جيئڻ سندا وس

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جيئڻ سندا وس

    شهاب سومرو

    ھن جي زندگي سالن کان ائين ئي گذري رھي ھئي، ھن سوچيو مون ته ڪڏھن به ته جھيڙي ڪرڻ جي ابتدا نه ڪئي، پوءِ به ”روڄ ۽ راڙو “ھن جي گھر جو مقدر بڻجي چڪو ھو. ڪو مھينو ھن جي جيون جو شادي کان پوءِ شانت نه گذريو ھو، ايستائين جو ڪڏھن سندس گھر ۾ جھيڙو نه ٿيندو ھو ته پاڙي وارا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کان پڇندا ھئا، خير ته آھي ماٺ لڳي پئي آھي.

    جڏھن اعتبار جي ديوار ڇيھون ڇيھون ٿي وڃي ته باقي ڇا وڃي بچي ٿو! پاڻ ھر ڀيري اعتبار جي ديوار کي اڏڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو، ھو ھر چند ڏينھن کان پوءِ ان کي ڊاھيندي رھي، سچ ته شڪ ھڪ اھڙي بيماري آھي، جيڪا نيٺ وفا جو ڳلو ھميشه لاءِ دٻائي ڇڏي ٿي. جنھن کي روز چيو وڃي تون بيوفا آھين، آخر ھو بيزار ٿي اھوئي بھتر سمجھي ٿو ته جڏھن ھن جي وفا جو ڪير اعتبار ئي نٿو ڪري ته پوءِ ان کي وڌيڪ وفادار ڪُتي ٿيڻ جي ضرورت ڪھڙي آھي.

    ”اي واصف ھيڏانھن تون ڇا پيو سوچين ايڏي ديرکان! رابيل سندس اکين اڳيان پنھنجو ھٿ نچائيندي چيو. واصف سندس سُندر ھٿ کي پنھنجي ھٿ ۾ جھليو، پيار ڀرين نظرن سان کيس ڏسندي چيو:

    ”ڪجھ به نه توکان سواءِ مان ڇا سوچي سگھان ٿو!

    ”واصف تون ايڏو پريشاني جو شڪار ڇو آھين! تون مون کي صاف جواب ڇو نٿو ڏين ته پاڻ ڪڏھن ھڪ وجود ۾ سمائجي وينداسين! آخر ڪڏھن تون انھيِ ڳالھ جو فيصلو ڪندي!

    ”توکي آخر ايڏي تڪڙ ڇا جي آھي، ڪجھ ڏينھن تون وڌيڪ انتظار نٿي ڪري سگھين!

    ” او ڊيئر اھو انتظار ته ڄڻ ھاڻي ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي.

    ”ھا تون چوين ته سچ ٿي پر تون ڄاڻي ٿين ته انتظار ۾ جيڪا لذت سمايل آھي اھا ميلاپ ۾ ڪٿان آھي!

    واصف جي ڳالھ تي رابيل جا موتين جھڙا ڏند ٽيڙي پيا پاڻ کِلندي چيائين: ”بس بس ھاڻ فلمي ڊائيلاگ نه ھڻ مون کي تو تي پورو ڀروسو آھي ۽ اعتبار به آھي، توکي خبر آھي مان پاڻ کان وڌيڪ توتي اعتبار ڪريان ٿي، ڇو جو مون کي يقين آھي ته تون مونسان سچي محبت ڪرين ٿو.

    ”مثال طور مان توسان شادي کان پوءِ ڪنھن ٻي عورت جي چڪر ۾ پئجي وڃا ته پوءِ!

    ” مونکي انھيءَ ڳالھ جي پرواه ناھي، جيڪڏھن منھنجي محبت سچي ھوندي ته تون مون ڏي ئي ھر وار موٽندي، ڇو جو سچ ھميشه سچ جو ٿيندو آھي، سچي محبت ھميشه سچ تي ئي موھت ھوندي آھي.

    ”ايترو توکي مون تي اعتبار آھي! پر توکي خبر آھي مرد اڪثر بيوفا ھوندا آھن بقول توھان عورتن جي.

    ”ھا پر محبت صرف ڏيڻ وٺڻ جو نالو نه آھي، ھي بزنس نه آھي، ھي ته سچي قرباني گُھري ٿي!

    واصف سندس ڪجليون اکين ۾ ٻُڏندي ترندي ”تون اھي لفظ ڪٿان ته آڻين ٿين، واقعي تون لفظن جو جادو راچائڻ کان چڱي ريت ڄاڻو آھين!

    ”۽ تون دل جو آواز ٻُڌڻ کان بلڪل ٻوڙو آھين، تڏھن انھن دل جي سُندر جذبن کي لفظن جي جادوگري جو نالو ڏين ٿو، توکي خبر آھي مٽ ٿڌو پاڻي ڪڏھن ڏيندو آھي! جڏھن ھو باھ مان گُذري پچي نڪرندو آھي ۽ زبان تان اھڙا لفظ به تڏھن ئي روان ٿيندا آھن، جڏھن دل تي سچي محبت جو ڌڪ لڳندو آھي.

    واصف آسمان تي بادلن کي ھوا سان رُمندو ڏسندي: ”رابيل مون کي تون ھڪ ڳالھ ته ٻڌاءِ، ڇا تون واقعي مونسان سچي محبت ڪرين ٿي! يا توکي صرف ھڪ مُڙس جي سھاري جي ضرورت آھي!

    رابيل پنھنجي مخروطي آڱرين سان وارن جي ھڪ چڳ کي وٽيندي ”شايد تون ڪڏھن به انھيءَ ڳالھ جو اعتبار نه ڪندي! خبر ناھي ڇو مون کي ڪڏھن ڪڏھن اھو احساس ٿيندو آھي ته تون محبت جو پارکو نه آھين، تون احساسن جذبن کان اڻواقف آھين، تون مونکي بي اعتبارو ماڻھو لڳين ٿو، مان اھو به ڄاڻان ٿي ته منھنجي محبت ڪڏھن کان تنھنجي دل جي دروازي تي اھا آس لڳايو بيٺي آھي ته تون ڪڏھن دروازو.......

    واصف سندس ڳالھ ڪٽيندي: ”ماڻھو ايڏا بي اعتبار ڇو ٿيندا آھن!

    ”ڇو جو ھنن کي پنھنجي مٿان اعتبار نه ھوندو آھي، انھي لاءِ ھو ٻئي ڪنھن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ به تيار نه ھوندا آھن، ھنن جو پنھنجي مٿان اعتبار ڇو ختم ٿي ويندو آھي اھا ھڪ الڳ بحث آھي.

    واصف بيقراري ۾ ٻارن جيان: ”رابيل سچ پڇين ته تنھنجين ڳالھين ۾ عميق کان ھر گز گھٽ گھرائي نه آھي. جن کي سمجھڻ لاءِ ڪيترو نه غور ڪرڻو پوي ٿو پر ھڪ ڳالھ ته ٻڌاءِ تو مون ۾ اھڙو خاص ڇا ڏٺو آھي!

    ” تون مون کي ان مسافر جيان لڳين ٿو، جيڪو پيرين اُگھاڙي سماج جي ريگستان ۾ ھيڏي ھوڏي ڊوڙندو رھيو آھين، ڪنھن ڇانَوري جي ڳولھا ۾، تون محبت جو اُڃايل آھين، منھنجي جيون ڪھاڻي به توکان مختلف نه آھي ۽ انھيءَ کانسواءِ تون منھنجي ھر ڳالھ دل ۽ چاھ سان ٻُڌين ٿو ھر شخص جي اھا خواھش ھوندي آھي ته ڪو ته ھجي جيڪو ھن جا اُڌما صدما ٻڌي، توکي پنھنجي پھرين ملاقات ياد آھي!

    ”ھا چڱيءَ طرح جڏھن مان ھن اسپتال ۾ زخمي حالت ۾ پھتو ھئس مون کي ڪو ھوش نه ھو. رابيل ھلڪو ٽھڪ ڏيندي: ”عجيب ڳالھ ته اھا ھئي جو تو پنھنجي گاڏيءَ کي بجليءَ جي ٿنڀي سان وڃي ٺوڪيو ھو، جنھن تي اڄ به مون کي کِل ايندي آھي، ته جيڪڏھن ڪنھن ٽرڪ ۾ ھڻين ھا ته!!

    ” قُدرت به ته ميلاپ ڪرائڻ لاءِ ٻن روحن جي ڳولا ۾ رھندي آھي، جي ٽرڪ سان ٽڪرايان ھان، ته پوءِ توسان ملاقات ڪيئن ٿئي ھا! تون پنھنجي سُندر ھٿن سان مون کي مرھم پٽي ڪيئن ڪرين ھا! ۽ تو پنھنجو پيشو به صحيح نرسنگ جو چونڊيو آھي، يعني مسيحا صرف جسم جي نه پر منھنجي روح جي پڻ آھين.

    ”پر آئون اھو نه ٿي ڄاڻان، ته تنھنجو روح ڪيترو گھائل آھي! نه اھو ڄاڻان ٿي، ته تنھنجي روح کي رھڙا ڏيڻ وارو ڪير آھي! ڇو جو تو پاڻ کي مون کان ايترو لِڪائي رکيو آھي، پر تون ته منھنجي جيءِ ۾ ائين

    وسيل آھين جيئن سِپ ۾ ڪو موتي. ھاڻ واصف تون دير نه ڪر ڪٿي اسان ھڪ ٻئي کي وڃائي نه ويھون ۽ وقت اسان جي ھٿن مان سمنڊ جي واريءَ وانگر ترڪندو ٿو وڃي، جيڪو تون پاڻ به ڄاڻين ٿو.

    ” ھا تون صحيح ٿي چوين پر مان وري توکي چوندس صرف ڪجھ وقت لاءِ.......

    ”ڪيتري وقت کان تون چوندو پيو اچين، ڪجھ وقت ترس اھو ڪڏھن ڪجھ وقت پورو ٿيندو!

    واصف ھڪدم اُٿندي، ھاڻ مان ھلان ٿو ڇو جو ھتي گھڻي دير منھنجو ويھڻ به ٺيڪ نه آھي، تنھنجو اسٽاف مون کي سُٺي نظر سان نٿو ڏسي ۽ تنھنجي نوڪري تي ڪٿي انھيءَ ڳالھ جو خراب اثر نه پوي، سُڀاڻي

    موڪل جو ڏينھن آھي ڪٿي گھمڻ ھلنداسين. ٺيڪ آھي باقي ڳالھيون بعد ۾، پاڻ الوداعي نظر سان کيس ڏٺائين جواب ۾ کيس اُڃايل اکڙين الوداع چيو. گھر پھتو ته اُھا ئي بي يقيني ۽ بي اعتباري واري فضا ماحول تي طاري ھئي، کيس ڀليڪار چوڻ واريون اکيون ته نه ھيون پر سندس لاءِ سوال گھڻا لُڇيا پي ”ڪاڏي ويو ھئين ايتري دير! خوش لڳو پيو آھين خير ته آھي! اھڙي قسم جا سوين سوال جيڪي ھو ٻُڌي ٻُڌي ۽ انھن ڳالھين جي وضاحت ڪري ڪري ھاڻ کيس چپُ لڳي چڪي ھئي. ڇو جو کيس خبر ھئي ته پاڻ جڏھن عادي مجرم نه ھو تڏھن به ساڳي حالت ھئي، اھڙين ڳالھين ئي سندس دماغ کي ايترو مُنتشر ڪيو جو نيٺ پاڻ ھڪ زخميءَ جي صورت ۾ رابيل جي ھٿ وڃي لڳو. جنھن سندس جسماني زخمن تي به مرھم رکيو، ته گڏ سندس روح جي رَھڙن جو علاج پڻ ڪرڻ شروع ڪيائين، شايد کيس ڳولھا ئي پنھنجي دائمي مرض جي معالج جي ھئي، سا رابيل جي شڪل ۾ ھاڻ ھن جي زندگي ۾ پير پائي چڪي ھئي. سالن جي شڪ حقيقت جو روپ اختيار ڪري ورتو ھو، سالن کان ٻُڌندڙ ڌمڪين جو ھن تي اثر ختم ٿي چڪو ھو. ڇو جو جڏھن ڪابه اھڙي ڳالھ موجود نه ھئي، تڏھن به ھر ھفتي مھيني سندس گھر جنگ جو ميدان بڻيل ھو سُک ڪين ھو، ھاڻ ته ھو عادي مجرم بڻجي چڪو ھو، ھاڻ ھن کي ڪا ضرورت نه ھئي ته ويھي وضاحتون بيان ڪري، پنھنجي سچي ھجڻ جا ڪوڙا قسم کائي، ڇو جو پاڻ سچو رھيو ئي نه ھو ته بحث ڪرڻ مان ڪو فائدو به نه ھو، سندس قدم انھيءَ طرف کڄڻ لڳا جنھن طرف کيس زبردستي ڌڪيو ويو ھو.

    صبح جي وقت سندس موبائيل رڙيون ڪرڻ لڳو ”ھيلو صبح بخير ڪجھ ياد به اٿئي يا اڃا ننڊ جي وادي ۾ آھين، مون ته ھڪ ھڪ پل ڳڻي ڳڻي گُذاريو آھي. ” ھا ڊيئر مون کي ياد آھي، بس مان اجھو اچان ٿو ھوا وانگر ”پرين جو پيغام جيئن ئي پُھتو اُڏامندا آيا سين تير وانگر..............او تير وانگر.......... موبائيل جي پسمنظر ۾ ھڪ ٽھڪڙو اُڀريو.

    ” اڙي تون ته ڪنھن جادوگر کان ھر گز گھٽ نه آھين مون توکي ياد ڪيو ۽ تون واقعي ڪنھن ھوا ونگر ھتي پھچي ويئين.

    ”جي جناب ھاڻ ٻڌاءِ ڪھڙي طرف ڪاھ ڪجي، منھنجو خيال آھي ڪينجھر بھتر رھندو ”ھو آيو ڄام تماچي ڪينجھر ڪِناري رکي ڄار ڪُلھي تي مڇيون پيو ماري“.

    رابيل ٽھڪ ڏيندي: ”واه! ھاڻ ته تون ڪلاڪار به ٿي پيو آھين ھر جملي جي پُٺيان گانو ضرور فِٽ ڪرين ٿو.

    ”اھي سڀ احساس ۽ جذبا تو ته مون کي ارپيا آھن، نه ته مان ته ان سُرندي جيان ھئس، جنھن جي تند تنوار کان اڳ ئي ٽُٽي چڪي ھئي تو ته ان کي پنھنجن سُندر خيالن سان جوڙيو آھي.

    ”شايد! خير ھاڻ جلدي ھل سج لھڻ کان پھرين پاڻ کي واپس به وَرڻو آھي.

    واصف اڄ پنھنجي گاڏيءَ کي ڄام تماچيءَ جي ٻيڙيءَ کان ھرگز گھٽ نه سمجھي رھيو ھو، تصور ۾ پاڻ سان گڏ نُوري کي ويٺل ڏسي رھيو ھو. پاڻ خيالن جي وادين ۾ اُڏامي رھيو ھو ته اوچتو کيس وري اندر ۾ اُٿل پُٿل شروع ٿي ويئي، پاڻ رابيل ڏانھن ڏسندي چيائين:

    ” ٻُڌ جيڪڏھن مان توسان بي وفائي ڪري وڃا ته به تون مون کي اھڙي ئي چاھ سان پنھنجي دل جي دريچن ۾ سجائي رکندين يا ڪنھن خواب جيان وساري ڇڏيندينءِ!

    ”توکي خبر آھي عورت ڇا پر ھر انسان پنھنجي پھرين محبت کي وساري نه سگھندو آھي، انھي کانپوءِ سموري عمر ھو ان پھرين محبت جو ئي ته ڳولھائو رھي ٿو، جيڪا ھن کان وڇڙي وڃي ٿي يا جنھن کي ھو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو. پوءِ ھو ان جو عڪس ٻين ۾ ڳولھيندو رھي ٿو ۽ انھن کي ٻي ٽين محبت جا نالا ڏيئي ٿو. ڪڏھن ھو ڪٿي پنھنجي محبوب جھڙيون اکيون ڏسي ٿو ته انھن تي موھت ٿي پوي ٿو، ته ڪٿي وار، ڪٿي اھي چَپ مطلب ته پھرين محبت جو عڪس ان جي چوڌاري سڄي عمر پوپٽ جيان اُڏام ڪندو رھي ٿو. ھو ٻارن جيان ان پوپٽ کي پڪڙڻ لاءِ ڊوڙندو رھي ٿو، مطلب ته پھرين محبت مڪمل ھجي ٿي ان کانپوءِ ان جا وکريل عڪس ھجن ٿا، جيڪي ڪڏھن به ھڪ جاءِ تي گڏ ھن کي نٿا ملي سگھن.

    ”تون ٻڌاءِ رابيل تو مون کان پھرين ڪنھن کي چاھيو آھي!

    ” سچ ته تون ئي منھنجي پھرين ۽ آخري محبت آھين جي اعتبار ڪرين ته! ۽ تون ٻڌاءِ واصف تو ڪنھن کي مون کان پھرين چاھيو آھي!

    واصف گاڏيءَ جي سائڊ شيشي مان پوئتي ڏسندي: ”ھا انتھا درجي تائين شايد! پر ھو منھنجي روح لاءِ ائين ثابت ٿي، جيئن ڪو ڍانڍو دلو جنھن ۾ پاڻي وجھڻ سان ان جو ترو ٽڙڪي پوندو آھي، جيڪو باھ مان گُذرڻ

    جي باوجود به پچي راس نه ٿي سگھندو آھي، ڪچو ئي رھجي ويندو آھي ۽ ٿڌو پاڻي ڏيڻ ان جي وس جي ڳالھ نه ھوندي آھي.

    ” جيڪڏھن واصف تنھنجي پھرين محبت وري توکي پاڻ ڏانھن واپس سڏي ته تون ڇا ڪندي!

    واصف پنھنجي مُنھن تان پگھر کي رومال سان اُگھندي: ” تون ڄاڻي ٿين ته احساس ۽ جذبات ڪنھن پل، وقت ، گھڙيءَ جا قيدي نه ھوندا آھن اھي آزاد ھوندا آھن.

    رابيل دري مان ڏسندي: ”واصف باقي ڪيترو مفاصلو بچيو آھي !

    ” بس ھاڻ صرف ڏھ ڪلو ميٽر پاڻ ڪينجھر کان پري آھيون.

    ” مان توکان ھڪ سوال پڇان ڪاوڙ ته نه ڪندي!

    واصف سندس ھٿ تي ھٿ رکندي چيو: ”تون ڪھڙيون ڳالھيون ڪري رھي آھين، ائين ڪڏھن ٿي سگھي ٿو ته ھڪ وجود پنھنجو پاڻ کان ئي ڪاوڙجي پوي! ”مھرباني واصف جو تون مون کي پنھنجي وجود جو حصو سمجھين ٿو، ھا ته مون توکان پڇڻ چاھيو ٿي ته، تو پنھنجي محبت کي پنھنجو ڇو نه ڪيو يا ھن توکي ٺُڪرائي ڇڏيو! مطلب ته ھُن ڇو توسان شادي نه ڪئي!

    واصف جي ھاڻ پريشاني ويتر وڌي ويئي ھئي ۽ سندس جسم سڄو ڏڪي رھيو ھو.

    ”تون مون کي جواب ڇو نه ٿو ڏين! تنھنجي طبيعت ته ٺيڪ آھي.

    واصف پاڻ کي سنڀاليندي: ”ھا منھنجي طبيعت ٺيڪ آھي، پاڻ کي ۽ توکي پرکي رھيو آھيان ته مون ۾ ايتري سگھ آھي جو مان ھڪ ٻيو صدمو برداشت ڪري سگھان! ۽ تو ۾ ايتري سگھ آھي جو تون سچ ٻُڌي سگھين ۽ منھنجي ڪوتاھيءَ کي نظر انداز ڪري سگھين!

    ”ھا شايد پر مان واقعي مُنجھي پئي آھيان، ڇو جو مان ھڪ ھيڻي عورت پڻ آھيان.

    ”مان ايترا ڏينھن پنھنجي شادي جي پروگرام کي ڇو ٽاريندو رھئس! انھيءَ لاءِ جو مان اڳ تنھنجو ڏُوھاري آھيان جو مون تو سان ڪوڙ ڳالھايو ته مان ڇڙو آھيان.

    ” ڇا.......................!

    ”ھا مان شادي شده آھيان، مون گھڻا ئي ڀيرا توکي ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان پاڻ ۾ اھا سگھ پيدا نه ڪري سگھيس ۽ مون تنھنجي دل به ٽوڙڻ نٿي چاھي. مان مجبور ھئس، پنھنجي دل جي ھٿان ۽ گھر جي حالاتن کان مان ايترو بيزار ٿي چڪو ھئس جو منھنجو دماغ مُنتشر ٿي چڪو ھو، جنھن جو ثبوت منھنجو ايڪسيڊنٽ ھو، جنھن مون کي توسان ملايو.

    رابيل جي اکين مان لُڙڪ لارون ڪري سندس وجود کي پُسائي رھيا ھئا، پاڻ ڪجھ چوڻ لاءِ چپ چوري رھي ھئي پر زبان ۽ لفظ سندس ساٿ نه ڏئي رھيا ھئا، پاڻ ڄڻ رڙ ڪندي چيائين:” گاڏي کي واپس موڙ مون کي ناھي توسان گڏ ڪيڏانھن وڃڻو.........

    واصف خاموشي سان گاڏيءَ کي واپس موڙي ڇڏيو، ھاڻ پاڻ انھيءَ ماڳ ڏي واپس روان دوان ھئا، جتان کان سفر شروع ڪيو ھئائون، ھاڻ ائين لڳي رھيو ھو، ڄڻ ھو ھڪ ٻئي لاءِ اوپرا ھئا.

    واصف خاموشي کي ٽوڙيندي: ”ڇا تون مونکي معاف نٿي ڪري سگھين!

    رابيل کيس نظر انداز ڪندي دري کان ٻاھر ڏسندي سُڏڪن ۾ ٻُڏندي: مطلب ته مان توکي معاف ڪري ۽ توسان شادي ڪري وٺان ائين نا!

    واصف لُڙڪن ڀريل اکين سان کيس ڏسندي: ” اھا ڳالھ مان توکي شادي کان پوءِ به ٻُڌائي سگھيس ٿي.

    ” مھرباني تنھنجي جو تو مون کي اھا ڳالھ اڳ ۾ ٻُڌائي ڇڏي تون ڇا ٿو سمجھين! اھا تنھنجي ايمانداري آھي، آئون تنھنجي انھيءَ ڳالھ کان متاثر ٿي توسان شادي ڪري وٺندس! ته ٻُڌي ڇڏ ”مسٽر آئون توسان محبت اڄ به ڪالھ جيان ڪريان ٿي، مان پنھنجي وچن تي قائم آھيان پر مان ھڪ عورت ٿي ھڪ عورت تي ھرگز ظلم نه ڪنديس. مان پنھنجي پيار جي قرباني ڏئي سگھان ٿي، پر ھڪ پاڻ جھڙي عورت جو گھر نٿي

    ڦٽائي سگھان. انھيءَ کان بھتر آھي، مان پنھنجي محبت کي اڄ ئي قربان ڪري توسان شادي ڪرڻ کان اڳ ئي ڇو نه بيواه ٿي وڃا.

    ” ھا اھو به ياد رک ته تون مونسان شادي ڪرڻ بغير محسوس ڪرين ٿين ته تون بيواه ٿي ويئي آھين، پر تون اھو به ڄاڻي ٿي ته مان ھاڻ تو کانسواءِ جيءِ نه سگھندس، ڇو جومان واپس ان روڄ راڙي واري زندگي ڏانھن وڃڻ نٿو چاھيان.

    ” جي تو آپگھات به ڪري ڇڏيو ته تنھنجي زال کي ھڪ دفعو ئي صدمو پھچندو، ھڪ ڀيري جو سُور بھتر آھي، روز جيئڻ مرڻ ڦٿڪڻ جي. جيڪڏھن تو مون سان شادي ڪئي ته ھن لاءِ ھر رات اھڙي درد ڀري گُذرندي جنھن جو تون تصور به نٿو ڪري سگھين، ڇو جو تون ھڪ مرد آھين.

    ”پر انھيءَ جي اجازت اسان جو مذھب پڻ ڏيئي ٿو ڪوگناھ ته نه آھي!

    ” ھا صرف انھيءَ صورت ۾ ته توھان ڪنھن جو سھارو بڻجو، انھيءَ لاءِ نه ته ڪنھن کي بي سھارا ڪريو، صرف پنھنجي حوس لاءِ ۽ ان کي توھان شريعت جو نالو ڏيو. توھان مردن جي نظر به دين جي انھن ڳالھين تي گھڻي پوندي آھي، جنھن ۾ توھان کي پنھنجو ذاتي فائدو نظر ايندو آھي.

    ” پليز رابيل تون مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر، ڇو تون منھنجي دل سان کيڏي رھي آھين!

    ھوءَ کانئس خفا ئي رھي ۽ دري کان ٻاھر ڏسندي رھي، ھاڻ سج به موڪلائي رھيو ھو ۽ پاڻ شھر ۾ پھچي چڪا ھئا. رابيل کيس اوپرائي ۾ ڏسندي چيو بس ھتي گاڏي کي روڪيو، مان رڪشا ۾ ھتان گھر ھلي وينديس، واصف کيس گھڻو چيو ته مان توھان کي گھر تائين ڊراپ ڪري ٿو اچان پر پاڻ سندس ھڪ نه مڃائين.

    واصف گھڻي دير تائين اُتي بيٺو اداس نظرن سان سو چيندو رھيو پھرين سوچيائين ته گھر جو رستو وٺجي پر وري کيس اھا ئي بي اعتباري ۽ بي يقيني واري فضا ياد اچي ويئي، جنھن کان ھن جو ھاڻ ساھ گُھٽجڻ لڳو ھو. پاڻ ھڪدم يوٽرن ڪري گاڏيءَ جو رُخ سنڌو ڏانھن موڙي ڇڏيائين. اڄ ھو پوريءَ طرح وکري چڪو ھو، ھن سوچيو ھو ته رابيل سندس زندگي ۾ اچي موتيءَ داڻن جيان سندس وکريل وجود کي ھڪ مالھا ۾ پوئي وٺندي، اھو خيال به صرف سندس اکين ۾ لُڙڪ بڻجي رھجي ويو. پاڻ سنڌو ڪِناري ويھي خاموشي سان سو چيندو رھيو آخر انھيءَ فيصلي تي پھتو ته جي ڪو به کيس پنھنجي ڳلي سان نٿو لائي سگھي ته ڇا ٿيو، سنڌو جون ڇوليون ته ضرور کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي سگھن ٿيون. اھو خيال ايندي ئي سندس لبن تي مُرڪ تري آئي ۽ پاڻ پنھنجو وجود سنڌو کي ارپي ڇڏيائين.

    انھيءَ گھر ۾ جتي ھن جي ھوندي بي اعتباري، بي يقيني جي فضا قائم ھوندي ھئي، اڄ اتي سوڳ جي فضا قائم ھئي، ھر طرف ماحول شانت ھو نه چِڪ چِڪ ھئي نه مھڻا نه جنگ جدل جو بازار گرم ھو، جيڪا سندس سالن کان خواھش ھئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جيئڻ سندا وس

    ادا زبردست.................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو