کير وارو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪاٺ جي پراڻي ٽڙڪيل در وٽ ننڍڙو اگهاڙو ڇوڪرو بيٺو،رستي تان گذرندڙ سائيڪلن،موٽرسائيڪلن،ٽانگن، گڏهه گاڏن۽ ڊاٽسنن کي ڏسي رهيو آهي،هڪ کير واروموٽرسائيڪل تي رکيل کير جي دٻن سوڌواچي در وٽ بيٺو،کير جي هڪڙي دٻي جو منهن کولي دٻي تي کڙِڪائڻ لڳو،وري موٽر سائيڪل جو هارون وڄائڻ لڳو،ننڍڙواگهاڙو ڇوڪرو ڊڪندو گهر هليو ويو،ڪجهه لمحن ۾ هڪڙي مائي کير جي چوءنري کڻي ٻاهر نڪري آئي.

    ”آ ابا کير وٺ!“

    ”گهڻو آهي امان؟“

    ”پٽ! لوٽو ڪونه آندو اٿئي ڇا“

    ”آندو آهي ........پر تنهنجي زبان تي پڪ اٿم،جيترو چوندينءَ ايترو ئي هوندو.“

    ساڍا چار ڪلو آهي چوءنرئ جي ماپ مطابق.“

    امان تنهنجي مال جو کير سچو ملندو آهي،تڏهن ته مان ميٽر به ڪونه هڻندو آهيان.“

    اَبا کير جي تاريف(تعريف)ته ڪندو آهين پر ڪڏهن اگهه ته مٿي ڪونه ڏنو اٿئي!“

    امان خبر ٿيءِ ته پيٽرول مهانگو ٿي ويوآهي.اهو نڌڻڪو چڙهيو ڄڻ هر مصنوعي ٺهيل شيءِ چڙهي ويندي.“

    ها ابا ٻي شيءِ چڙِهي ويندي،رڳوکير جو اگهه نه ٿيندو،.....!ان اگهه مان مينهن جي ڪٽي به نه ٿي ملي.“

    امان هاڻي سسٽم ئي بدلجي ويو آهي،اڳي سيٺيون ڪچو کير ڀرائيءَ تي وٺندا هئا ۽اهو وري برف شاپ ۾ رکي ڄمائي برف ڪري ڪراچي کڻي ويندا هئا،پر هاڻي سسٽم مٽجي ويو آهي هاڻي کير مائي جي بٺيءَ تي ڏيندا آهيون،

    جتي”دودهه ڪا دودهه ۽پاني ڪا پاني“ظاهر ٿي پوندو آهي .کير نجو هوندو ته ”واڌائي“ پوري لهندي ۽ جي کير ۾ پاڻي هوندو ته”واڌائي“گهٽ لهندي۽”واڌائي “گهٽ لٿي ته سيٺ اوترو کير ڪٽ ڪندو آهي“

    پر ابا منهنجي کير ۾ ته پاڻي ڪونه هوندو آهي.“

    ”امڙ تنهنجو کير ته نجو آهي پر تنهنجي ڳوٺ وارو شاهه آهي نه، ان جوکيرمڙئي جهارو ملندو آهي“

    ابا ٿورو آهستي ڳالهاءِ!پاڙي وارا ماڇي مريد اٿس“

    اهڙن پيرن جي پٺيان لڳا ته پلصراط کان اڳي ڇڏي ويندن ابا کير لکي چڏيئ.........؟

    هائو امڙ.....؟

    کير وارو اسڪوٽر تي چڙهي ٻئي در تي بريڪ ڏني هارون وڄايائين۽پوءِ لوٽو کڻي کير جي ڌٻي تي کڙڪائڻ لڳواو پٽ اڄ مينهن ناهي مڙي ......کير ڪونهي ڪو!.کير ڪونهي ته پاڻي ئي آڻي ڏي!.

    هائو پٽ!آڻيان ٿي .“

    ڪجهه لمحن ۾ پوڙهي گلاس پاڻي جو ڀري آئي کير واري کي ڏيندي چيائين .

    پٽ پئسا آندا اٿيئ...؟مينهن بيمار ٿي پيئ آهي ان ڪري ٽئين ڏينهن کان مڙي نٿي.“

    پئسا پهرين تاريخ ملندا ته ڏيندو سانو!.

    کير وارو پاڻي پئي خالي گلاس پوڙهي ڏانهن وڌائيندي چوڻ لڳو.

    ڪِڪِ لڳائي گيئر اڳتي ڪري ايڪسيليٽر کي چوريائين ته اسڪوٽر اڳتي وڌي ويو.

    کير واري ماڇين جي در آڏو بريڪ تي لت ڏئي،لوٽو کڙڪايائين ته همراهه وڏي چوءنري کير جي ڀري کڻي آيو کير واروآڏو کيسي مان کير ۾ پاڻي ماپڻ وارو اوزار”ليڪٽوميٽر“ڪڍڻ لڳو.

    علڻ!اڄ ڀلا تڪڙو کير کڻي آئين،”وارڌات“اڳ۾ ئي ڪري ڇڏي هئيءَ ڇا؟.

    اڄ مينهن سوير مڙي هئي،ڪنڍي ڀٽاري آهي.

    علڻ تنهنجي گهران کير نجو نٿوملي!؟

    ڀائو!لعنت ڪريس.....آگهار ساگهار کانسواءِ حرام ٿئي.

    کير وارو،ليڪٽو ميٽر پنج سيرن واري کير جي چوءنري ۾ آهستي آهستي وجهڻ لڳو،ليڪٽو ميٽر ٻڏي ويو فقط چوٽي ظاهر ٿيڻ لڳس.

    مار پوي علڻ.هي ڏس هڪ حصوکير ته ٽي حصا پاڻي.!

    ڀائو ميٽر خراب هوندئي.اسان کي چوءنري جي اگهار کانسواءِ حرام آ.........!

    علڻ کير جا پئسا وٺندو آهين ته کير ڏي....باقي سڀاڻي ههڙو کير مان نه کڻندو سانئه...!

    کير وارو علڻ جو کير ڌٻي ۾ وجهي اڳتي هليو،موڙ وٽان لڙي اندر رخ رکيائين.گهٽيءَ ۾ هڪ در اهڙو به هو جتي هن سان عجيب ڳالهه ٿي هئي هڪ ڏينهن جڏهن کير کڻڻ آيو هو ته انهي در وٽ بيٺل همراهه هن کي چيوهو.

    او ادا کير وارا بيهه ته ....!

    هن بريڪ تي زور ڏنو هو در وارو همراهه ڀرسان آيو هوس

    مينهن نه ٿي مڙي ....سئي هڻي ڏي گهر هلي اچ کير وارو موٽر سائيڪل بيهاري ۽هن سان گڏ هليو ويوگهر اندر گهڙي همراه هن کي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي وڃڻ لڳومينهن جي کير لاهڻ وري سئي اندر ڪوٺيءَ ڏي پيئ آهي مونکي سڄاڻڻ ۾ ناهي ايندي

    تون هلي کڻ.!مونکي خبرآهي آڪسيٽوسن لڳندي آهي !کير واري ٻڌايس.همراهه هن کي ڪمري جو در ٽپڻ لاءِ چيو،کير وارو جيئن ئي اندر گهريو،پويان همراهه در ٻاهران بند ڪيوکير وارو حيران پريشان ٿي ويو ڪوٺيءَ ۾ ڏينهن وري اونداهي هئي هن پوئتي نهاريو،کٽ تي ڪا ڇوڪري ويٺي هئي هن کي ڳالهه ڪجهه ڪجهه سجهه ۾ ويٺي .

    ڇوڪري ٽامڻي هنيل چهري سان هن ڏي نهاريوهيءُ هن ڳجهارت ۾ گم هو،ڇوڪري هن جي ڀرسان آئي ”اِهو بيغرت منهنجو مڙس آهي مونکان زوريءَ ”ڌنڌو“ ڪرائڻ چاهي ٿو

    ڇوڪري هن جي اڳيان اچي چيو مان هن حرامي جي نشي لاءِ پئسا ڪٿان آڻيان.!

    ته پوءِ تون ڇڏي ڇونٿي ڏينس؟

    نه اوهي نه واهي،نڌڻڪي آهيانئ!

    پوءِ ڇا تون هن ڪم ۾ خوش آهين!؟

    سرڪار!ڀلا ڪا حوا جي ڌيءُ مٿي جو لٽو لهرائڻ ۾ خوش هوندي آهي ؟

    ڇڱوڀلا!هي ٻه ٽي روپيه وٺ مڙسهين کي نشي لاءِ ڏي ۽ مونکان هٿ ڪڍو.“

    سوڙهي گهٽيءَمان سامهون ايندر گڏهه گاڏي واري کير واري کي هڪل ڪئي ،جيڪو دَرَڪهاڻيءَ ۾ گم سم ٿي موٽر سائيڪل هلائيندو پئي آيو.کير وارو حال ۾ پهتو.موٽر سائيڪل کي شاهه جي گهر دَرَ جي اڳيان بيهاري هيٺ لٿو،شاهه صاحب اوچتو ئي گهران نڪري آيو هو کير واري کي ڏسي کير کڻڻ ويو.ڪجهه منٽن کان پوءِ کير جي چوءنري کڻي ٻاهر نڪتو

    چئين سيرن جي کير جي چوءنري وٺ ته مان ٻئي چوءنري کڻي اچان شاهه کير واري کي چئي واپس گهر ڏي هليو ويو کير واري کير جي چوءنري موٽرسائيڪل تي رکي،هڪ هٿ سان هن کي جهليو ٻئي هٿ سان کيسي مان ليڪٽو ميٽر ڪڍيو کير جي چوءنريءَ ۾ ليڪٽو ميٽر وڌائين ليڪٽو ميٽر ٻڏي ويو فقط چوٽي ظاهر ٿيڻ لڳس ،شاهه به گهران چوءنري کڻي نڪري آيو ٻئي چوءنري به کير واري کي ڏيندي چيائين ڀائڙا!چار ۽ ٽي ست ڪلو کير ٿيو اٿئي،

    شاهه صاحب اوهان جون گڻيون مينهيون آهن.!مينهون!هڪڙي مينهن آهي ڪنڊي ڀٽاري!ماڇي فقير مريد آهي انهن ڏن ۾ ڏني هئي سائين مينهن کير گهڻو ڏيندي آهي؟

    اڳي ته ٻه ڪلو ڏيندي هئي،هاڻي اسان جي دعائن جي برڪت سان ست ڪلو ڏيندي آهي.

    پڪا ست ڪلو؟!

    ها،پڪا ست ڪلو!اهو اسان جي دعائن جي برڪتن جي ڪري آهي.تون به چوءُته تنهنجي دٻن تي دعا پڙهان،تنهجا اِهي کير جا دٻا ساري عمر خالي نه ٿين !.

    قبلا منهنجي کير جا دٻا هاڻي به خالي ناهن رهندا.“

    ......ته پوءِ اڃان به سوائي برڪت ٿيندئي.

    قبلا سائين اِها”سوائي برڪت“اوهان ۽ماڇي فقيرن کي الله بخشي ڏي شاهه صاحب هڪڙي ڳالهه چوانو دل ۾ ته نه ڪندوء...؟

    نه ڀائرا نه !ڀلا مريدن جي ڳالهه دل ۾ ڪبي آ!

    کير واري کير جا دٻا بند ڪيا موٽر سائيڪل تي چڙهي ويٺو،ڪِڪِ لڳائي، گاڏيءَ جو تيل وڌايائين گيئر اڳتي وڌائي ۽ ڪلچ کي پڪڙي شاهه کي ڏٺائين.

    قبلا اها سوائي برڪت اسان جو سر کڻندي باقي هڪ ڳالهه پڪي آهي ته جيڪڏهن اوهان جهڙا شاهه هوندا ته مريد به ماڇي هوندن.



    کير واري ڪلچ کي ڍرو ڪيو، موٽر سائيڪل اڳتي رڙهي وئي پويان شاهه صاحب موٽر سائيڪل جي ڌڌڙ کي تڪيندو رهجي ويو.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: کير وارو

    هي افسانوي ڪهاڻي به ٺاهوڪي آهي، سماج ۾ ٿيندڙ بي ايمانيءَ جو ذڪر کليل ۽ آسان لفظن ۾ ٿيل آهي، جنهن ۾ ڏسڻا وائسڻا ماڻهون به شامل آهن ۔۔۔

    الاهي عذاب آيو هو ان قوم تي جنهن قوم تور تڪ ۾ خيانت ڪئي هئي، رب العالمين ان قوم کي ڪڏهن به اعلا منزلن تي نه پهچائيندو جنهن قوم جي تورتڪ ۾ کوٽي هوندي ۔۔۔ بلڪ رب ان قوم کي غرق ڪري ڇڏيندو آهي ۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر اهو ئي چئبو ته ڪهاڻي ته پنهنجي جاءِ تي پر ليکڪ جو نه اتو نه پتو، ڪنهن ڪهاڻي لکي آهي انجي خبر ئي نه پئي ۔۔۔؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو