• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کلندي رهي سنڌ سدا۔

حاڪم

سينيئر رڪن
1، جج (چور کي)اڙي تو هڪ ئي رات چئن گھرن ۾ چوري ڪئي آهي.
چور: هائو سائين مان ننڍي هوندي کان ئي محنتي آهيان.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
2، هڪ همراه ٻي همراه کي: يار منهنجي مينهن سڪو گاه ڪونه ٿي کائي.
· ٻيو همراه: يار پو سائي رنگ جو چشمو پارايس سڪي گاه کي سائو سمجهي کائي ويندي ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

3، هڪ سياستدان اسپتال جي ورانڊي مان اچي رهيو هو ته نرس اچي کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته اوهانکي ٻه جاڙا پٽ ڄاوا آهن.
سياستدان عادت مطابق خيالن ۾ گم هو سو تڪڙ ۾ چيائين ”ائين ڪونه ٿو ٿي سگهي اها ڌانڌلي ٿي آهي.“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
4، مڙس زال کي: مون تو لاءِ آمريڪا مان هڪ تحفو آندو هيو پر مونکان اهو جهاز مان ڪري پيو.
زال: مزو تڏهن اچي جڏهن مئا تون به ان جهاز مان ڪري پوي هان.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

5، · استاد شاگرد کي: تون ايترو گندو ڇو آهين،جڏهن ته توکي خبر آهي ته گندگي صحت جي دشمن آهي.
شاگرد: سائين اوهان ئي ته چيو هو ته دشمن سان به پيار ڪجي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

حاڪم علي ڪنڀر
 
جواب: کلندي رهي سنڌ سدا۔

يار حاڪم! اڄ تو ايترا موضوع موڪليا آهن جو انهن کي پڙهڻ لئه يا ته ڪجهه ڏينهن جي موڪل ڪرڻي پوندي ۽ دروازي جي ٻاهران ” فارغ ناهيان“ جي تختي لڳائي ويهڻو پوندو ۔۔۔

اوهانجا سڀ ليک اکين تي پر اوهانجي ليکن تي نه ته ڪو حوالو آهي نه ئي ليکڪ جي ڪا خبر، اوهان جهڙي نموني ليک موڪليا آهن ان مان لڳي ٿو ته اوهان ادب، تاريخ ۽ تصوف سان چاهه رکوٿا انڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوهان علمي ماڻهون آهيو، ۽ علمي ماڻهونءَ جي حيثيت سان اوهانکي اها خبر به هوندي آهي ته ڪو به ليک يا مقالو جڏهن ٻين ماڻهن سان ونڊ ڪبوآهي ته انجو حوالو ڏيڻ ضروري هوندو آهي ۔۔
 
يار ابڙا ڏاڍي پيو ٻُڌائين ، حاڪمن کي ڪي به ميارون ڪونه ڏبيون، حاڪم حاڪم ئي هوندا آهن، غريب عوام صرف حاڪمن کي ٻُڌي سگهي ٿي، حاڪمن جي ڀوڳن تي کلي سگهي ٿِي، اهو ته ڏس نه ادا حاڪم ڪيترا نه خوبصورت کوڙ سارا ڀوڳ ونڊيا آهن، هونئن به نثارن جا ڪم صرف قربان ٿيڻ آهن، سو ادا حاڪم جا ڀوڳ پڙهي کلي پئو۔
 
جواب: کلندي رهي سنڌ سدا۔

ادا حاڪم اوهان جي هي ڪوشش لاجواب آهي۔۔ ماڻهن جي چهري تي مرڪون وکيرڻ‌ثواب جو ڪم آهي۔۔
 
جواب: کلندي رهي سنڌ سدا۔

ادا حاڪم اوهان جي هي ڪوشش لاجواب آهي۔۔ ماڻهن جي چهري تي مرڪون وکيرڻ‌ثواب جو ڪم آهي۔۔

ادا حاڪم ،

اها حقيقت اٿئي جڏهن نرس ۽ سياستدان وارو لطيفو پڙهيم يقين ڪري اصل کلي کلي ڪري کيرو ٿئي ويس

بهترين ڪوششون آهن توهان جون فورم لا۽ ، اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: کلندي رهي سنڌ سدا۔

ادا توهان سڀني جي مهرباني ۔
جو توهان مونکي ايڌو داد ڌنو
بقي ادا نثار جي مهرباني مان ٻيهر ڪوشس ڪندس ت اوهان کي شڪايت ن ٿيئ۔
 
Back
Top