سنڌ جون سون جهڙيون سوکڙيون ۔

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هر قوم جو پنهنجو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي، جنهن ۾ ان جي جياپي جا اهڃاڻ وجوديت جا احساس شامل هوندا آهن ۽ صدين جي پنڌ ۾ سندس ان قوم کي ڪلچر جي ڪتب آنديل شين مطابق سڃاتو ۽ ڳاتو وڃي ٿو، سنڌ جي تهذيب، تمندن به تمام آڳاٽي ۽ مضبوط پائي تي ٻڌل آهي، سنڌ جي تهذيب ۾ هر اها شيءِ سڃاڻ جو باعث بڻيل آهي، جنهن جو وجود صدين کان اڳ موجود هو ۽ آهي ۽ ان وجود کي احساس ڏيارڻ يا نه ڏيارڻ جي باوجود به ڪابه شيءِ ان کي ختم نٿي ڪري سگهي، ان ۾ ايترو ساهه ضرور پيل هوندو آهي جو صدين جا پنڌ ڪري سگهي ٿي، ائين ئي سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي، رلي به ٽوپي اجرڪ وانگر پنهنجي اهميت رکي ٿي، جيڪا سموري ثقافت جي شهه رڳ واري حيثيت رکي ٿي، هونئن ته رلي پوري سنڌ ۾ ٺاهي وڃي ٿي پر سنڌ جو ڏاکڻو حصو، جنهن کي لاڙ سڏيون ٿا، اتي تمام گهڻي ٺاهي وڃي ٿي، خاص طور تي رليءَ جا ٽي قسم ٿين ٿا ۽ انهن قسمن مان وري ڪيئي قسم نڪرن ٿا، عمومن هڪ قسم سڄي ٽڪريءَ وارو، ٻيو وڍ وارو، ٽيون ٽڪ وارو، چوٿون ڪور واري رليءَ جو قسم آهي. سنڌ جي رلي اڄ نه پر قديم سنڌ کان وٺي جديد سنڌ ۾ به ساڳي اهميت سان گڏ هر گهر جي ضرورت بڻيل آهي، سنڌ اهو واحد پرڳڻو آهي، جنهن ۾ رلين جو پورهيو ڪاريگري سان گڏ نفاست سان ٿيل هوندو آهي ۽ ان پورهئي ۾ عورتن جي محنت رت ست سميت شامل هوندي آهي، رلي جو پورهيو عورتون گهرن ۾ باقاعده ڪنديون آهن، جن ۾ سندن ضرورتن جو پورائو ڪنهن حد تائين پورو ٿي وڃي ٿو، اڄ مان توهان کي اهڙي عورت جي ڪٿا بيان ڪنديس، جنهن زندگي جا ڪيترائي سال رليءَ جي پورهئي کي ارپي ڇڏيا ۽ هينئر عمر جي ان حد تي پهتل آهي، جتي کيس آرام ئي آرام جي ضرورت اٿس پر ان جي باوجود به ڏکن سکن جي پرواهه نه ڪندي، مينهن طوفان ۽ گرمي سرديءَ کي به ڪلهن تي ساڻ ڪري گهمي ٿي، پنهنجي پيٽ کي ڏکن بکن تي رکي در در وڃي رليون وڪرو ڪري ٿي، اتر سنڌ جي شهر ٺيڙهي جي رهواسڻ مائي صاحب خاتون ڏهاڪو سالن کان وٺي رلين جو واپار ڪري ٿي، هن جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي گهر آهن، جن ۾ هن جون ڌيئر، ڏوهٽيون، ننهون، پوٽيون ۽ ٻيون رشتيدار رليءَ جي هنر جو پورهيو ڪن ٿيون، صبح کان شام تائين هنن جو ڏينهن رلين ٺاهڻ ۾ گذريو وڃي، ٺيڙهي باءِ پاس لڳ هنن جي ڳوٺ مان گذرندي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته رلين جي شهر ۾ اچي ويا آهيون، روڊ جي ٻنهي پاسن کان صرف رليون ئي رليون سجايون پيون هونديون آهن ۽ ايندڙ ويندڙ هڪ ٻه رلي ضرور خريد ڪندا آهن ۽ روڊ تان گذرندي ائين پيو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ڪا رلين جي نمائش لڳي هجي. مائي صاحب خاتون ٺاهيل رلين جون ڳٺڙيون پنهنجي مٿن تي رکي ۽ لٺ جي سهاري تي گهران نڪري مختلف شهرن ڏانهن رخ ڪري ٿي، تن ۾ پريالوءِ، خيرپور، پير جو ڳوٺ، ڪنب، سئي گئس ۽ ٺري ميرواهه جي هر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ٿي، ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ ٽيڪسي يا موٽرسائيڪل ڪرڻي پويس ٿي يا وري پيدل ڳوٺن ۾ وڃي ٿي، جتي سارو ڏينهن پنڌ ڪرڻو پوندو اٿس، ڪرائي جي باري ۾ مائي خاتون ٻڌايو ته ڪرايو رلين واريون مٿان ٻولي ڏين ٿيون، باقي هڪ رلي 250 کان 300 رپين ۾ وڪامي ٿي، هڪ رليءَ جي وڪامڻ تي هن کي 20 رپيا اجورو ملي ٿو، باقي اها ساڳئي شيءِ اسان کان ماڻهو خريد ڪري مارڪيٽ ۾ وڃن ٿا ته هزارن ۾ وڃي ٿي، جنهن جو فائدو به انهن کي ئي ٿئي ٿو، ڪافي رليون مايون اوڌر تي به وٺن ٿيون، تن ۾ تڪليف گهڻي آهي، رلين ٺاهڻ لاءِ ڪپڙي بابت هن جو چوڻ هو ته اسين ڪپڙو سکر مان کڻندا آهيون، جيڪو تورجي حساب تي ملندو آهي، ٻن ڪلن جي ڪپڙي مان رلي ٺهي وڃي ٿي، تهه وجهڻ لاءِ به ان ئي بازار مان پڙا وٺندا آهيون، 30 رپين جي حساب سان هڪ پڙو ملندو آهي، هن جي گهنجيل چهري مان ڪيتريون ئي حسرتون بکي رهيون، جيڪي هن جواني کان وٺي پوڙهائپ تائين اميدن جي آسري سجائي رکيون هيون، جن ۾ زندگي جي اڻانگي سفر ۾ پنهنجي دل جون حسرتون ته انهن رستن تي ڦٽي ڪيون، باقي اولاد جي آسن ۾ اڃان روان دوان آهي، رليءَ جو ڪم ايترو ته ڏکيو آهي جو آڱريون سئي جهلي جهلي ڏري پون ٿيون پر اهي انسان جن کي ٻن ويلن جي ماني نصيب نه ٿي ٿئي ۽ ڏکين ڏکين پورهين مان گذرڻو پوي ٿو. رلي نئين ڪپڙي مان به ٺاهي وڃي ٿي ۽ استعمال ڪيل ڪپڙن مان به ٺاهي وڃي ٿي، رلي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان تي پٽن جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، جيڪي رلي جي چئني طرفن کان چاڙهيا وڃن ٿا. پٽن جي مٿان وري گڏي چاڙهي وڃي ٿي، جنهن سان رلي ۾ وڌيڪ سونهن اچي ٿي. ٽڪ واري رلي اتر سنڌ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي، جنهن جي ٺهڻ جو ڪم گهڻو لاڙڪاڻي ۾ ٿئي ٿو، ٽڪ جي رلي ڏيهه ته ڇا پر پرڏيهه به موڪلي وڃي ٿي، ٽڪ واري رلي تي ٻين رلين جي بنسبت وڌيڪ محنت ٿيل هوندي آهي، جنهن جي ٺاهڻ ۾ به گهڻو وقت لڳي ٿو، هڪ رلي جي مٿئين تهه واري ڪپڙي کي جڏهن ڊزائين ڏيڻ لاءِ ڪٽيو وڃي ٿو ته اهو مرحلو تمام نازڪ ۽ توجهه طلب هوندو آهي، جنهن ۾ عورتون تمام گهڻي احتياط سان سئي ۽ سڳي کي هلائين ٿيون ۽ نظر جي هڪ ٽڪ بيهارڻ سان ٽوپي کي موتين جو جڙاءُ ڏين ٿيون، سنڌي ڪلچر ۾ اها شيءِ به ضرور نمايان آهي ته آيل مهمان جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ سندس شان ۾ کٽ تي رلي وڇائي ويندي آهي ۽ وڃڻ وقت کيس سوکڙي طور رلي جو تحفو به ڏنو وڃي ٿو، ٽڪ جي رلي بابت جڏهن ٺري ميرواهه جي رهواسڻ مائي جنان کان پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته ٽڪ واري رلي تي باريڪ بيني ۽ محنت سان ڪم ٿيل هوندو آهي، رلي جي ڪٽائي جي لاءِ وري مخصوص ٽولو ڌار هوندو آهي، جيڪي صرف ڪٽائي جا 500 وٺن ٿيون ۽ ان کانپوءِ جو ڪم وري اسين پاڻ ڪنديون آهيون، جنهن ۾ هيٺئين تهه تي ڪٽنگ وارو تهه پوري طرح سان بيهارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي، مائي جنان پنهنجي آڱرين ۾ سوئين جا سوراخ ٿيل ڏيکاريا ۽ چيو ته ان جي باوجود ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ڇو ته سٺي ٽائيم تي ڏيڻي هوندي آهي، جيڪا رلي بازار ۾ 7 -8 هزار تائين وڪامي ٿي، ان جو ملهه اڌ برابر ملي ٿو، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته رليءَ جو پورهيو عورت هر گهر ۾ ڪري ٿي، ڪا شوق تحت يا وري مجبوري تحت اهو هنر هلندو پيو اچي ڏکڻ سنڌ ۾ تلهار جي رلي به تمام گهڻي مشهور آهي ۽ ٿر جي رلي جا ته ڊزائين مختلف ۽ وڻندڙ هوندا آهن، خاص طور تي مٺي ۽ ڏيپلو به رلي جي هنر ۾ تمام گهڻو مشهرو آهي، جيڪو اڪثر ڪولهي ۽ ماڙيچا ۽ ميگهواڙن جي گهرن ۾ ٿئي ٿو، جهول ۽ سنجهوري جي رلي به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي، گهر جي سجاوٽ ۾ رلي کي تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو، اڳ ۾ رلي صرف کٽ تي وڇائڻ ۾ استعمال ٿيندي هئي پر اڄڪلهه سنگل بيڊ ۽ ڊبل بيڊ جي وڇائڻ ۾ رلي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، رلي جي ڊزائين ۾ وهاڻن جا ڪور به ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ٽڪ واري ڊزائين عورتون ڪپڙن جي ڳچي ٻانهن ۽ رئي تي به ڪرائين ٿيون، رلي سوکڙي طور به ڏني ويندي آهي ۽ نياڻين کي اڪثر ڏاج ۾ به ڏنيون وينديون آهن.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جون سون جهڙيون سوکڙيون ۔

    زبردست ادا.
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جون سون جهڙيون سوکڙيون ۔

    ادا بلڪل هر قوم جو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي۔
    پر اسان جي سنڌي ڀائرن کان پنهنجي ٻولي ئي وسري وئي آهي۔۔۔۔۔انهن کي ڪلچر وري ڪاڏاهان ياد ايندو۔
     
  4. ربنوازبلوچ

    ربنوازبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نوڪر
    ماڳ:
    ڪراچي گلشن اقبال
    جواب: سنڌ جون سون جهڙيون سوکڙيون ۔

    الله نه ڪري اهو ڪهڙو سنڌي نڀاڳو هجي جنهن کان پنهنجي جيجل جي لولي ۽ ٻولي وسري
    الله ايئين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
    ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
    اسان جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سڄڻن سان آهن
    سنڌ جي ساٿ کي سلامت رکندا
    ربنواز شر بلوچ گلشن اقبال ڪراچي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جون سون جهڙيون سوکڙيون ۔

    تازو مون رلهيءَ جي تتبع تي ٺهيل (ٽڪ واريون) ٻه ڊبل بيڊ جون چادرون بدين کان گهرائي۔ سعودي عرب کڻي آيس، دوستن کي تحفي طور ڏنم، تمام گهڻيون پسند ڪيون ويون ۽ وڌيڪ جي فرمائش ڪئي وئي آهي ۔۔۔

    بيشڪ سنڌ جي رلهي بناوت ۽ خوبصورتيءَ جي لحاظ کان پنهنجي مٽ پاڻ آهي، سنڌيءَ جو گهر گهڻي ڀاڱي رلهيءَ سان سينگاريل ضرور هوندو آهي، جنهن سنڌيءَ جي گهر ۾ رلهي ناهي هوندي ته گهر ڄڻ خالي لڳندو آهي ۔۔۔

    دوستو! سموري دنيا ۾ رلهيءَ جي تتبع تي ڪپڙن جا ٽڪرا گڏ ڪري چادرون ٺاهيون وينديون آهن پر سنڌ جي رلهيءَ جو مثال ناهي ۔۔۔

    سنڌ جي ثقافت، قدامت ۽ خوبصورتيءَ سبب سموري دنيا ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي ۔۔۔

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو