائيندو ھئين، ھن کي دُڪان مان بادام ڪڍيو پيو کارائيندو ھئين ۽ مِٺو به توسان لاتيون پيو ڪندو ھو. منھنجو طوطو ته نڀاڳو ٺُپ اڃا تائين ھڪ لفظ به نٿو ڪُڇي.

    ” چاچا گُلڻ ڳالھ دراصل ھي آھي ته منھنجي مُرشد سائين طوطي جي باري ۾ مون کي ھڪ قصو ٻُڌايو ھو.

    گُلڻ دُڪان جي ڀر ۾ رکيل بينچ تي ويھندي: ”ڪھڙو قصو مون کي به ٻُڌاءِ.

    ” مُرشد سائين مون کي قصو ڪجھ ھن ريت ٻُڌايو ته ڪنھن زماني ۾ ھڪ شخص جي گھر ۾ ھڪ طوطو ھو، اھو شخص ڪيڏانھن ٻئي ھنڌ پنھنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ سفر تي اُسريو ٿي. پاڻ رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ سڀني گھر جي ڀاتين کي گُھرائي پڇا ڪيائين، ته توھان لاءِ ڪھڙي سُوکڙي وٺي اچان. ھر ڪنھن پنھنجي فرمائش کيس ٻُڌائي اوچتو سندس نظر طوطي تي پئي، جيڪو تمام گھڻو اُداس ھو. پاڻ اُٿي وڃي طوطي جي پڃري ڀرسان ويٺو ۽ کانئس پڇا ڪيائين ته تنھنجي لاءِ ڇا آڻيان. ھن چيس مالڪ جتي ڪو آزاد طوطو ڏسين ته ان کي منھنجا سلام ضرور چئجان، اھو شخص پکي جي عجيب فرمائش ٻُڌي مُرڪي سفر تي روانو ٿيو. ڳالھ مختصر ھن ھڪ آزاد طوطي کي وڻ تي ويٺل ڏٺو اُن کي چيائين: ”مون وٽ ھڪ طوطو آھي جنھن تو لاءِ خاص سلام موڪليا آھن. اھا ڳالھ ٻُڌندي طوطو وڻ تان ڪِريو ۽ مري ويو، اھو واقعو ھن پنھنجي ملڪ اچي پنھنجي طوطي کي ٻُڌايو، اھا ڳالھ ٻُڌڻ شرط اھو به پڃري ۾ ڪِري پيو. سندس مالڪ کي ڏاڍو ڏُک ٿيو ھن انھيءَ وقت طوطي کي پڃري کان ٻاھر ڪڍيو ته ھاڻ ھي به شايد صدمي ۾ مري چڪو آھي. پاڻ اڃا اھو سوچي رھيو ھو ته ھو ڦڙڪو ڏئي اُڏامي ھن جي پُھچ کان پري وڃي ڀِت تي ويٺو ۽ پنھنجي مالڪ کي چيائين، تون دنيا جو بيوقوف انسان آھين. پھرين ڳالھ ته تون ھڪ قيد پکي کان فرمائش پڇين ٿو، تون پاڻ ٻڌاءِ قيدي جي فرمائش آزادي کانسواءِ ٻي ڪھڙي ھوندي! جنھن طوطي کي تو منھنجا سلام ڏنا ھئا، ان مون کي اھو پيغام موڪليو ته مان ھن طرح جو ناٽڪ ڪريان، ھاڻ خدا حافظ ائين چئي ھو اُڏامي ويو.

    ڏنو قصو ٻُڌائڻ کان پوءِ سھڪي رھيو ھو، ڇو جو ڳالھائڻ دوران کيس ساھ کڻڻ جي عادت گھٽ ھئي، وري پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چيائين مون کي مُرشد خاص ھدايت ڪئي ته پکي آزاد چڱو آھي. اھا ساڳي ڳالھ مون پنھنجي گھر واري کي ٻُڌائي ۽ کيس چيم ته مِٺو کي آزاد ڪري ڇڏ، بقول مُرشد سائين جي ته پکي کي قيد ڪرڻ گناھ آھي پر منھنجي زال مِٺو کي آزاد ڪرڻ کان ٺُپ انڪار ڪري ڇڏيو. سو ھاڻ انھيءَ ڳالھ تان اسان جي وچ ۾ چِڪ چِڪ ٿيندي رھندي آھي. ھوھاڻ گُلڻ ڏانھن غور سان ڏسي رھيو ھو ته شايد ھو سندس مُرشد جي ڳالھ تي ”سبحان الله “چوندو پر کيس سخت نا آُميدي ٿي، جڏھن گُلڻ کيس چيو: ” تو وارو مُرشد ڀلا مون کي سُڃاڻي ٿو! جي مونکي نه سُڃاڻندو ھوندو ته پڪ سمجھ ته ھن کي منھنجي نالي جي خبر نه ھوندي.

