”نالو ڇا اٿئي!؟“ ”ڇو، نه ٻڌائيندم؟!“ ”ٻڌاءِ........بابلا ضد نه ڪر!“ ”صفا نه ٻڌائيندم!“ ”ڀلا شناختي ڪارڊ کيسي ۾ اٿئي!؟“ ”ها آهي،ڇو؟؟“ ”چڱو ڀلا سڀاڻي تنهنجو نالو اخبار ۾ پڙهندس!“تنوير ٻاراڻو رانديڪو پستول سڌو ڪندي چيس. ” ٽ ٽ ٽنڊڻ نالو آ منهنجو!ٽنڊڻ پٽ کبڙ جو! کبڙ پٽ ڪرڙ جو،ڪرڙ پٽ ڪانڊيري جو.ڪانڊيرو پٽ الاءِ ڪنهنجو!!“ ”ٽنڊڻ دهشت ۾ پنهنجو مختصر تعرف ڪرايس. ”چاچو ڪاڪو سپاهي پيو اچي!!“ننڍڙي نومي پنهنجي چاچي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو. ”پٽ نومي!فلائيٽ ڪر،جيڪا هر مشڪل گهڙي ۾ ڪم ايندي آهي“. ٽنڊڻ ڏٺو ته هڪ ننڍڙو ۽ هڪ وڏو جهاز“ رن_ وي تي ڊوڙڻ لڳا. ”شڪر آ حساس ايريا مان ته نڪري آياسين!“ سٽڪو پنڌ جو اڳتي اچي تنوير، نوميءَ کي چيو. ”چاچو!هئين ڊورڻ کان ته ڀلو آ ته صبح جو جاگنگ ڪجي گهٽ ۾ گهٽ صحت ته سٺي رهندي....۽ ها مان ٻيهر ڪنهن به ايڊوينچر ۾ حصو نه وٺندس، توهان جي دوستي ڳوري آهي“. ”ڏس نومي!ويلنٽائين دي آهي سڀاڻي!مان تنهنجي ساٿ بنا ڪيئن ملهائي سگهندس !چڱو هاڻي ٻيهر اهڙو ايڊوينچر نه ڪنداسين جنهن ۾ جهاز ٿي ڊوڙڻو پوي........هاڻي ته خوش ٿئين؟!“ ”چاچو محبوبه نمبر ٻه جي قصي جي خبر وپويوَ!!؟ ”نه ڇا ٿيو آ هن جو!؟“ ”چاچو! توهان جيڪو بغير نالو لکي پريم پتر ڪاغذ جو جهاز بڻائي واري گهر ڏانهن اڏاري ڇڏيو هو، اهو وڃين ”نگو ايريا“ ۾ ڪريو،ڇو جو اهو محبوبه ٻه جي ڪمري بجاءِ ماڻس جي ڪمري ۾ وڃي ڪريو ۽ خبر اٿوَ!؟ ان ڏينهن کان پوءِ ماڻس هار سينگار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن!“ ”نومي! هن محبوبه نمبر ڇهه وارو قصو به هاڻي ختم سمجهه! جنهن پنهنجو نقاب پاتل فوٽو موڪليو هو ۽ حويليءَ جي ڀرسان جيڪا نيڪال واري ڪسي وهي ٿي، اُتي ملڻ جو چيو هئائين.ڪالهه رات جڏهن رات جي ڍنڍ ۾ ٻڏندو اُن ڪسئَ وٽ پهتس ته نم جي گهاٽي ڇانوَ جي پاڇي هيٺان هوءَ مون ڏي وڌي آئي هئي. ”تنوير مونکي سڃاڻي ٿو!!؟پڇيو هئائين. ”ها، تون هن حويليءَ واري سائينءَ جي وڏي ڌئُ قمرالنساء آهين!“ چيو هيم. ”تنوير!بابا پنج سال اڳ منهنجو حق بخشرائي ڇڏيو هو ۽ مان اٺن سالن کان پنهنجا جذبا ڪهي رهي آهيان، مان هاڻي هن ڪڌي رسم جو ڀرم نٿي رکي سگهان........ مونکي وٺي هل تنوير! مونکي ڀڄائي وٺي هل!“ مونتي زور رکندي چيوهئائين. ”نه مان ائين نه ٿو ڪري سگهان!“ انڪار ڪندي چيو هئم. ”ڏس تنوير توکي واسطو آ ان عورت جو جنهن توکي جنم ڏنو بس مونکي هتان وٺي هلُ، تون جنهن لاءِ چوندين مان ان سان به وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ هن واسطا ڏيندي چيو هئائين. ”چڱو مونکي سوچڻ لاءِ مهلت ڏي! پوءِ مان توکي ڪو جواب ڏئي سگهندس!“دلاسو ڏئي نڪري آيو هئس. ”چاچو ڪنهن کي ڌوڪي ۾ رکڻ چڱي ڳالهه ناهي!“ نومي تعجب کائيندي چيو. ”نومي توکي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ کپن!؟“ ”چاچو نيڪي ۽ پڇا!؟“ ”.........ته پوءِ هڪ نئين ايڊوينچر لاءِ تيار ٿي وڃ! ڏس سامهون ڪاڪو يعقوب ٿو اچي!“ تنوير ڪاڪي يعقوب سان ڀاڪر پائي مليو، کيس هڪ دڪان جي اڳيان پيل ڪاٺ جي بينچ تي ويهاريو،نومي به ڀرسان اڇي ويٺو، تنوير روئڻهارڪي لهجي ۾ ڪاڪي يعقوب کي چيو، ”ڪاڪا يعقوب!مون رات خواب ۾ تنهنجو مرحوم پيءُ ڏٺو. ويچاري جا حال صفا بيحال هئس،بدن تي ڪپڙو به ڦاٽل ۽ ليڙون ليڙون هئس، پيرن ۾ چپل به ڪونه هئس، ڌرتتيءَ ڪاٺ جي بُنڊَ تي ويٺو هو، مون کي ڏسي چيائين ته يعقوب کي چئجانءِ ته منهنجي نالي تي ڪپڙن جو جوڙو چمپل وٺي منهنجي نيت ڪنهن کي ڏئي ڇڏي.“ تنوير اکين کي مهٽي زوري ڳوڙها ڪڍي ڪاڪي يعقوب کي ڏيکاريا ، ڪاڪو يعقوب جيڪو پيءُ سان ڏاڍو پيار ڪندو هو، تنهن مرحوم پيءُ جي ايثال ثواب خاطر کيسي مان پئسا ڪڍي تنوير کي ڏيندي چيو، ”پٽ تنوير! بابو مرحيات خواب ۾ توکي آيو هو، ان ڪري ان جي نيت ڪپڙن جو جوڙو به وٺي تون ڏي، هي پئسا وٺ!“ نومي ايڊوينچر جي ڪاميابيءَ تي پنهنجي چاچي تنوير ڏي مرڪن جا رابيل مڪا. ٻئي مرڪندا گهر طرف وڌڻ لڳا، هتي انهن لاءِ هڪ نئون ايڊوينچر مهمان جي صورت ۾ پهتل هو ، تنوير وٽ مهمان جا اڻ ڳڻيا نالا آهن پر پاڙي وارا ”جاڳڻ“ جي نالي سڏيندا اٿس، ڇو جو ننڍپڻ ۾ جڏهن هو کٽ تي ستو پيو هوندو هو ته به تارا پٽيل هوندا هئس ۽ هاڻ ي نانء جي ابتڙ جتي ڪٿي ”حمون ننڊ“ وانگر ننڊ پيل هوندو آهي. ميڊيڪل ريپ طور ڪمپنيءَ جي دوائن جا سيمپل ڊاڪٽر تائين پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. زندڳيءَ جي هر خوشي ميسر اٿس ور اڄ تائين ڪنهن نازنينءَ اکيون نه ملايون اٿس پر هي مڙسالو ڪنهن البيليءَ جي انتظار ۾ اڄ به نيڻ ڏيئا ڪيون ويٺو آهي. ”واهه تنوير واهه! مان ٻن ڪلاڪن کان تنهنجي وسيئڙي ۾ ديڳ جي ڀت جيان ٽچڪان پيو ۽ تون هئينر نازل ٿيو آهين؟“ تنوير کي ڏسي جاڳڻ جا جذبا جاڳي پيا. ”ڇو ضامن پوانءِ ڇا؟