”هي سڀ ماڻهو، شهر، ڳوٺ، ٻنيون، درياهه، صحرا، ميدان، پهاڙ ۽ پهاڙن مٿان اڏامندڙ سڀ پکي، اهو سڀ ڪجهه فقط منهنجو آهي.“ حيدرآباد کان لاڙڪاڻي، ڪراچي يا ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪندي، رستي ۾ ايندڙ سمورن منظرن کي اکين ۾ سمائيندي، اڪثر اهو خيال منهنجي دل ۾ شدت اختيار ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن ”ٻئي“ جي شراڪت مون کي پسند ناهي هوندي. منهنجي ان خيال کي بيشڪ ڪو ”ٻيو“ ديوانگيءَ جو نالو ڏي، پر مون وٽ انهيءَ حالت جو نالو عشق آهي. سڀ ڪجهه منهنجو آهي واري ڳالهه مون دل جي حوالي سان ڪئي آهي ۽ دل تي انسان جو پنهنجو اختيار هوندو به ڪٿي آهي! دل ڪٿي اٽڪي ٿي، ته اٽڪيل ئي رهي ٿي، پوءِ اها ڪا سرتي هجي يا ڌرتي، دل کي خدا جو گهر به چيو وڃي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن انسان اها دل ڪنهن جي هڪڙي مرڪ تي وڪڻي به ڇڏي ٿو! سو دل تي پنهنجو به اختيار ڪونهي، دل اهي ڪم به ڪرائي ٿي، جنهن لاءِ اسان ڪڏهن سوچيو به ناهي هوندو. مان ستٽيهه سالن کان باقائده ۽ لڳاتار لکندو رهيو آهيان، ڪهاڻيون، ٽي وي ڊراما، ڪڏهن ڪو شعر ۽ هڪ اڻ پورو ناول آهي منهنجي لکڻ واري ميز تي. اهو ناول هڪ ماهوار رسالي ۾ قسط وار ڇپجندو رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ناول جي قسط لکڻ ويٺس ته ڌيان ٻوڏ ستايلن ڏانهن هليو پئي ويو ۽ دل لڙهڻ پئي لڳي، گهڻي ڪوشش ڪيم دل کي سمجهائڻ جي ته مان جيڪو ڪم ڪندو رهيو آهيان، مون کي اهو ئي ڪرڻو آهي، پر دل نه مڃيو. ناول جي قسط بجاءِ، مون دل جو چيو مڃي، ٻوڏ جي حوالي سان هڪ آرٽيڪل لکي ورتو، جو 2010ع جي هن ٻوڏ ۾ منهنجي دل سنڌ بڻجي لهرن ۾ لڙهندي رهي آهي. مان جنهن اداري ۾ ڪم ڪيان ٿو، اتي به روز منهنجو واسطو ٻوڏ سٽيلن سان پوي ٿو، مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي ڏک جا ڍڪ پيئندو رهان ٿو ۽ منهنجي دل ۾ ٻرندڙ باهه ڀڙڪندي رهي ٿي. سو جڏهن قلم کنيم ته اندر واري آڳ جي ٻاڦ منهنجي قلم مان نڪرڻ لڳي. اهو هڪڙو آرٽيڪل ڪاوش ۾ ڇپيو ته نياز پنهور مون کي مستقل لکڻ جي صلاح ڏني، پر مون گرم چانهه جا ڍڪ ڀريندي چيو، ”جڏهن دل چوندي، تڏهن لکندس!“. ۽ دل هڪ هفتي کان پهرين مون کان ٻيو آرٽيڪل لکرائي ورتو. ٻيو آرٽيڪل ڇپڻ کان پوءِ منظور ميراڻيءَ مستقل ڪالم لکڻ لاءِ چيو، پر مون وري پنهنجي ڳالهه دهرائي، ”جڏهن دل چوندي، تڏهن لکندس!“ ۽ پوءِ هڪڙي هفتي ۾، مون هڪ بجاءِ ٻه ٻيا آرٽيڪل لکي ورتا، تڏهن دوستن جون آڱريون مون ڏانهن سڌيون ٿيڻ لڳيون، ”تخليقي تحريرن بدران اخباري آرٽيڪل لکڻ شروع ڪري ڇڏيا اٿئي!“ پر تيسين مون کي اندازو ٿي چڪو هو ته ريڊيو جي مائيڪ جيان، ڪاوش به منهنجي اندر جي آواز لاءِ مائيڪرو فون جو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي دل جي آواز کي دنيا تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ٽرانسميٽر ته اڪثر ٽرپ Trip) )ٿيندو رهي ٿو ۽ دل جي ڳالهه دل ۾ ئي دٻيل رهجي وڃي ٿي، پر ڪاوش جو نيٽ ورڪ ڪڏهن به نٿو ٽُٽَي ۽ دل جي ڳالهه دنيا تائين پهچندي رهندي ٿي. سو مون وٽ به انڪار جي ڪا گنجائش نه بچي ۽ مون مستقل ڪالم لکڻ جي حامي ڀري ورتي، ڇو ته هيءَ دل به مستقل دکندي رهي ٿي ۽ ڪو حال اورڻ چاهي ٿي. اهو ضروري ناهي ته هن ڪالم ۾ سياسي تجزيا هجن، پر تاريخ، ثقافت، ادب، شوبز يا زندگيءَ جو ڪو به غم ۽ خوشيءَ وارو عڪس هن ڪالم ۾ نظر اچي سگهي ٿو، پر اهو عڪس سنڌ جو هوندو يا سنڌ لاءِ ئي هوندو. سنڌ جي تاريخ جي جنهن دور جا اسين گواهه آهيون ۽ حالتن جي جنهن موڙ تي اسين موجود آهيون، اتي دل فقط دکي ۽ ڏکي ٿي، پر دل جي ڌرتي تي گلاب ڪو نه ٿا ڦٽن، تاريخي ماڳ قديم آثارن سان گڏ ماضيءَ جو حصو به هوندا آهن، پر مڪليءَ ۾ اڄ زنده سنڌ ڄڻ تاريخ وٽ مهمان ٿي ترسيل آهي ۽ مڪليءَ جي پٿريلي سرزمين تي ٻوڏ سٽيل ماڻهو پٿر جي دور جهڙي زندگي جيئڻ تي مجبور آهن. ڌرتيءَ ڌڻي، ڌرتيءَ جي هر شيءِ جا مالڪ هوندا آهن، پر اهي ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي ڪيمپن ۾ وطن اندر جلاوطن هئڻ واري ڪرب مان گذري رهيا آهن. صاف پاڻيءَ جي اڻهوند سبب معصوم مري رهيا آهن ۽ ڪيمپن ۾ روز هڪ نئين ڪربلا مچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سرڪاري ادارا فقط پنهنجي پت بچائڻ ۾ پورا آهن ته ايڌيءَ جهڙا خدائي خدمتگار سڏائيندڙ ماڻهو ”پتلي گليءَ“ مان پرتي هليا ويا آهن. سکيا ستابا مالوند، ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ کانپوءِ، ٺل، ڪرمپور، قبو سعيد خان ۽ خيرپور ناٿن شاهه کان پنجاهه سٺ هزار ڀاڙو ڀري، لڏو کڻي ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ لٿل ماڻهن جي مهيني سوا ۾ عزت نفس ان حد تائين مجروح ڪئي وئي آهي جو اهي ويهن هزارن واري وطن ڪارڊ لاءِ پوليس جون لٺيون کائي رهيا آهن ۽ نادرا جي ڪائونٽرن تي ماضيءَ جي سئنيما گهرن جيان ”کڙڪي توڙ هفته“ جهڙي حالت آهي. اهي خبرون به جيءُ جهورين ٿيون ته ٻوڏ سٽيل هٿين خالي ماڻهن کان ويهن هزارن جي وطن ڪارڊ لاءِ پنج ست هزار رشوت به طلب ڪئي وڃي ٿي! انهن ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي سرڪار پاڻ ڪراچيءَ گهرايو هو ۽ ڪجهه وزيرن سميت ان وقت جي چيف سيڪريٽريءَ به بيان ڏنو هو ته، ”سنڌ جا ٻوڏ سٽيل ڌرتي ڌڻي آهن، اهي ڪراچيءَ هليا اچن، کين ٻين صوبن کان آيلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتون ڏينداسين.“ ۽ اسان جي ڪجهه وزيرن اهي اعلان به ڪيا هيا ته ٻوڏ سٽيلن کي ڪراچيءَ ۾ پلاٽ ڏنا ويندا، پر پوءِ انهن اعلانن تي چپ جا پردا پئجي ويا ۽ ماڻهن کي پنهنجن اجڙي ويل ماڳن ڏانهن موٽڻ جون صلاحون ڏنيون ويون ۽ ڪجهه ماڻهن کي واپس به موڪليو ويو، جڏهن ته انهن علائقن ۾ پاڻي اڃا به بيٺل آهي. ڇا اهي ماڻهو واپس وڃي ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا“ اڏيندا؟ اڻهوند سبب بيٺل پاڻيءَ ۾ به ماڻهن جي ٻڏي مرڻ جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن. ڪالهوڪي ڪاوش ۾ اها خبر توهان به پڙهي هوندي ته ”خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻيڙيءَ جو ڀاڙو نه هئڻ سبب پيادل ويندڙ شخص ٻڏي فوت ٿي ويو ۽ وارثن وٽ ڪفن دفن جا پئسا به ناهن!“ اخباري اطلاعن مطابق هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڏهه هزار خاندانن سميت سنڌ جي ٻين ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪل پندرهن هزار خاندانن کي پلاٽ ڏيڻ جي رٿابندي ٿي رهي آهي. بيشڪ اها چڱي ڳالهه آهي، پر فقط پندرهن هزار پلاٽ ڇا ستر اسي لک ماڻهن جي دربدريءَ کي دور ڪري ڇڏيندا؟ فقط ڪجهه هزار نه، پر لکن جي تعداد ۾ بي گهر ٿيل خاندانن جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٽاڪ منجهند جو اتر سنڌ جي لڱ ساڙيندڙ نٽهڻ اُس ۾ ٻنين اندر ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ پورهيو به ڪري سگهن ٿا، پر انهن کي فقط اجهو اڏڻ جيتري جاءِ ته ملي. ساڳئي وقت ڪراچيءَ ۾ ڏهه هزار پلاٽن جا ڪاغذ به ٻوڏ سٽيلن کي ملڻ تائين اهو سوال اٽڪيل رهندو ته ڇا انهيءَ تي به عمل ٿي سگهندو يا سرڪار کي پنهنجي ڪنهن شهري ساٿاريءَ جو ”ناز نخرو“ انهيءَ ڪم کان به روڪي وجهندو!؟ اهو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال نڙيءَ ۾ ڪنهن ڪنڊي جيان اٽڪيل آهن. عوامي حمايت سان اقتدار ۾ آيل پ پ سرڪار کي ڪنهن به شهري ساٿاريءَ جي هوڏ ۽ ڀوتارن هٿان لوڙهيل سنڌ جي متاثرن جي حقيقي وارثي ڪرڻ کپي. ڀوتارن جي صلاحن بدران، پنهنجي پارٽيءَ اندر موجود توڙي سول سوسائٽيءَ مان درد وندي ۽ دل رکندڙ ماڻهن جي مشورن کي اهميت ۽ اوليت ڏني وڃي. ڇو ته ووٽ وٺي کين ٻوڙيندڙ ڀوتارن لاءِ هاڻي ماڻهن جي هٿن ۾ گل نه، پر پٿر آهن ۽ اهڙو منظر اسان کي خيرپور ناٿن شاهه ۾ نظر به اچي چڪو آهي. جيڪڏهن هاڻي انهن متاثر ماڻهن جي سرڪار واهر ڪئي ته سندن پٿر کنيل هٿ، دعا لاءِ به کڄي سگهن ٿا ۽ ايندڙ وقت ۾ ووٽن سان بيلٽ باڪس به ڀري سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ سنڌ جو ويجهو مستقبل ڏاڍو ڀوائتو به ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اهو قطعي ممڪن ڪونهي ته بنا واهر جي واپس پنهنجي ويران ماڳن ڏانهن ڌڪي ڪڍيل ماڻهو، پنهنجي هٿن ۾ جهليل پٿر پنهنجي پيٽ سان ٻڌي ويهي رهندا. ان کان پوءِ سنڌ اندر ڏينهن ڏٺي جو ڪهڙا منظر نظر اچي سگهن ٿا، اهو سوچي دل دهلجي وڃي ٿي ۽ سنڌ لاءِ دل ۾ هڪ درد جي لهر اٿي ٿي. هر انهيءَ دل مان درد جي اهڙي لهر جو اٿڻ هڪ فطري عمل آهي، جنهن دل ۾ اهو خيال موجود آهي ته، ”سنڌ فقط منهنجي آهي!“
جواب: سنڌ فقط منهنجي آهي! ادا حاڪم ڇا هي اوهانجو ليک آهي ۔۔۔؟ جي ها ته تمام سٺو لکيو اٿوَ، ۽ جي اوهان نه لکيو آهي ته ڪاش انجي هيٺان يا مٿان لکڻ واري جو نالو هجي ته هوند ڪيترو نه ڀلو، ٻي ڳالهه اهو ڪالم هو يا مقالو ۽ ڪهڙي اخبار ۾ ڇپيو اهو تفصيل به هجي ها ته اڃان سٺو ۔۔۔ پر افسوس ڪا خبر ناهي ته اهو سچ ڪنهن چيو آهي، اهي ڳوڙها ڪنهن ڳاڙيا آهن ۔۔۔ باقي ٻوڏ واري سنڌ جي حالت ته اسان سڀني جي سامهون آهي ۔۔۔ رت سان تاريخ لکجي ته به پورائو نه ٿئي ۔۔۔ حڪمران ته انڌا گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن، انهن جو مال ۽ صرف مال ئي دين به ته قوم به ۔۔۔ رب اسانجي مٿان رحم ڪري باقي حالت ڏينهن و ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