• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
محترم ڀونءَ سنڌي جي انقلابي شاعري اوهان سان هتي شيئر ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون جهانگيئڙن سان لنو لڳائي،

تو جهوپن کي آ باهه لڳائي،

تون ويري آن تون ظالم آن،

تنهنجي منهنجي پريت نه ڪائي.


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون ڌرتي کي آ ماءُ مڃيو،

تو ڌرتي جي ٻچڙن کي ڪکيو،

تنهنجو منهنجو ڇا جو سڱ،

تو بنجي ڀاءُ آ مونکي ٺڳيو.


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون جا امن جي جوت جلائي،

پنهنجي نگري خوب وسائي،

تون خون خرابي جي اُن تي،

ڄاڻي واڻي راند رچائي.


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون ڌرتي سان پريت لڳائي،

تنهنجي دل دولت للچائي،

مون ۾ تو ۾ فرق اهوئي،

مون ۾ سچائي تو ۾ ٻيائي.


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!.


دودو بنجي مان ڪاهيندس،

تنهنجا محلا سڀ ڊاهيندس،

ظالم تو کان وير سڀ واري،

تو کي ماري دم ساهيندس،


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!
 
محترم ڀونءَ سنڌي جي انقلابي شاعري اوهان سان هتي شيئر ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔


ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!

مون ڌرتي کي آ ماءُ مڃيو،
تو ڌرتي جي ٻچڙن کي ڪکيو،
تنهنجو منهنجو ڇا جو سڱ،
تو بنجي ڀاءُ آ مونکي ٺڳيو.
ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!
ادا زاهد سومرا، تمام بهترين پر دل کي وڻندڙ غزل شيئر ڪئي، لڳي ٿو هن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي ڌرتي امڙ لاءِ شرم و حيا ۽ غيرت پيدا ٿيندي۔
 
جواب: ڌرتي جي غدار ٻڌي ڇڏ!

ادا زاهد سومرا، تمام بهترين پر دل کي وڻندڙ غزل شيئر ڪئي، لڳي ٿو هن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي ڌرتي امڙ لاءِ شرم و حيا ۽ غيرت پيدا ٿيندي۔

ادا عبدالوهاب ٻيلي هاڻي ته ڪو ڀيرو ڀر سنڌ سلامت تي بقول پنهنجي الفاظن جي۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڌرتي جي غدار ٻڌي ڇڏ!

واه سائين واه تمام سٺي شاعري، لڳي، جنهن ۾ ڌرتي ماءُ جي اهميت کي ياد ڏياريو ويو آهي۔
ادا مهرباني اهڙي شاعري ونڊ ڪرڻ تي۔
 
جواب: ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!

هائو ادا ڀونءِ سنڌي جي شاعري انقلابي آهي ۔۔۔ پر ادي زاهد ياد ڪيو آهي عبد الوهاب عرف عبدوءَ کي پر ۔۔۔ خان بلوچ ڪٿي ٿو ٻڌي وايون وڻجارن جون ۔۔۔!!! هل ڙي عبد الوهاب تنهنجو اسلام آباد جي سرسبزي ۾ گم ٿي وڃڻ، وساري ڇڏئي نه مارون ملڪ ملير جا ۔۔۔
جت اڪ پچن، جت لڪ لڳي سو ديس مسافر منهنجو ڙي ۔۔۔
 
Back
Top