اصل کان خطا نه ٿيندي،

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]


    اصل کان خطا نه ٿيندي، بد اصل کان وفا نه ٿيندي
    چوڻي
    اصل نڻائتو ماڻهو، هر قدم ڦوڪي کڻندو آهي۔ هر عام خاص سان سهڻو ورتا رکندو آهي۔لالچ ۾ پئي ٻئي مان مطلب سَرِ ڪرن جي ڪوشش نه ڪندو آهي۔ بدماش لُچ، هميشه مطلب حاصل ڪرڻ جي پويان هوندو آهي۔ وٽس شناس ۽ سڃاڻپ جي اک نه هوندي آهي۔ جڏهن به موقعو ملندس،کوچرائپ ڪندي دير نه ڪندو۔

    مطلب۔(1) اشرف مهل نه وڃائيندو۔ بدماش مهل تي ڌڪ پٽيندو۔
    (2)۔ خانداني ماڻهو دوکو نه ڏيندو ۽ ڪميڻي مان چڱائي ڪين ٿيندي۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اصل کان خطا نه ٿيندي،

    سهڻي لطيف ان ساڳئيءَ ڳالهه کي ڪجهه هن طرح سان واضح ڪيو آهي؛

    چڱـــا ڪن چڱايـــون، مــــدايــــون مــــدن،
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔

    بيشڪ انسان جي فطرت ۾ باهه ۽ خون آهي پر جيڪي انسان پنهنجي اندر جي باهه کي وسائي ماٺو ڪنٿا ۽ خوني طبيعت کي ختم ڪري پاڻکي سلامتيءَ ۾ رکنٿا اهي ئي انسان هن دنيا ۾ سوڀارا ۽ رب جي بارگاهه ۾ سرخرو ٿينٿا ۔۔۔ پر جيڪي انسان شيطان جي فطرت کي پنهنجو ڪري وٺنٿا سي ئي انسان هن دنيا ۾ برائين جو سرچشمو ٿين ٿا ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به نقصان رسائن ٿا ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي سهڻن ۽ سلامتيءَ وارن انسانن ۾ داخل ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اصل کان خطا نه ٿيندي،

    بلڪل سائين نثار اوهان سهي ٿا چئو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو