چيتو پائي چت ۾ سنهون ڪتيو جن “
”تن جو صرافن دڪو ئي داخل نـ، ڪيو“ ”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن“
”تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو“ (شاھ)
12صدي هجري ۾ جڏهن مغل بادشاھت ۽ شھنشاھت ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ صرف 41سالن اندر مغلن جون 3حڪومتون ختم ٿي ويون تـ، ان وقت سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي طاقت کي وڌائيندي سنڌ تي پنهنجي حڪومت اختيار ڪئي ان ساڳي دور ۾ افغانستان جي نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪري ميان نور محمد کان 20 لک روپيا سالانا نذر ڏيڻ جو پابند بڻايو پر ميان صاحب هڪ سال جي ادائيگي بعد ان ٺاھ تي عمل ڪرڻ کان نٽائيندو رهيو . هن ڏکئي وقت ۾ شاھ صاحب پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ محبت پيار ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ شاھ صاحب پنهنجي وطن جي محبت جو داستان عمر مارئي کي مثال بڻائيندي ڏنو جنهن ۾ مارئي پنهنجي اباڻن جي ڪکن کي ياد ڪندي شاھ صاحب هي پيغام ڏنو آهي تـ، ” الله ايئن ۾ هوءِ جيئن آئون مران بند ۾“
” جسو زنجيرن ۾ راتيان ڏينهان روءِ“
”پهرين وڃان لوءِ پوءِ مر پڄن پڄنم ڏينهڙا“ (شاھ)
شاھ صاحب جنهن دوران مسلمانن ۽ هندن کي پاڻ ۾ ويڇا وساري محبت جو درس ڏنو ۽ کين اسلام لاءِ ڪابه، نفرت نـه رکڻ جو سبق
ڏنو ان ڪري ڪيترن هندو اديبن شاھ صاحب جو رسالو پڻ لکيو آهي ۽ ڀٽائي جي رسالي جا پڻ پارکو ٿي ويا .
ڀٽائي سائين کي جيڪو اونو، اوسيئڙو ۽ محبت جيڪا سنڌ ۽ سنڌ واسين سان هئي سا سپر بڻجي پنهنجي ڪلام وسيلي سنڌ واسين کي آگاھ ڪندو رهيو سنڌ کي ارغونن کان وٺي مغلن تائين جيڪي بـ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڇڪتاڻ تعصب ۽ نفرت پيدا ٿي ان کي محبت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ تيزي تلخي وارن لاڙن جو خاتمو آڻي ٻنهي طبقن کي پاڻ ۾ هڪ ڪري ڇڏيو ۽ هنن شاھ صاحب جي ڪلام کي نـ، فقط پنهنجو سمجهيو پر سنڌ ۽ سنڌ واسين مسلمانن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا
ڀٽائي سائين جي صوفياڻي رنگ ۽ ڪلام وسيلي سنڌ جي هندن کي پنهنجي ايتري قدر ويجهو آندو جو هو شاھ صاحب جي ٻولي کي پيار جو پيغام سمجهي هر طرف جهونگا لڳا، ۽ شاھ صاحب سنڌي ٻولي کي ايترو تـ، پنهنجي شاعري ۾
مضبوط ڪيو جو سنڌي ٻولي اڄ بـ، لافاني آهي ۽ شاھ صاحب جهڙي انسان ۽ سنڌ دوست هستي ان وقت موجود نـ، هجي ها تـ، ٿي سگهي ٿو تـ، سنڌي ٻولي ايتري شاهوڪار نـ، هجي ها. شاھ صاحب محبت جو انداز هيئن بـ، بيان ڪيو آهي تـ، ”وڳر ڪيو وتن پرت نـ، ڇنن پاڻ ۾“
پسو پکيئڙن ماڻهئان ميٺ گھڻو“ (شاھ)
شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ اسلام جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي ۽ سائين جن پاڻ فرمايو آهي تـ، ” جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين“
”نيون من لائين، پرينءَ سنڌي پار ڏي“ (شاھ)
شاھ صاحب وطن جي محبت کي پنهنجي شاعري ۾ هيئن چيو آهي تـ، ”ماندي ٿيءَ نـ، مارئي تنهنجو الله بـ، آهي“
”سون ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي“
”اهڙو آهي جو ماڳ پهچائيندئي مارئي“ (شاھ)
سرڪار لطيف ساڳئي طرح اسلام جي حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي شاعري ۾ اسان کي تمام گهڻو سجاڳ ڪيو آهي ۽ سائين جن هيتين ريت فرمائين ٿا تـ، ، ”ستا اٿي جاڳ ننڊ نـ، ڪجي ايتري“
”جي تو ڀانئيو ساڻيھه سو ٿي مانجهاندي جو ماڳ“
”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نـ، ملي“ (شاھ)
ان ساڳئي سلسلي يا ساڳئي فڪر کي تفصيلي پڙهڻ لئه سائين محترم جي ايم سيد جو ڪتاب ”پيغام لطيف “ پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ لطيف جي حب الوطني ۽ سماج سڌارڪ ڪردار تي تفصيلي ۽ پيرائتو بحث ٿيل آهي ( ڪجهه ڏينهن اڳ مون پڻ ساڳئي مضمون تي پيغام لطيف مان هڪ مضمون ونڊ ڪيو هو) ۔۔۔،
لطيف سنڌ جو هڪ اهڙو سڄڻ ۽ خيرخواهه انسان هو جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ اسلامي صوفي ازم جي پرچار ۽ فڪر کي ڳائي هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ کي امر ڪيو ۽ ٻي طرف سنڌي اخلاقيات، ثقافت کي دين اسلام سان جوڙي ” سلامتيءَ جو پيغام“ ڏنو ۔۔۔۔
اچو ته اسين سڀ لطيف ۽ سيد جي فڪر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ سنڌ جي آجپي واري جدوجهد ۾ اڳ کان اڳرا ٿيون ۔۔۔