حاڪم
سينيئر رڪن
نامور قانونداد علي احمد ڪرد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال موجود آهي، ججن جي بحالي وارو نوٽيفڪيشن واپس نٿو وٺي سگهجي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي احمد ڪرد چيو ته هن وقت سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال آهي، هن چيو ته ايگزيڪيوٽو آرڊر واپس نٿو وٺي سگهجي نه ئي ڪنهن جج کي هٽائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ججن کي اڌ رات جو گڏ ٿيڻ نه گهرجي ها، عدليه جو احترام ڪريان ٿو، ڪي به اختلاف ناهن، جتي ظلم ٿيندو ان خلاف آواز اٿارينداسين.ظ