    ڏني کيس غور سان ڏسندي: ”چاچا تون ماضي ۾ ڪو فلم ايڪٽر رھي چڪو آھين ڇا!

    پوڙھي نه ۾ ڪنڌ کي ڌُوڻيو.

    ” پوءِ ڀلا تون مشھور شاعر يا اديب آھين يا ڪو ڌاڙيل يا ڦورو رھي چڪو آھين!

    پوڙھي وري انڪار ۾ ڪنڌ کي لوڏيندي: ”چيو نه اڙي چريا نه مون کي پنھنجو پاڻ تي اعتماد آھي ۽ چريا پنھنجو پاڻ تي اعتبار به ڪا شيءِ ھوندي آھي.

    ھاڻ ڏني کي به وارن کان وٺي پيرن جي کُڙين تائين باھ وٺي ويئي، واه چاچا واه اَکر به تنھنجي ڀُوري به تنھنجي تون ڪنھن کي سُڃاڻي نه سُڃاڻي پر دنيا توکي سلام موڪلي. ھاڻ پيريءَ ۾ اچي دماغ خراب ٿيو اٿئي. ھن وقت ئي تنھنجا اھڙا پيرڪار آھن ته جوانيءَ ۾ تون ڇا ھوندي!

    ”اڙي وات ڳاڙھا ڇورا تون ڇا ڄاڻين، منھنجي جواني جي باري ۾ ته مان ڇا ھئس!

    ڏني ھٿ جي اُڇل ڏيندي: ”ھل چاچا ٻٽاڪي وڃي پنھنجو ڪم ڪر منھنجو مٿو نه چٽ اھي ڀرم وڃي پنھنجي گھر واري کي ڏي جيڪا واه واه ڪري ۽ تو جھڙي ڪوڙي تي انڌو اعتبار به ڪري.

    گُلڻ بي حيائي سان پنھنجا ڀڳل ڏند ڪڍندي: ”چڱو چڱو ھاڻ بڪواس بند ڪر ۽ پنج ڪلو کنڊ ڏي.

    ڏنو ڪاوڙ ۾: ” ڪونھي کنڊ وڃي ٻئي ڪنھن دُڪان تان وٺ ٽر ھتان.

    گُلڻ به ھاڻ ڪاوڙ ۾ ايندي: ” اڙي واھيات ڳالھائي ته ڍنگ سان.

    ” چڱو چڱو اڳيان وڌ، مونکي اھڙا ناٽڪي ڪوڙا ماڻھو وڻن ڪونه، اھي لاڏ وڃي ٻين کي ڏيکار.

    گُلڻ وڏي ”ھونھ“ ڪندي دُڪان تان ھيٺ لھي تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي ويو، ٻئي دُڪان تان سموري خريداري ڪري بازار مان ڀاڄي فروٽ وٺي گھر پھتو پر سندس موڊ ڏني خراب ڪري ڇڏيو ھو، سو سڌو وڃي پنھنجي ڪمري ۾ ليٽي پيو، گھڙي پل ۾ سندس پُٺيان گھر واري به ڪمري ۾ اچي سندس کَٽَ تي ويٺي.

    ”ڏي خبر ڪنھن سان اڄ جھيڙو ڪري آيو آھين جو مِٺو سان به نٿو ڳالھائين!

    گُلڻ ڪاوڙ ۾: ”تون جڏھن ڪنھن سان جھيڙو ڪري ايندي آھين آئون توکان پڇندو آھيان!

    ”توکي ڇا ته ٿيو آھي! تون ته بلڪل ٻار پيو ٿيندو وڃين، ڪيئن ٿو ڳالھائين ڪجھ ته ھوش ڪر.

    ”ماڻھن ته عزت ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي، ھاڻ تون به بي عزتي ڪر آئون به آخر انسان آھيان.

    سندس گھر واري کيس ٽنگن تي زور ڏيندي: ”تون ٻٽاڪون ھڻڻ جي عادت ڇڏي ڇو نٿو ڏين، تون پاڻ کي ايڏو معتبر ڇو ٿو سمجھين! غريب جو ٻار آھين غربت سان جيون گھار.

    گُلڻ مٿي جي ھيٺان وھاڻو سڌو ڪندي: ”تون ته اصل چويھ ڪلاڪ سچ پئي ڳالھائين.

    زال مُڙس ۾ اڃا بحث ھلي رھيو ھو ته ڪلثوم ڊوڙندي ڪمري ۾ گھڙي بابا تنھنجي مِٺو کي خبر ناھي ڇا ٿيو آھي، پڃري ۾ ڪِريو پيو آھي شايد مري ويو.

    گُلڻ ھڪدم کَٽَ تان ٽپ ڏئي اُٿندي: ”اڙي منھنجي وڃڻ کان پوءِ توھان ان کي پاڻي ڏنو ھو!

    ”ھا بابا پاڻي ته سندس پڃري ۾ پيو آھي کاڌو به پيو اٿس.

    گُلڻ جلدي جلدي جُتي پاتي ۽ ڪمري کان ٻاھر ڀڳو، اچي طوطي جي پڃري ڀرسان ويٺو، ڏٺائين ته واقعي ھو پڃري ۾ اونڌو پيو آھي. اوچتو سندس ذھن ۾ ڏني جي مُرشد وارو قصو ڦري آيو، پاڻ سوچيائين ڀلا ائين به ڪڏھن ٿي ٿو سگھي، پکي بي زبان ان کي ڪھڙي خبر حرامپائيءَ جي! وري خيال آيس ڪھڙي خبر ھيءَ به ناٽڪ ڪندو ھجي! پنج سئو جو ورتو ھئم، ھاڻ جي مري ويو ته ڏوڪڙ ويا پاڻي ۾ ٻُڏي. وري سوچيائين ٿي سگھي ٿو، گرميءَ ۾ بيھوش ٿي ويو ھجي، ھاڻ بھتر اھو آھي ته ويھي انتظار ٿو ڪريان، جي مُرشد وارو قصو به سچو ھوندو ته ھي ناٽڪ به ڪيتري دير ڪندو، جي بيھوش به ٿي ويو ھوندو ته نيٺ ھوش ۾ ايندو.

    اھڙي طرح پاڻ طوطي کي پڃري مان ته نه ڪڍيائين پرکيس کڻي اچي پنھنجي ڪمري ۾ رکيائين، گھر جي ڀاتين سڀني گھڻو سمجھائيس ته ھي مري ويو آھي، ھاڻ وڃي ٻاھر ڦٽو ڪرينس پر گُلڻ پنھنجي ضد تي قائم رھيو ته بيھوش ٿي ويو آھي يا ناٽڪ پيو ڪري. نيٺ سڀ ماٺ ڪري ويھي رھيا، ڇو جو پھرين کين شڪ ھو ته گُلڻ چريو آھي پر ھاڻ پڪ ٿي ويئي ھئن ته ھو چريو ٿي ويو آھي. ٻن ڏينھن کان پوءِ کيس به پڪ ٿي ويئي ته مِٺو مري ويو آھي ۽ ٻاھر وڃي ڦٽو ڪيائنس پر گھڻي دير تائين کيس ڏسندو رھيو ته ڦڙڪو ته نٿو ڏيئي، نيٺ نا آُميد ٿي اچي پنھنجي کَٽَ تي پئجي رھيو. صبح جو سندس جھونيءَ اُٿاريس ته اُٿي نه سگھيو ڇو جو کيس سخت بخار ھو. جھونيءَ ڪاوڙ ۾ ايندي چيس: اڙي ايڏو مِٺو جو ڏُک مُرڳو بخار ٿي پيو اٿئي، ڪڏھن مونسان ته اھڙي محبت جو مظاھرو نه ڪياءِ.

    ”اڙي ڀاڳن ڀري توسان ڇو نه محبت آھي، بخار شايد ٿڌو پاڻي گھڻو پيئڻ ڪري ٿي پيو اٿم، ڇو جو زڪام به ٿي پيو اٿم. مِٺو ته وري ٻيو به ملي پوندو اھڙي ڪا ڳالھ نه آھي.

    ”چڱو ھاڻ وڃي ڊاڪٽر کان دوا وٺ ته بخار لھي وڃئي، پيريءَ ۾ بخار سانڍڻ چڱو نه آھي. گُلڻ نيٺ وڃي ڊاڪٽرن وس ٿيو، گھڻيون داوئون علاج پر بخار زڪام ڇڏڻ جو نالو نه وٺن. آخر شھر ۾ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن گھڻا مٿا ھڻڻ ۽ ٽيسٽ رپوٽون ڏسڻ کان پوءِ انھيءَ ڳالھ تي وڃي بيٺا ته گُلڻ کي ”برڊ فلو“ ٿي پيو آھي. جيستائين سندس بيماري جي خبر پئي پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪيائين، سندس مڙھ ڳوٺ کڄي آيو. جڏھن سندس جنازو ڏني جي دُڪان وٽان لنگھيو، تڏھن پاڻ چَپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيائين: ”ھل بي پِيرا معتبر، اھا اٿئي منھنجي مُرشد جي پِٽ“.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مُعتبر

    بهترين ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو