• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ججن کي اڌ رات جو سپريم ڪورٽ ۾ گڏ نه ٿيڻ گهرجي ها: ڪرد

حاڪم

سينيئر رڪن
نامور قانونداد علي احمد ڪرد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال موجود آهي، ججن جي بحالي وارو نوٽيفڪيشن واپس نٿو وٺي سگهجي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي احمد ڪرد چيو ته هن وقت سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال آهي، هن چيو ته ايگزيڪيوٽو آرڊر واپس نٿو وٺي سگهجي نه ئي ڪنهن جج کي هٽائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ججن کي اڌ رات جو گڏ ٿيڻ نه گهرجي ها، عدليه جو احترام ڪريان ٿو، ڪي به اختلاف ناهن، جتي ظلم ٿيندو ان خلاف آواز اٿارينداسين.ظ
 
جواب: ججن کي اڌ رات جو سپريم ڪورٽ ۾ گڏ نه ٿيڻ گهرجي ها: ڪرد

هينئر ججن جي حالت هن وقت ڏسڻ وٽان آهي۔۔۔ افواهن جي ور وڪڙن ۾ اهڙا ته وٺجي ويا آهن جو ننڊ ئي ڦٽي وئي اٿن، ثقيفي وانگر رات جي پيٽ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اچي عدالت مچائين ٿا، ۔۔۔ انهن کان پڇيو ڇا ڪڏهن غريبن جي ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ‌ رات جاڳيا ‌آهيو۔۔؟ ايترا سال جو ڏينهن رات عوام مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيهجندو رهيو ڇا ان مسئلي لاءِ رات جاڳيا آهيو؟؟؟ جڏهن عبدالقدير خان کي آمريڪا حوالي ڪرڻ‌جي پلاننگ ڪئي پئي وئي ته ڇا ان مسئلي لاءِ‌رات جاڳيا آهيو؟؟؟
بس عدالت ۾ ويهي ڪمينٽس ڏيڻ سولا آهن۔۔۔۔
 
Back
Top