“! ”اڙِي ضامن پوڻ جي ضرروت ناهي پر ”رشتي جي معاملو آهي“. ”جاڳڻ ڪنواري ڳوٺائڻ جيان شرم ۾ ٻڏي ويو. ”ڀلا تنهنجو ڏاج بلو مونکي ڪرڻو پوندو ڇا!؟“ ”اڙي تَنو! ننڊپڻ ۾ ڪيئن ٻين ٻارن کان کٽمٺڙا، بوڙينڊا۽ چوپڻيون ڦري ڀڄي ويندو هئين!؟“ جاڳڻ جنهن جو تنوير وٽ اهم نالو ”ڊاڪٽر پروفائيل“ آهي. تنهن ننڍپڻ جي پروفائيل مان هڪ جهلڪ بيان ڪئي. ”چڱو چڱو، مونکي ياد آهي ته مون کان وري اهي ٽافيون تون فري ويندو هئين!“ چڱو ڳالهه ٻڌ ڀاءُ تنوير! اڄ مهنهجي رشتي جي سلسلي ۾ تو کي هلڻو آَهي، اخبار ۾ ”ضرورت رشته“ جو اشتهار ڇپيو آهي ۽ آهي به پنهنجي ئي شهر جو....“ ”هائو ٻچڙا!تنهنجو ”بابو“ هلڻ لاءِ تيار آهي “ تنوير ڊاڪٽر پروفائيل کي چيو. ”چڱو نومي اسان وڃون ٿا، تون رات جي ماني تيار ڪرائي رکجان!“ شاڪٽر پروفائيل بنام جاڳڻ پنهنجي نڪ کي لمڪا ڏيندي نومي کي چيو. ڊاڪٽر پروفائيل خوشي ۽ شرم جي گڏيل ڪيفيت ۾ ڪڏهن تڪڙو ته ڪڏهن ڍلو پئي هليو. رستي تي هڪ فقير اڳ وٺي بيهي رهيو. ”رب مهربان ٿيندئي، هر مشڪل آسان ٿيندئي! بابا رب جي نالي تي پنجڙي ڏئي وڃ!!“ فقير ٻنهي کي ڏسي سين هنئي. ”مشڪل آسان ٿيندئي!! ڏيئس نه پنجڙي!!“ تنوير ڊاڪٽر پروفائيل کي ٺوٺ هڻندي چيو. ”پنجڙِي ڏيانءِ ٿو فقير!پر جي تو واري دعا نه اگهي ته موٽ تي هٿ واري پنجڙي “ به ضرور ڏيندو سانءِ!“ ڊاڪٽر پرفائيل ٻٽون مان پنج روپيه ڪڍي فقير کي ڏيندي چيو. ”ڀاءُ تنوير!منهنجي خيال ۾ هي گهر آهي!“ڊاڪٽر پروفائيل اخبار جي ڪٽنگ واري ٽڪري ڏانهن نظر ڦيرائيندي چيو، تنوير بيل وڄائي، ڪجهه ئي لمحن ۾ هڪ ٿلهو متارو همراهه ٻاهر نڪري آيو، همراهه جو ڪاريون وڏيون مُڇون پستول ٽرئگر جيان مڙيل هيون، هڏ ڪاٺ ۾ پيليل ڏاند جيان پيو لڳو، تنوير ۽ ڊاڪٽر پرفائيل هيسجي پوئتي هٽي ويا. ”ڀائو توهان جو ڪنهن ۾ ڪم آهي!؟“ همراهه پڇا ڪين. ”ادا اخبار ۾ اشتهار توهان ڏنو هو!؟“ تنوير هٻڪندي پڇيس. ”اڇا اڇا! توهان رشتي جي سلسلي ۾ آيا آهي!؟“ همراهه چين ”اچو اچو، اندر اچو!“ همراهه ٻني کي وٺي هال ۾ ويهاريو.”توهان ٻئي رشتي لاءِ اميدوار آهيو!؟“ همراهه مڇ ٽرئگر کي وٽيندي پڇيو. ”نه مان هڪڙو آهيان، هي منهنجو دوست آهي!“همراهه تي نظر پوڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر پروفائيل وات کوليو. ”اڇا! توهان جو نالو ڇا آهي؟“ همراهه ڊاڪٽر پروفائيل کان پڇيو. ”منهنجو نالو نواب آهي“.ڊاڪٽر پروفائيل پنهنجو نئون نالو ٻڌايس. ”ڪم ڪهڙو ڪندو آهين!؟“ ”پنندو آهي!“ همراهه ڇرڪ ڀري تنوير ڏانهن ڏٺو ته تنوير چيس، ”منهنجو مطلب آهي ته ڪمپنيءَ جو دوائون ڊاڪٽرن تائين پڄائيندو آهي، ميڊيڪل ريپ آهي، ان ڪري گهٽي گهٽي ۾ ڊاڪٽرن کي ڳوليندو رلندو پنندو آهي.“ ”معنٰي ته ڊاڪٽرن جو چمچو آهي!“همراهه مڇ کي وٽ ڏيندي چيو.”چمچو نه پر ديڳڙي آهي!“تنوير کيس ورنايو. ”ماڻهو دلچسپ آهيو.....پر رشتي لاءِ اوهان جو ڪو شرط وغيره!“ همراهه ڊاڪٽر پروفائيل کان پڇيو. ”نه ادا اسان ڪنهن به شرط کان بغير آهيون، بس رشتو پڪو ڪريو.“ ڊاڪٽر پروفائيل نرميءَ سان همراهه کي چيو. همراهه ٽيبل تي پيل گلاس کي وڄائو ته گهر واري پاسي کان جيڪو در هو، اتان ڪا ڇوڪري لڏندي چانهه کنيو پئي آئي. ”شاديءَ جي خوشي ۾ ڀلا اڳواٽ ئي جهمر هڻندي ٿي اچي ڇا؟“ تنوير پروفائيل ڪن ۾ چيو. ”تنوير يار لڳي ٿو ته منڊي آهي، مان منڊي نه وٺندس!“ ڊاڪٽر پروفائيل آواز شايد ڪجهه تيز ٿي ويو هو. ”ڇا چيئي نه وٺندين!؟ ڇوري چانهه واپس گهر کڻي وڃ!“ همراهه توائي ۾ ڇوڪريءَ کي چيو ۽ پوءِ انهن ڏي مخاطب ٿي چيائين، ”نڪري وڃو هتان!! ڪتا نه بڇايانوَ!سڀ دڙڳي ٿا اچو سڱ لاءِ!“ ڊاڪٽر پروفائيل رف رف روانيءَ سان تنوير جي گهر ڏي ويندڙ رستي تي هلڻ شروع ٿي چڪو هو ۽ تنويرسندن پٺيان پٺيان پير ليڪيندو پئي آيو. گهر تائين ٻنهي ٻڙڪ نه ٻولي. سج پنهنجي بادشاهي مٿان ڪاري چادر اڇلي چڪو هو، اونداهي ڪمرن مان نڪري رستن تي وکري چڪي هئي. هو گهر پهچي چڪا هچا، ڊاڪٽر ماني کائڻ بغير کٽ تي آهلي پيو، سندس اکيون ڇٿ ۾ کتل هيون، هن جي اکين امان الاهي لڙڪ ڪريا الئه سالن کان سانڍيل سپنا! تنوير کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته آخر هو ڪئين هن کي آٿت ڏي، پوءِ به هو ڪمري اندر داخل ٿي وڃي ٿو. ”ڏس يار! زندگي ڪڏهن عيش جيئڙي ته ڪڏهن سٽ جيان اُلجهي ويندي آهي،ڇو ته ڏک سک زندگيءَ جو حصوآهن“.تنوير کيس آٿت ڏيندي چيو. ”بس تنوير! منهنجي زندگي پپر جيان آهي، جنهن کي ڌوئڻ سان فقط امانن جا پن ڪرندا.“ ”ڏس ڊاڪٽر! تون ٻاهر هلي ماني کاءُ، توکي تنهنجي زندگيءَ لاءِ اهڙو تحفو ڏيندس جو دعائون ڪندين!!“تنوير کيس ڪجهه رازداريءَ سان چيو،“..........................” ٻئي ڏينهن ويلنٽائن صبح تي نومي پنهنجي چاچي تنوير کي ننڊ مان اٿاريندي ٻڌايو ته رات حويليءَ واري سائينءَ جي وڏور ڌئَ الئه ڪنهن سان ڀڄي وئي ۽ ڊاڪٽر پروفائيل به ڪمري ۾ موجود نه ڪونهي.!