ڀائرو اسلام عليڪم ڪنهن ڀاء وٽ جيڪڏهن منهنجي مسئلي (حل) هجي ته مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪري ادا منهنجو مسئلو هي آهي ته آئون پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ word ۾ سنڌي ڪيئن لکان مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ڪو سٺو مشورو آهي ته منهنجي مدد ڪري مهرباني
جواب: مشورو ادا فياض! سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔ توهان جي مسئلي جو حل هن لنڪ تي موجود آهي۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?p=47297
جواب: مشورو ادا قرب ٿي ويا اوهان جو ڏسيل طريقو سئو فيصد ڪاميابي سان ڪم اچي ويو لک لک مهربانيون اِن اهم مهم کي ڪوشش ڪري وڌ ۾ وڌ سنڌين تائين پهچائبو مدد ڪندڙ سڀني سنڌي ڀائرن جو ٿورو
جواب: مشورو تمام سٺو ٿيو جو اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو۔۔ مهرباني ادا فياض۔۔ هاڻ اها توهان دوستن جي به ذميواري آهي ته سنڌ سلامت جو پيغام ۽ لنڪ ٻين دوستن تائين پهچايو۔۔۔
جواب: مشورو ادا مست بلڪل صحيح پيا چئو ته فورم جي متعلق سنڌين کي ٻڌائڻ اسانجو فرض آهي الله تعالي اسانکي توفيق ڏيندو ته اِهو عظيم ڪم سر انجام ڏينداسين آمين ادا ٻيو هڪڙو عرض ته ۽ ادا مونکي اميد آهي ته منهنجو اِهو مسئلو به توهان ئي حل ڪندو ادا مسئلو اِهو آهي ته پاور پوائنت ۾ ڪابه سلا ئيڊ تيار ڪيان ته اُن کي پنهنجي ڪمپيوتر ۾ سيو ڪيئن ڪريان ڪهڙي فارميٽ ۾ ڪريان جيڪڏهن ٻڌائيندا اوهانجا ٿورا
جواب: مشورو مٺا فياض ۔۔ پاور پوائينٽ مائڪرو سافٽ آفيس جو هڪ زبردست ۽ بهترين پروگرام آهي ۔۔۔ هن پروگرام کي شايد سمورين آفيسن ۾ بريفنگ دوران استعمال ڪيو ويندو آهي۔۔۔ هن ۾ موجود مختلف امبيڊنگ آپشنس هجڻ ڪري تصوير کان وٺي آڊيو ۽ وڊيو تائين انسرٽ ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ آفيس 2007 ۾ رهي ڪري توهان پنهنجيون سلائيڊس پاور پوائينٽ ۾ pptx فارميٽ ۾ ڊيفالٽ طور جڏهن ته ان کان اڳ واري ورجن ۾ ppt ۾ ڊيفالٽ طور محفوظ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جڏهن ته هن پروگرام ذريعي توهان پنهنجيون تيار ڪيل سلائيڊس پاور پوائينٽ شوز (پاڻمرادو سلائيڊ شوز) کان وٺي تصويري، ويب شوز ۽ ٻين ڪيترن ئي فارميٽس محفوظ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هاڻي اهو توهان جي استعمال تي آهي ته توهان پنهنجا تيار ڪيل شوز ڪهڙي فارميٽ محفوظ ڪري رکو۔۔۔
جواب: مشورو سر رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم ادا ڪافي ڏيهن کان رابطو منقطع رهيو آهي بس دنيا جون مصروفيتون لڳيون پيون آهن خبر ئي نٿي پئي وقت ڪيتري تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ حالات جيئن جا تيئن آهن ڪابه جدت نه آهي الله تعالي اسان سڀن جي حالات کي بهتر ڪندو