صحرا جا خواب

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    رڻ کي ريڍار ڇڏي ويا هئا، رڻ اٻاڻڪو هو،رڻ جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. رڻ جو بدن ٿوهارجي چڪو هو.رڻ جي اڪيلائي ڏسي ٿوهر روئي رهيا هئا. رڻ جي ننڊ ڦٽل هئي، رڻ ريڍار لاءِ ٻاڪي رهيو هو. تڙپي رهيو هو پر هن جي خشڪيل نڙئَ جي اڃ اجهائڻ وارو ڪوبه نه هو.

    هڪ لڱي هڪ گس ڀليل واٽهڙو رڻ جي ريتئَ سان مليو. ان دفعي رڻ سرهو هو ريڍار جي سڪ لهي وئي. واٽهڙو کي ريڍار سمجهي ٻکجي ويو، واٽهڙو هڪو ٻڪو ٿي ويو، واٽهڙو جي زنگي ۾ هڪ نئون موڙ هو. واٽهڙو ڪنهن لمحي صفا هلڪو ٿي هوا ۾ اڏامي رهيو هو ۽ ڪنهن لمحي صفا ڳرو بڻجي واريءَ ۾ دٻجندي ٿي ويو.

    واٽهڙو جي ڪلهن تي بار وڌي رهيو هو،هن جي چيلهه چٻي ٿي رهي هئي، هن جي ڇاتئَ کي زمين ڇڪي رهي هئي، ڪشش ثقل.

    واٽهڙو جا عضوا هيٺ ڇڪجي رهيا هئا، بس هو جهڪندو رهيو...جهڪندو رهيو.

    سجاگي

    کٽ تي ستل منجهند جو هڪ ٽائيم، ڪمري ۾ در کليل، جوڻس اندر در ٽپي آئي هئي هٿ ۾ ماني هجيس ٿي ننڍڙو پٽهنس ڪڇ تي هجيس ٿو هن کي ڌونڌاڙي ٿي، هو گهري ننڊ ۾ هجي ٿو ماني ڀرسان واري کٽ تي رکي ٿي، ننڍڙي پٽهنس کي هن جي سيني ڀرسمهيل هجڻ ڪري، هن جي پٺئَ ويهاري ٿي، هو اٿڻ واري ڪري ٿو ته ننڍڙي کي کڻي ٻي کٽ تي ويهاري ٿي، رلي بدن تان هٽائي اٿي ويهي ٿو، جوڻس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي سڏڪو ڀري ٿي .

    هو منهن ڌوئڻ بنا هن جي روئڻهارڪي چهري ڏي نهاري ٿو. هوءَ ماني کڻي هن جي اڳيان رکي ٿي،هو پاڻئَ سان پهريائين منهن کي ڇنڊا هڻي ٿو،پوءِ ماني کڻي اڳيان رکي ٿو،گرهه ڀڃيندي هن ڏانهن نهاري ٿو. هن جون اکيون ڳاڙهيون آهن، تارا پاڻي ۾ ڀريل اٿس، فقط هڪ اوڇنگار جي دير هئس.

    ”ڳالهائين ڇونه ٿي گونگي! رڳو مسڪڻ ۾ پوري آهين؟!“

    هوءَ ڇلڪي پئي، پوتئَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي.

    ”تنهنجي مرضي آهي ته مان سڪون سان ٻه گرهه مانيءَ جا به نه کاوان!“

    هوءَ لڇندي ننڍري کي ڪڇ تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي

    فليش بئڪ

    گهرو جهڳڙا_ملڪيت جي ورهاست_ چاچي سان تڪرار_ ڀاڻس جو قتل ٿيڻ _ فيصلو_ عيوضي ۾ سڱ چٽي _ هن جي شادي _ ڇهن مهينن بعد شهر لڏي اچڻ _ گهر وارن کان ڌار_ خانگي نوڪري ٻن سالن جو عرصو گذرڻ.

    هوءَ چانهه کڻي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي، ننڍڙو ڪڇ تي هجيس ٿو.هن کي چانهه ڏئي ڀرسان واري کٽ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي ، هن جو سڏڪڻ سمجهي سگهيو پئي.

    هن ٿانوَ کڻي پنهنجي ڀرسان رکيا.

    ”آخر ٿيو ڇا هي ، مسڪڻي!؟ وات مان مڱ ڪڍندينءَ يا نه !“

    ”توکي ڇا هي، تون هوش ۾ هجين ته توکي خبر به پوئي!“

    ”وري ڪهڙا پور پيا اٿئي؟“

    ”سڄي رات ننڍڙي کي پيٽ ۾ سور هيو، نه پاڻ ستو نه مونکي ئي سمهڻ ڏنائين.“

    “گرائپ واٽر پيارينس ها !”

    ”گرائپ واٽر کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.“

    ”هن وڏي شهر ۾ ننڍي ۾ ننڍي ڊاڪٽر جي فيس به ٻه سئو روپيه آهي ۽ اسٽور جي دوا به هن کان الڳ آهي..“

    ”ته پوءِ ننڍڙو ڀلي جان تڙپي، ڦٿڪي.!“

    ”هتي جا ڊاڪٽر منهنجا ڏاڏي پوٽا ته نه آهن جو رحم کائي اوڌر تي دوا ڏيندا.“

    هن جو چهر ڪاراٽجي ويو، تڪڙ ۾ ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.

    ياد گيرو.

    2 ڏينهن اڳ _ آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ پنجابيءَ کي چيو هئائين.

    ”متين ڀائي!مان جڏهن به سمهي پوندو آهيان ته منهنجر خوابن ۾ بي سڪوني هوندي آهي هر وقت صحرا ۾ ڀٽڪندو وتندو آهيان. رڻ ۽ ريگستان منهنجا ساٿاري هجن، رڻ ئي رڻ هوندو آهي، منهنجي خوابن ۾.....“

    ”ڀلا ماضي ياد ايندو اٿئي ڇا؟“

    ”مون ماضئَ کي وساري ڇڏيو آهي ايترو جو مون پنهنجي ڳوٺ واري گهر جو ٻن سالن کان در به ناهي ڏٺو.“

    ”ته پوءِ ڪا گهرو پريشاني هوندئي!؟“

    ”ها يار ننڍڙو بيمار ٿو رهي سوچيان ٿو ته هن آچر تي آرام نه ڪريان ۽ کيس دوا لاءِ کڻي وڃان پر هڙ ۾ پئسا به ناهن........تون اگر پگهار تائين پنج سئو اڌار ڏين ته مهرباني ٿيندي.“

    ”مون وٽ آهن پر مان اڄ ڳوٺ ٿو وڃان هفتي کان پوءِ موٽندس.“

    ٻيڪڙيل در آهستي کليو.

    هوءَ ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي اندر ٽپي آئي،هن دفعي هن جو سڏڪڻ بند هو، اوجاڳي ۽ روئڻ جي ڪري اکيون ڳاڙهيون هيس، ڀرسان واري کٽ تي اچي ويهي رهي هن ڏي نهاري وري اکيون هيٺ ڪري ڇڏيائين، چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي بس ڪيائين.

    ”هون.....ها چئو ڇا ٿي چوڻ گهرين؟“

    ”سئوٽ تنهنجي پگهار اچڻ ۾ اڃان تيرنهن ڏينهن آهن، جي تون اجازت ڏي ته مان ڪجهه پئسا ”امان وارن“کان گهرائي وٺان.“

    هو چاچي وارن جو ذڪر ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو، لوندڙيون ڌوڻ لڳس جهٽ هڪڙيءَ ۾ نرڙ پگهرجي ويس.

    جنهن ماضيءَ کي هن وساري ڇڏيو هيو سو فليش بئڪ ٿي هن جي اڳيان جهٽڪا ڏيڻ لڳو.

    گهرو جڳهڙا، ملڪيت جي ورهاست،چاچي سان تڪرار، ڀاڻس جو قتل ٿيڻ ، فيصلو..........هن جي وجود اڳيان ڌماڪا ٿيڻ لڳا ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما کان به وڌيڪ ڌماڪا هن جي اکين اڳيان دونهون ئي دونهون هو، هوءَ جنهن ٻن سالن ۾ ڪڏهن به پيڪن جو نالو زبان تي نه آندو هو، اڄ انهن جو ذڪر ڪري ابع خطا ڀانئي رهي هئي، ڪنڌ شرمسارئَ کان جهڪي ويو هوس، همٿ نه پئي ٿيس جو مڙسنهس جي منهن ڏانهن نهار وجهي.

    خاموشي

    ڪجهه لمحن کانپوءِ

    ڪمري جي سانت

    سانت جو آواز_ ننڍڙي جو روئڻ هن جو گود ۾ ننڍڙي کي لڪائڻ.

    ”ڏس سئوٽِ ! تنهنجو منهنجو ڳانڍاپو هڪ دکدائڪ افسانو آهي، جنهن ۾ بيشمار غمن جون ڳنڍيون آهن ۽ جنهن جو ماضي هڪ المناڪ الميو آهي، هن ماضئَ جي سرچ لائيٽ کي ٻارڻ کان اڳ ايترو ضرور سوچجان ته هن جي روشني ۾ ڪيترا ئي لڪل ۽ اڻ ڏٺل منظر به ظاهر ٿي پوندا، هوءَ ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نهار مڙس تي وجهي ٿي.جتي کيس پٽ جو ڪفن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، وري هڪ نهار ننڍڙي پٽ تي وجهي ٿي، جيڪو سندس هنج ۾ بخار ۾ تپيل آهي هوءَ سڏڪندي چوي ٿي .

    ”مان ممتا کي ڪاڏي ڪريان ! جيڪا مونکي هڪ پل به ساهه پٽڻ نه ٿي ڏي.“

    ”........۽ مان حالتن هٿان مجبور آهيان، سئوٽ !مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيان، اڳيان اجرو پاڻي آهي ۽ پٺيان گٽر جو وهڪرو.....مان پوئتي لڙهڻ نه ٿو چاهيان.....نه ٿو چاهيان!!“

    هوءَ ٽاهڙ تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اٿي. ننڍڙي کي ڇاتيءَ سان ائين چنبڙائي ڇڏيائين ڄڻ ڪو کانئس ڦري رهيو هجي، ٻنهي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ سڪ ڪري، سسڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.

    هو ڪيترائي پَل مجسمي جيان ساڪن ويٺو رهيو، ڪمري ۾ خاموشي هئي، هو اٿيو هينگر ۾ ٽنگيل قميص جي کيس مان واليٽ ڪڍيائين، واليٽ مان ڊائيزِپام گورين جو پتو ڪڍي هڪ گوري بغير پاڻي جي ڳهي ورتائين.

    ڪجهه لمحن بعد

    هن کي خشڪيل نڙيءَ وارو پياسو ۽ اٻاڻڪو رڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو جنهن کي ريڍار ڇڏي ويا هئا،جتي هو روئندڙ ٿوهر کي پرچائڻ وڃي رهيو هو، پياسي رڻ جي اڃ اجهائڻ وڃي رهيو هو.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: صحرا جا خواب

    مهرباني ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو