سنڌ سلامت فورم جا پيارا دوستو توهان سڀني کي مهنجي طرفان السلام عليڪم ! پيارا دوستو! هونئن ته مان ڪٍجھ عرصي کان سنڌ سلامت جي هي ويب سائيٽ استعمال ڪيان پيو پر اڄ مون سوچيو ته ڇونه هن ويب سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿي پنهنجو تعارف ڪرائجي۔ سائين منهنجو پورو نالو آهي سيد ارشد علي شاه بخاري، رهائشي: ڳوٺ تنيا بقا شاه تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوشهرو فيروز۔ سائين منهنجا! پيشي جي لحاظ کان مان ڪمپيوٽر ۾ آٽو ڪيڊ آپريٽر آهيان۔ چۡڱو سائين هي هو منهنجو مختصر تعارف۔ چڱو الله واهي۔ جاڏي پير، تاڏي خير۔
جواب: السلام عليڪم سيد ارشد علي شاه صاحب، اوهانکي هن اڱڻ جي سڀني دوستن طرفان ڀليڪار چئجي ٿي ۽ سچ پڇوته اوهانجي ساٿ سبب سنڌ سلامت کي هڪ اهڙي سنڌ سڄڻ سان شناسائي ٿي آهي، جنهن سان ممڪن سنڌ ۽ سنڌيت واري سفر ۾ آساني پئدا ٿئي ۔۔۔۔ خوشنصيب هوندا آهن اهي اڱڻ جن تي اوهان جهڙا سڳورا دوست اچي پنهنجي ساٿ جو احساس ڏياريندا آهن۔ اسانجي هن اڱڻ جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت انڪري اسان دوستن جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي دوستن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، سنڌي ٻولي جي اوسر ۽ سنڌي ٻولي کي نون ۽ جديد علمن سان سنوارجي ۔۔۔ اسانجي ڪوشش آهي ته سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ديني بي راهه روي کي ختم ڪري هڪ اهڙي سنڌ جي ايجاد ڪجي جيڪا دنيا جي سڀني قومن ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چوي ته؛ ” اسين سنڌي آهيون “ ۽ سنڌ دنيا جي سهڻن ملڪن مان هڪ ملڪ آهي ۔۔۔ دوست ابو حمزه، اميد ڪجي ٿي ته اوهان هن اڱڻ جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سنڌيت واري هن جدوجهد ۾ شامل ٿي، پنهنجو قومي فرض نڀائيندا ۽ اسان دوستن جي رهنمائي ڪري دڳ لائيندا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهانکي هن اڱڻ تي ڀليڪار ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔
جواب: السلام عليڪم وعليڪم السلام سائين توهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهرايئن سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔ اوهان ڳوٺ تنيا بقا شاهه جا آهيو، اهو ڄاڻي خوشي ٿي ، آئون پاڻ تعلقو ڪنڊيارو جي ڳوٺ درٻيلو جو آهيان۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جي لاءِ اوهان جي آمد هڪ سٺو اضافو ثابت ٿيندي۔۔۔
جواب: السلام عليڪم شاه صاحب سنڌ سلامت جي هن رنگ برنگي اڱڻ تي اسان جو سهڪاري ٿيڻ تي اوهان کي ڀليڪار۔ اميد ته اوهان به ٻين دوستن وانگر پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ هن فورم لاء الله جي ڏنل ڏات مان اسان کي سيراب ڪندا