بُک ادب ۽ مجبوري شهاب سومرو ٽپھريءَ جو وقت ھو، سج نيزي پاند ھو، اُس اھڙي ھئي جو ڪانگ جي ڄڻ اک تي نڪتي، باغي پنھنجي تياري مڪمل ڪري ورتي ھئي، ھن کي ڪھڙي حالت ۾ به اُتي پھچڻو ھو، پاڻ تڪڙيون تڪڙيون وِکون کڻندو اُن جاءِ تائين پھتو ۽ وڻ جي اوٽ وٺي بيھي رھيو. جتان ھن تي ڪنھن جي به نظر نٿي پئي، ھاڻ ھن کي انتظار ھو ته اھو پوڙھو جيڪو ھن ڪالھ ڏٺو ھو. ڪھڙي وقت واپس ٿو اچي، ھن جي نظر انھيِ ڪوٺڙيءَ جي دروازي تي ڄميل ھئي ته ھي ڪنهن وقت کُلندو، ۽ پاڻ انھيءَ مھل ڦڙتيءَ ۾ ايندو. اڃا پاڻ اھو سوچي رھيو ھو ته اھو ئي پوڙھو ٿيلھو ھٿ ۾ کڻي دروازي جو تالو کولي رھيو ھو. ھن پنهنجو ساھ دُرست ڪيو ۽ وٺي ان طرف ڊوڙ پاتي، جيئن ھن پوڙھي کان ٿيلھو ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، ھو به شايد اڳواٽ انھيءَ حملي لاءِ تيار ھو، جيئن باغي ھن جي ويجھو پھتو. پوڙھي ھن کي ٽنگڙاٽي ڏئي ڪمري جي دروازي کان اندر وڃي کٽ تي ڪِرايو، رسو به تيار پيو ھو، دير اصل نه ڪائينس کَٽ سان ٻڌي ڇڏيائينس پوءِ آرام سان سندس ڀرسان ڪُرسي تي چڙھي ويھي رھيو ۽ سگريٽ دُکائيندي پڇا ڳاڇا شروع ڪائينس: ”ٻڌاءِ ڪير آھين! ”مان ھرگز چور نه آھيان، مون کي ھتي مجبوري کڻي آئي آھي. مان ڪجھ ڏينهن کان ڏسان پيو ته تو وٽ ھڪ ٿيلھو آھي، جيڪو تون کڻي گھمندو وتين، مون کي پڪ آھي ته انھيءَ ۾ وڏي رقم آھي، سو مون تو کان اُھا رقم کسڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، بس اھا حقيقت آھي. پوڙھو کِلندي :”اڇا ته اھا ڳالھ آھي پوءِ تو کي اھا رقم ضرور ڏيکارجي. پوڙھي ٿيلھو کولي سندس اڳيان ڪندي: ”ھيءَ رقم اٿئي ۽ توکي ضرورت به آھي! باغي ڏٺو ته ان ۾ رقم ته نه ھئي پر صرف ڪاغذن جي دستن سان ڀريل ھڪ ٿيلھو ھو. پوڙھي پنھنجي ڳالھ جاري رکندي:”ھي ھڪ ناول اٿئي، جنهن کي آئون گھڻن ڏينھن کان ڇپائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان، پر ناڪام ٿو وڃا. جنھن به پبليشر وٽ کڻي ٿو وڃا، اھو چوي ٿو ته ھن جي پڇاڙي سُٺي نه لکي اٿئي، سو مان روز اھي پنهنجي ناول جا ڪاڳر ٿيلھي ۾ کڻي نڪرندو آھيان، جنھن کي تو ڏوڪڙَن جو ٿيلھو سمجھيو آھي. باغي حيران ٿيندي: ”انهيءَ جو مطلب آھي تون ھڪ اديب آھين! پوڙھي لاپرواھي ۾ چيو: ”ھا پر اھو اديب جيڪو پنهنجا ڪتاب پاڻ لکندو ۽ پاڻ ئي پڙھندو آھي. ڇو جو مون وٽ ايترا ڏوڪڙ ڪونھن جو مان پاڻ پنهنجو ناول ڇپائي سگھان، انھيءَ ڪري مونکي اھڙي پبليشر جي ڳولھا آھي، جيڪو پنهنجي سِر پاڻ اھو ذمو کڻي، پر ھر ڪو ڪا نه ڪا چُڪ ناول مان ڪڍي مونکي ٽاري ڇڏي ٿو. اڪثر مان پنهنجو ڪتاب روز اڪيلو پاڻ پڙھندو آھيان، ته ھن ۾ ڪٿي ڪھڙي غلطي آھي. پنج سئو صفحن تي ٻَڌل ھي ھڪ سماجي ناول آھي ۽ نالو اٿس ”زھر جي پُڙي“ ان کان پوءِ منهنجي اھا به خوش نصيبي آھي ته تون به ھتي موجود آھين، مان توکي نه ته مار ڏيندس نه توکي پوليس جي حوالي ڪندس صرف توکي پنهنجو ناول سڄو پڙھي ٻُڌائيندس. باغي ھڪدم گھٻراھٽ ۾ چيو: ”نه سائين توھان جو جيترو دل چاھي مونکي ماريو پر ناول! باغي جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو. پوڙھو کِلندي: ”ھاڻ تون انھيءَ ڳالھ کي پنهنجي خوش نصيبي سمجھين يا بد نصيبي يا کڻي سزا ڪري سمجھين پر ناول ته منهنجو توکي ٻُڌڻو ئي پوندو. باغي تڪڙ ۾ چيو: ”سائين ڀلا ناول مون کي ڏيئي ڇڏيو، آئون پاڻھين گھر پڙھي توھان کي پوءِ واپس ڏئي ويندس. پوڙھو وڏو ٽھڪ ڏيندي : ”مطلب ته آئون ناول به توکي ڏئي ڇڏيان ۽ توکي آزاد به ڪري ڇڏيان، تون منهنجي سالن جي ڪاوش، تخليق کڻي ڀڄي وڃين! وري منهنجو ناول ڪنهن ادبي قزاق کي سستي اگھ ۾ وڪڻي ڇڏين، ان جو ادب جي دنيا ۾ نالو ٿي وڃي ۽ آئون جھڙو آھيان تھڙو ئي سڄي عمر رھجي وڃا! ”پوءِ ڀلا مون کي ھتي ئي ناول ڏيو مان دل ۾ ئي پڙھي ٿو وٺان، توھين به آرام ڪريو مان جيستائين ناول پورو ڪري وٺندس. ”واه واه! تون مون کي پبليشرن وانگر بيوقوف ٿو سمجھين، دل ۾ ناول پڙھندي! مونکي ڪھڙي خبر ته، تون پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو آھين به يا نه، ان کان علاوه ھن ۾ گھڻا ڏُکيا لفظ پڻ آھن، توکي اھي سمجھ ۾ نه آيا ته پوءِ! وقت اجايو ڄڻ برباد ٿيندو ٻيو ڇا ! ھڪ ته منھنجي کَٽ اجايو سيڙايو پيو آھين، ٻيو منھنجو ناول به نه پڙھين ته ٻڌاءِ مون کي ڪھڙو فائدو! ”مون تنهنجي کَٽَ ڪٿان سيڙائي آھي، تو پاڻ مون کي ھتي ٻَڌي سوگھو ڪيو آھي! ”جيڪر تون ايتري دير مون سان بحث نه ڪرين ھا ته ھن وقت تائين ناول جا چڱا صفحا ٻُڌي وڃي ھا. باغي چـڱو تون مون کي مختصر طور تي بغير پڙھڻ جي پنهنجي ناول جي ڪھاڻي ٻُڌائي. ”ھا ائين صحيح آھي ته ھاڻ ٻُڌ ”ناول زھر جي پُڙي“ ھڪ سماجي ناول آھي، ھڪ عورت جو ھن ناول ۾ اھم ڪردار يا ائين کڻي چئو ته مرڪزي ڪردار آھي. جيڪا دراصل پُوري زھر جي پُڙي جي مثل ھئي، ھن پنھنجي اوڙي پاڙي کي اھڙو ته تنگ ڪيو ھو جو ھر ڪو صبح شام ھن جي موت لاءِ دُعا پيو گھرندو ھو، ته اھا مئي مري ته ڪا جان ڇُٽي يا چوندا ھئا، اھا مائي دفع ٿئي ته ڪا جان ڇُٽي پراھي پِٽون کيس دعائون بڻجي لڳنديون رھيون. ھوءَ اڳيان کان پُٺيان تائين صحت مند تواني ٿيندي وئي ۽ پاڙي وارا ويچارا ڏينھون ڏينھن صابڻ وانگر ڳرندا ويا. ھيءَ خير سان ڏاڏيءَ به بڻجي ويئي، پر ھن جي روش ۾ ڪو فرق نه آيو جھيڙا فساد ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ھن جو خاص ۽ دلچسپ مشغلو ھو. خير سان سندس ھيرو به گھڻا ھئا. اھي مُڙس ٻين زالن جا ھئا پر چاھيندڙ ھن جا ھئا، ھنن جون زالون ويچاريون پنهنجن مُڙسن کي ھن کان بچائڻ لاءِ ”مُڙس بچايو تنظم “ جون ميمبر ٿي چڪيون ھيون. ھن وٽ ميلا ملاکڙا به جام لڳندا ھئا، لائوڊ دھل دمام وڄائي اصل ماڻھن جو سُک برباد ڪري ڇڏيو ھئائين، پر جيڪو ڪُڇي سو ڄڻ ڪافر جھوني ڊگھو ساھ کنيو. باغي ڪنجھندي چيو : ”توھان پي.ايڇ .ڊي ڇونٿا ڪري ڇڏيو! پوڙھو وائڙن وانگر کيس ڏسڻ لڳو ۽ رڙ ڪندي: ”پر ڇو ڇا جي لاءِ! باغي ڊڄندي: ”ائين ئي........... پوڙھو ڪاوڙ ۾: ”پر اھا ته ڪا ڳالھ نه ٿي، توکي اھو ٻُڌائڻو ئي پوندو ته اھا سوچ تنهنجي دماغ ۾ آئي ڪيئن! انھيءَ جو مطلب ته تون منهنجو ناول غور سان نه ٻُڌي رھيو آھين ۽ ڳالھ کي مٽائڻ پيو چاھين! اڃا مس پنج صفحه به نه ٿيا آھن ۽ تون مون کي پي.ايڇ .ڊي ڪرڻ جي صلاح پيو ڏين! ”مون ته انهيءَ لاءِ چيو جو توھان جي سماجيات تي سُٺي نظر آھي ۽ توھان ان ۾ ڊاڪٽر ٿي سگھو ٿا. پوڙھي ڪاوڙ ۾ کيس ڏسندي :”اڙي پي.ايڇ .ڊي نئين روشني اسڪول مان فري ۾ ٿيندي آھي ڇا! ۽ ھاڻ ھيءَ منهنجي عمر پڙھڻ جي نه پر ڪڙھڻ جي آھي ۽ تون ڄاڻين ٿو، ڇپائي مان ھي ناول نٿو سگھان ته پي.ايڇ .ڊي لاءِ فيس ڪٿان آڻيندس! پوڙھو پنهنجي عينڪ کي نڪ تي دُرست ڪندي: ”تون مون کي سُڃاڻي ٿو! تو پھريان ڪٿي مون کي ڏٺو آھي! باغي ھٻڪندي:” نه سائين نه. پوڙھو ڪاوڙ مان: ”ته پوءِ توکي ڪھڙي خبر ته منهنجي تعليم ڪيتري آھي! باغي پنهنجي مُنھن کي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪندي: ”سائين مُنهن ۾ ٿُڪون ته نه ھڻون ۽ مھرباني ڪري ھاڻ مون کي کولي ڇڏيو آئون واعدو ٿو ڪريان ته ڀڄي نه ويندس، پورو ناول ٻُڌندس ڇو جو ڏاڍو دلچسپ آھي. پوڙھي پنھنجي گنج کي پيار سان کنندي: ”يار ھڪ ڳالھ ٻُڌ ھوڏانھن مان ڳالھايان ٿو ته تون چوين ٿو، مان توکي مُنهن ۾ ٿُڪون ٿو ھڻان، وري چوين ٿو ته توھان جو ناول تمام سُٺو آھي ته چريا اھي ٿُڪون به ته انھن مٺڙن لفظن جون ڄڻ ته توکي چُميون آھن! باغي گھٻرائيندي: ”نه سائين نه اھڙيون چُميون مون کي نه کپن جن جي ڪري مون کي مُنھن تي وري ڦُرڙيھون نڪري پون. پوڙھي پنهنجي ڪياڙي کَنندي ناول جو اھوصفحو ڳولڻ لڳو جيستائين ھن پڙھيو ھو ۽ باغي کي پاڻ ڏانھن متوجھ رکڻ لاءِ چيائين: ”مقصد ته منهنجو ناول مڙئي چـڱو آھي پرآئون توکي نٿو وڻان! باغي کيس غور سان ڏسندي: ”انھي لاءِ اھا شرط لازم ناھي ته جنھن کي توھان جو ناول وڻي، ان کي توھان به وڻون، ڇو جو ھڪ ته مائٽن توھان جي مٿي کي ننڍ پڻ ۾ ايترو ويھاريو آھي، جو ھاڻ لڳي ٿو ته اھي رت جون وارَ نليون به چپجي ويون اَٿَوَ، جيڪي عقل شريف سان تعلق رکن ٿيون. پوڙھو ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿيندي: ”خبردار جو ھاڻ تو ھڪ به لفظ منھنجي خلاف ڳالھايو، توکي شرم نٿو اچي تون منهنجي اَڇَن وارن جو به خيال نٿو ڪرين. باغي مُرڪندي: ”مٿو ته توھان جو فٽبال جو گرائونڊ لڳو پيو آھي، باقي وڃي بچي اَٿَوَ جھالر! پر اھي ڪياڙيءَ تي وڏا آَڇا وارَ رکڻ ڏاھپ جي علامت نه آھن، قميص جي ڪالر ڪاري ڪرڻ جي علامت آھن يا ڳِجھ جھڙي ڳچيءَ لِڪائڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش آھي! ھاڻ پوڙھي اديب جي وات مان ڄڻ ڪاوڙ ۾ گِجي نڪري رھي ھئي، سندس واڇون جيڪي اڳ ۾ پَچَيل ھيون، سي گِجي سان ڀرجي ويون ۽ سندس اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون. پاڻ ڪُرسي تان اُٿي بيھي رھيو ۽ باغي جي کَٽَ جي چوڌاري چڪر ھڻڻ لڳو. باغي کي اچي ڊپ ورايو چڙ ۾ لفظ چئي ته ويٺو پر ھاڻ سوچي رھيو ھو ته تمام وڏي غلطي ڪري ويٺو ھو. نيٺ دل ٻَڌي وري مخاطب ٿيس: ”سائين مون کي معاف ڪجو جيڪڏھن منهنجي لفظن سان توھان جو دل ڏُکيو ھجي. پوڙھو ھڪدم بيھ رھيو ڏند ڪُرٽيندي: ”تو منهنجو رڳو دل نه ڏُکايو آھي پر تو ته منهنجو اندر ساڙي ڇڏيو آھي، دل پيو چوي ته توکي به ماري ڇڏيان ۽ آئون به خاموشي سان ھيءَ جھان ڇڏي ھليو وڃان پر پر...... منهنجي ناول جو ڇا ٿيندو! باغي سُر ۾ سُر ملائيندي: ”جي ائين ئي جذباتي ٿيندا رھيا ته نه توھان جو مان بھترين ناول خود توھان جي واتان ٻُڌي سگھندس نه ڪڏھن اھو ناول ڇپجندو، ڇو جو توھان کي نه ته مون تي اعتبار آھي نه ئي توھان کي پنهنجي لکڻيءَ تي! پوڙھي کيس غور سان ڏسندي: ”تون آخر ڇا ٿو چوڻ چاھين! مونکي سمجھ ۾ تنهنجي ڳالھ نه آئي! ”منهنجو مطلب آھي ته جيڪڏھن توھان کي پنهنجي لکڻيءَ تي اعتبار آھي ته توھان جو ناول دلچسپ آھي ته مون کي کولي ڇڏيو، جي واقعي توھان جو ناول دلچسپ ھوندو ته مان ڪڏھن نه ڀڄندس پاڻ توھان کان ورائي ورائي پيو پڇندس ته پوءِ ڇا ٿيو! ھاڻ ڇا ٿيندو! پوڙھي اديب کي اھا ڳالھ دل سان لڳي ۽ کيس اھا به ڳالھ ذھن ۾ ھئي ته ڪجھ دير اڳ ۾ ھن پاپي، ناول جي ڪجھ صفحن ٻُڌڻ کان پوءِ تعريف ڪئي ھئائين، سو دير نه ڪيائين ۽ کيس آزاد ڪري ڇڏيائين. باغي کي جيئن موقعو مليو ٽپ ڏئي اُٿيو، پوڙھي کي کنبڙاٽين کان وٺي کَٽَ تي سوگھو ڪيائينس ۽ رسي سان ٻَڌي ڇڏيائينس. پوڙھو رڙيون ڪندو رھيو ته اھا سراسر غداري آھي بي ايماني آھي، پر باغي ھڪ نه ٻُڌس، وري مٿان چڙھي ڇاتيءَ تي ويٺس، پوڙھي جو ساھ مُنجھڻ لڳو رڙ ڪندي چيايائين: ”نڀاڳا مان تنھنجي ڇاتي تي چڙھي ويٺو ھئس! جو تون مونسان ائين ڪري رھيو آھين ! باغي کيس اک ڏيکاريندي: ”ھاڻ خاموشي سان منهنجي ڳالھ ٻُڌ. ھن پنهنجي وَرَ ۾ ھٿ وجھندي ان مان ھڪ ڪاڳرن جو دستو ڪڍيو ۽ چيائين:”پوڙھا ھاڻ تون منهنجي واتان منهنجي شاعري جو ديوان ٻُڌندي. پوڙھو وڏي آواز ۾ دانھن ڪندي: ”مطلب تون به..! ھڪ ناڪام شاعر .! نه خدا جي واسطي نه اھو ظلم آھي. باغي پنھنجو ڪلام جيئن پڙھڻ شروع ڪيو تيستائين پوڙھو بيھوش ٿي چڪو ھو.