منهنجو پيارو دوست اشرف راهوڪڙو سدائين چوندو آهي ته ”اصل مسئلو اهو آهي ته مسئلو ڪوبه ڪونهي“. اڄ اسان جي اعليٰ ترين عدالت سان پڻ ساڳيو ئي مسئلو ٿي پيو آهي. پاڪستان جي آزاديءَ واري تاريخ جي حوالي سان ٻڌندا آيا آهيون ته هي مُلڪ چوڏهين ۽ پندرهين آگسٽ 1947ع جي وچ واري رات جو اڌ رات ڌاري آزاد ٿيو هو. شايد اهوئي سبب آهي جو اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هن ملڪ جي مقدر ۾ اهي ئي اڌ رات جا گدڙ لکيل آهن. هر آمر اڌ رات جو اچي ٺڪ سلام ٿو ڪري ۽ ميري عزيز هم وطنو چئي عوام کي ڪچي ننڊ مان اٿاريو ڇڏي ۽ ملڪ جي نصيب کي سمهاريو ڇڏي. اڌ رات جو حڪومتون بدلجن ٿيون، اڌ رات جو وفاداريون مٽجن ٿيون، اڌ رات جو عدالتن تي ڪڙا ٿا لڳن ۽ اڌ رات جو ئي دوستن جي دلين جي درن وانگر عدالتن جي دروازن تي لڳل ڪڙن تان ڪُلف لهن ٿا. ٻيو ته گهوريو پر هاڻي انصاف جي اعليٰ ترين درن پويان اڌ رات جو سرگرميون پڻ ٿيڻ لڳيون آهن. آئون هڪ آرٽيڪل ۾ اڳ به لکي چڪو آهيان ته انتهاپسندي رڳو مذهبي ناهي ٿيندي، اها هڪ سوچ آهي جيڪا رڳو پاڻ کي درست ۽ باقي سموري دنيا کي غلط سمجهندي آهي. اسان جو پيارو پاڪستان هر طرح جي انتهاپسندي جو ڳڙهه بڻبو پيو وڃي. هاڻي ته اهو جولاءِ جي سج وانگر چٽو نظر پيو اچي ته منصفن جي من ۾ ته انتهاپسندي جي ڪا اور ئي بٺي پئي ٻري. ڪو اهو دؤر هو جڏهن اسان وٽ عدالتون ٺلهي ٺپي وانگر هيون. جنهن کي من چيو کڻي ٺا ڪرايائين پنهنجي حڪم تي ۽ اهو عين آئيني ٿي پوندو هو. انهن دورن ۾ اسان جا جج صاحبان وڏن جي حڪمن جا ٻانهن ٻڌا ٻانها هوندا هئا، سندن ڪم ئي غير آئيني کي آئيني بنائڻ هوندو هو. انهن جج صاحبان مان ڪجهه اڃا به هلندي، گهمندي ۽ نوٽيس وٺندي ڏسجن پيا. هاڻي هي دؤر آهي جو عدالتون پاڻ مراديون پيون هلن، جج پنهنجي پاڇي کان پيا ڇرڪن، ٻيو ته ڇڏيو پر هاڻي ته افواهن تي به ججن جون ننڊون ڦٽيو ٿيون وڃن ۽ اهي اڌ رات جو اچي انصاف جي گهر ۾ گڏ ٿين. گذريل رات به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو. ڪنهن چينل هڪڙي خبر اُڏائي ته حڪومت ججن جي بحالي وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي رهي آهي. پوءِ ته اصل وٺ وٺان ٿي ويئي. ان وچ ۾ ئي حڪومتي ترجمان پاران ترديد ڪئي ويئي ته اسان ان قسم جي ڪنهن به ڳالهه تي نه پيا ويچاريون، اسان جي فرشتن کي پڻ ان قصي جي خبر ناهي پر جج ۽ ميڊيا هئا جيڪي مڃن ئي نه پيا. اڌ رات جو صاحب سڀني سنگتين کي سڏايو، ته ادا اچو، سر ٿو وڃي. ان وقت ئي عدالت جا در کليا، سمورا منصف اچي انصاف جي گهر ۾ گڏ ٿيا، صلاح سولي ٿي، 17 ميمبرن جي بينچ جڙي ويئي، هڪ ڀيرو وري آڌي رات جا آرڊر نڪتا، اٽارني جنرل کي صبح ساڻ پيشي تي پهچڻ جي هدايت ٿي، مطلب ته اخبارون، ٽي وي چينل، صحافي ان وقت تائين ٽنگيا پيا هئا، اخبارن ليڊون مٽايون حڪومت مخالفت ۾ ئي پنهنجي بقا سمجهندڙ آزاد ۽ ڇڙواڳ چئنلن جا اصلوڪا اينڪر ”راڳ وڃي ئي وڃي“ ڳائيندا رهيا. سندن نڙيون خشڪ ٿي ويون، اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ پيٽ وڏا ٿي ويا، سندن ڳالهين مان اهو پي محسوس ٿيو ته حڪومت جي ڳالهه ڳري لڳي پئي آهي، صبح تائين صدر زرداري پنهنجا ڪپڙا پيتي ۾ بند ڪري ايوان صدر کان ٻاهر بيٺو هوندو ۽ وزيراعظم ته رات وچ ۾ ٻار ملتان اماڻي پاڻ حج جي نيت ڪري ڀلي پار پرواز به ڪري چڪو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهن ميڊيائي رپورٽن موجب اهو ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو عدالتي ايوانن جي در ۽ ديوارن کي لوڏي رهيو آهي. هاڻي ميڊيا جون اهي هوائي ڳالهيون درست ۽ حڪومتي ترجمان جون سموريون وضاحتون ڪچو ڪوڙ. ان ٻڌڻي دوران اعليٰ عدالت جي ججن پاران جيڪي رمارڪس ڏنا اهي پڻ ويچارڻ جوڳا آهن. ڇا انصاف جي ان مسند تي ويهي جج صاحبان کي ايئن ڳالهائڻ گهرجي؟ هاڻي ته بلڪل ايئن پيو لڳي ته پارليامينٽ کي گهر ڀيڙو ڪري سمورو ڪاروهنوار عدليه حوالي ڪرڻ گهرجي. بهرحال رات ڪنهن کي ننڊ آئي ڪنهن کي نه پر صبح خيرن سان ٿي ويئي، اڪثر صحافين ته رات ئي ايوان عدل آڏو فوٽ پاٿن تي ڪچهريون ڪندي گذاري. صبح جو سڀني جو منهن اَنَ وانگر جنڊ ڏانهن، مطلب ته عدالت ڏانهن هو. ججن وري اچي اٽارني جنرل جي لاک لاٿي. هُن ويچاري کان ان ڳالهه جي وضاحت گهري ويئي جنهن بابت سندس چوڻ موجب کيس ڪا ڪل ئي نه هئي. وزيراعظم کان لکت ۾ خاطري گهري ويئي، جيڪو اٽارني جنرل چواڻي کيس ملي نه سگهيو ۽ ان دؤران عدالت جي ججن هڪ وقتي حڪم جاري ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پاران جيڪو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، اهو جيئن ته هاڻي عوامي ملڪيت آهي ان ڪري ان تي تبصرو ڪرڻ وارو پنهنجو حق اسان به استعمال ڪريون ٿا. پهرين ڳالهه چٽي ڪريون ته پاڻ نه آئيني ماهر آهيون نه وري ڪي بئريسٽر. باقي غريب غربي کي جيڪا سوچ هوندي اها عرض رکون ٿا. عدالت سڳوري فرمايو آهي ته ”سپريم ڪورٽ جي ججن کي بحال ڪرڻ واري حڪم جي ڪا آئيني حيثيت ناهي رهي، پارليامينٽ يا حڪومت جو ڪوبه رڪن ان کي واپس ڪرڻ جهڙي ڪنهن به ڪارروائي حصو نه بڻجن، ججن جي بحالي وارو حڪم واپس وٺڻ غداري سمجهيو ويندو.“ هاڻي اهو حڪم ڇا ٿو چوي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ناقص عقل ۾ اها ڳالهه نه پئي ويهي. جيڪڏهن ججن جي بحالي واري حڪم جي ڪا آئيني حيثيت ناهي ته پوءِ ان حڪم بعد جج سڳورا عدالت ۾ ڇو ويٺا. ان کان اڳ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ هئي جو کين عدالت ۾ ويهڻ کان روڪيو ويو، ججن جي بحالي واري تحريڪ دؤران چيف صاحب سميت سموريون ڌريون ان ڳالهه تي ڇو اڙيل رهيون ته وزيراعظم هڪ حڪم جاري ڪري عدليه کي بحال ڪري سگهي ٿو. جڏهن لانگ مارچ جون گاڏيون جي ٽي روڊ تي روان دوان هيون ته وزيراعظم جي حڪم ئي ان کي روڪيو ۽ سڀني ان وقت هنڀوڇيون هڻندي اهو چيو ته هاڻي عدليه بحال ٿي ويئي ۽ هر ڪو واپس پنهنجي گهر وريو. هاڻي ان حڪم جي ڪا آئيني حيثيت ناهي ته اصولي طور تي ججن ۽ انهن جي حامين کي وري به جي ٽي روڊ جي ان هنڌ هجڻ گهرجي جنهن هنڌ تان اهي واپس ٿيا هئا پر ايئن ناهي. عدليه پنهنجي پوري طاقت سان نه رڳو موجود آهي پر ڪم پڻ ڪري پئي. جيڪڏهن ان حڪم جي ڪابه آئيني حيثيت ئي ناهي ته پوءِ اهو واپس وٺڻ سان ڪهڙو آسمان ڪري پوندو ۽ ان کي واپس وٺڻ غداري ڪيئن ٿي پيو. اهو پڻ پنهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. ٻي ڳالهه ته ان حڪم جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي ته پوءِ ان کي واپس وٺڻ غداري ڪيئن ٿي پيو. اهو پڻ پنهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. ٻي ڳالهه اها ته ان حڪم جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي، مطلب ته ان کي واپس وٺڻ سان به ڪنهن تي ڪو اثر نٿو پوي ته پوءِ جج حضرات جي ننڊ ڇو ڦٽي پئي ۽ انهن کي اڌ رات جو گرم بسترا ۽ ٿڌا ڪمرا ڇڏي عدالت اچڻ جي زحمت ڇو گوارا ڪرڻي پئي؟ اهي سمورا سوال اهڙا آهن جن جو جواب اسان وٽ ته ناهي باقي اعليٰ عدالت جي ججن وٽ شايد هجي. هتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿو ٿئي ته اهي عدالتون ۽ انهن جا اعليٰ ترين جج صاحبان سندن بحالي يا برطرفي بابت ڏهن سيڪنڊن جو ڪو ٽِڪر ته هڪدم ڏسيو ٿا وٺن، ان بابت نه رڳو ”نوٽيس“ ٿو ورتو وڃي پر پاڻ وڃيو ايوان عدل ۾ رونق افروز ٿين باقي گذريل ڏهاڪو ڏينهن کان سنڌ جي ٻن نياڻين سان ٿيل ويڌن وارين وڏين سارين رپورٽن تي ته سندن اک ئي نٿي ٻڏي. هڪ طرف اسان جي تازي پالش ٿيل، توائي ۽ ترت عمل عدليه آهي جيڪا شايد انهي انتظار ۾ هوندي آهي ته ڪونه ڪو اشو ٿئي جيئن ڪا سرگرمي ڏيکارجي. ٻي طرف اسان جي آزاد ۽ ڇڙواڳ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا آهي جيڪي ڄڻ ته اصل حزب اختلاف يا ان کان به اڳتي زرداري جا قبيلائي دشمن آهن جن کي ڪاري ڪانؤ وانگر لُڙ ۾ مزو ٿو اچي، اهي ڳالهه ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي، لايو بيٺا آهن. اصل ۾ ته عدالت کي راتوڪن افواهن ۽ ان بعد حڪومت جي ترجمانن پاران ڪيل وضاحتن تي مطمعن ٿي انهن ميڊيائي ميزبانن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي ها جيڪي اهي هوائي توائي خبرون اڏائي سڄي ملڪ جي سڪون کي تباهه ڪرڻ جا سندرا ٻڌي بيٺا آهن. سندن هر ڪهاڻي ”زرداري کان شروع ۽ گيلانيءَ تي ختم ٿيندي آهي“. اهي جيئن اها حڪومت آئي آهي تيئن فٽ پاٿي نجومين وانگر تاريخن تي تاريخون ڏيندا پيا اچن ۽ سندن تاريخون وري اسڪوائش جي بال وانگر بائونس ٿي سندن مُنهن ۾ لڳنديون رهيون پر ”نڪ جي پڪائي ڪنهن جي جاگير ٿورو ئي هوندي آهي“، اها ڪير به ڪري ٿو سگهي. اسان جي ميڊيا جي هڪ نام ڪٺئي گروپ جي ته اها وڃي حالت بيٺي آهي جو سندن ڪوبه بليٽن حڪومت مخالف مواد کان سواءِ پورو نه سمجهيو ويندو آهي ۽ اهو مواد جيڪو سدائين هوائن ۾ اڏامي ويندو آهي، ڪڏهن به سچائي جي منزلن تائين نٿو رسي. ڪالهوڪي عدالتي ڪارروائي ۾ اهو پڻ ٿيو ته چينل اهو رپورٽ ڪندا رهيا ۽ بار بار رپورٽ ڪندا رهيا ته چيف جسٽس آرڊر لکرائي رهيو آهي ۽ ان ۾ هي پيو لکيو وڃي. مطلب ته انهن رپورٽرن کي اڳواٽ ئي خبر هئي ته ان آرڊر ۾ ڇا لکيو ويندو، جڏهن ته حقيقت اها هوندي آهي ته عدالتي ڪمري اندر ڪنهن کي به ڪئميرا، يا فون رکڻ جي اجازت نه هوندي آهي، حڪم مڪمل ٿيڻ بعد پڙهي ٻڌايو ويندو آهي، پر ان ڳالهه طرف پڻ ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. ان ڳالهه تي پڻ نوٽيس وٺڻ گهرجي. هاڻي عدالت پاران وزيراعظم گيلاني کي اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته اهو جاچ ڪري عدالت کي ايندڙ ٻڌڻي تي آگاهه ڪري ته اها سازش ڪٿي ٿي (ڪهڙي سازش؟) اها خبر ڪيئن ٻاهر نڪتي ۽ ميڊيا ڪيئن نشر ڪئي. عدالتي حڪمن جي پيروي لازم آهي، ان ڪري وزيراعظم کي سمورا ڪم ڇڏي هاڻي کار ئي انهي ڪم سان لڳي وڃڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي ”اطمينان“ لائق ڪو جواب تيار ٿي سگهي. ( جئه پرڪاش موراڻي ، روزنامو عبرت )
جواب: اڌ رات جون عدالتون...!! اد بلڪل صحيح آهي۔ هي سپ حڪمران ۽ ڪامورا صرف عوام کي بيوقوف پيا بڻائن۔۔۔ عوام پيو تماشو بڻجي۔۔۔
جواب: اڌ رات جون عدالتون...!! ادا سلمان ڪلمتي، بس يار اهو اٿئي اسان جو ملڪ پاڪستان، جنهن ۾ مدئي سست ته گواهه چست، اهو ڍڳو پير پيران پيو هلندو، وڏا ڀائر وڏيون عدالتون ڪڏهن به ڪونه چاهينديون ته ڪو سنڌي ماڻهو، ڪنهن وڏي منسب تي هُجي۔ لک لائق جو موراڻي صاحب جو هي ڪالم تو هتي ونڊ ڪيو
جواب: اڌ رات جون عدالتون...!! اد بلڪل صحيح آهي۔ هي سپ حڪمران ۽ ڪامورا صرف عوام کي بيوقوف پيا بڻائن۔۔۔