ٻارن کي ٽي وي ڏسڻ دوران ڪجهه کائڻ لاءِ نه ڏيو۔۔۔

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيليويزن جي سامهون ويهي ڪري کائڻ وارن ٻارن کي پنهنجي اصل بک جو اندازو نه ٿي سگهندو آهي۔۔۔۔ هو يا ته گهڻو کائي ويندا آهن يا وري بک کان گهٽ کائڻ جا عادي ٿي ويندا آهن۔۔۔۔۔ ٻنهي صورتن ۾ نقصان آهي۔۔۔۔
    ٻارن کي کارائيندي ٽيليويزن ۽ ان جهڙين ٻين شين کي بند ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻار اطمينان سائن کائي سگهي۔۔۔۔۔
    يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا سان ڊيگو آمريڪا ۾ ٿيڻ واري هڪ تحقيق ۾ 170 خاندانن جي ٻارن جن جي عمر 12 سالن کان گهٽ هئي کي شامل ڪيو ويو۔۔۔۔ هن تحقيق ۾ وڏن ماڻهن تي پڻ تجربو ڪيو ويو۔۔۔۔ جنهن جي نتيجن ۾ هڪجهڙائي ڏٺي وئي ۔۔۔۔
    هڪ هفتي ۾ 20 ڪلاڪ ٽيليويزن ڏسڻ سان معدي تي ناڪاري اثر ٿين ٿا۔۔۔۔ ۽ جن ٻارن کي ننڍي عمر ۾ ئي ٽيليويزن ڏسڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي اهي اهڙي اثر کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا۔۔۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڄاڻ واري معلومات ڏيڻ لا۽ مهرباني ادا رشيد سمون صاحب مون وث ننڍڙا ٻار ته ناهن ادا پر مان پاڻ ڪوشش ڪندس ته کائڻ محل ٽي وي بند ڪري ڇڏيان :D

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد
    حق موجود
    آمريڪي قوم ۽ يورپي قومون، ٽيليويزن ۽ ڪمپيوٽر جا ايترا ته عادي ٿيندا پيا وڃن جو، ڪالهه صدر اباما کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته آمريڪي قوم ڪمپيوٽر ۽ ٽيليويزن تي وقت گذارڻ بند ڪري مطالعو شروع ڪري ... ٻي صورت ۾ هندي ۽ چيني ماڻهون اسان کان زندگيءَ جي ڀڄ ڊڪ ۾ اڳتي نڪري ويندا ... ۽ اسانجي چڱ مڙسي ختم ٿي ويندي ...

    اسين سنڌي جيتوڻيڪ اڃان ان دور کان گهڻو پري آهيون پر تنهن هوندي به اسانجي قوم کي پڻ دنيا جي قومن جي عملي جدوجهد مان سبق سکي پاڻ کي ڪجه اڳڀرو ڪرڻو پوندو ...

    ٻي ڳالهه ته سائين رشيد، اوهان جا صحت سان لاڳاپيل سڀ ليک انتهائي معلوماتي ۽ ڪارائتا آهن ... اميد ته اها قومي خدمت جاري رکندا ...

    الله اوهانکي ساٿ سميت جڙيل ۽ آباد رکي ... آمين

    سدائين گڏ
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين رشيد سمون صاحب اوهان جي ناياب لکڻي پڙهيسين تمام ڪارائتي ڳالهه جيڪا هتي ونڊي ڪري اسان کي ان جي متعلق ٻڌايو اٿو۔۔۔ احتياط ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندس، پر سائين هڪڙي ڳاالهه ٻڌايو ته ڇا ڀلا ٽي وي يا ڪمپيوٽر جي سامهون ويهي پان وغيره يا سگريٽ ڇڪي سگهجي ٿو۔۔۔۔

    سائين نثار ابڙو صاحب جو جواب واقعي لاجواب آهي۔۔۔۔

    جس هجي اوهان کي جو اوهان اهڙيون معلوماتي لکڻيون ونڊيندا آهيو۔۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رشيد، اهڙي معلومات ڏيڻ جي مهرباني، لڳي ٿو منتظر کي هاڻي ٽي وي کان پري رکڻو پوندو۔
    پر سائين نثار ناز جي اهڙي ناياب معلومات به ڪنهن خزاني کان گهٽ ناهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو