سنڌ ۽ پنجاب جي عورت جاگيردار معاشري جي ور چڙهيل آهي، جيستائين تعليم نٿي اچي تيستائين جاگيرداري ختم نه ٿيندي، اسان جي معاشري ۾ جاگيرداري وارو نظام هلندو پيو اچي، دولت جي غلط ورهاست جي ڪري جيڪو اميري ۽ غريبي جو فرق آهي ان به معاشري ۾ گهڻا مسئلا پيدا ڪيا آهن، اهڙي ماحول ۾ گهڻو ڪري عورت ڀوڳي ٿي، سا اسان جي سنڌ جي عورت آهي، غربت ۾ به ماري ٿي وڃي، محلن ۾ به ڪسجي ٿي وڃي، انگ، گهر ۽ پيٽ جو مسئلو عورت لاءِ هميشه رهيو آهي، وري ان مسئلي کي عورت پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان حل ڪيو پئي اچي، ڪيترائي اهم مسئلا آهن جهڙوڪ تعليم، صحت، معاشي ٻيا اڪيچار مسئلا آهن، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي عورت جو جذباتي حق ۽ ملڪيت ۾ حصو آهي، مسئلا اسان جي شهري ماحول ۾ گهڻو نه ته پر ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ۾ آهن پر ٻهراڙي جي ماحول ۾ غربت توڙي اميري عورت سان ڏاڍائي ڪيو ويٺي آهي، ٻي جيڪا اسان جي سنڌي سماج ۾ غلط روايت آهي عورت کي ڪارو ڪري مارڻ جي خبر ناهي ان روايت جو جڙون انساني سماج ۾ ڪڏهن داخل ٿيون پر هاڻي اهو دور نه رهيو آهي ته عورت کي ائين بيدردي سان ماريو وڃي، اهڙي ڪا خبر جڏهن اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته سچ اسان جو دم ٿو گهٽجي، ان حوالي سان جيڪي عورتون ماريون وڃن ٿيون ، سي گهڻو ڪري بيگناهه آهن، عورتون بنيادي طور تاريخ جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿينديون رهيون آهن، مرد پنهنجا غلط فيصلا عورتن تي مڙهيا آهن ۽ ان جي سزا رڳو عورتون ئي ڀوڳينديون آهن، ٻي جيڪا وڏي ۾ وڏي تاريخي بيحسي عورت سان ٿيندي آئي آهي سا آهي رياستي جبر ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۽ بي رحمي، عورت جي آزادي جو تصور ٻه لفظ هوندا آهن، آزادي ۽ ڇڙواڳي، هن ٻنهي لفظن جي وچ ۾ وڏو تفاوت آهي، ذهني آزادي، سوچ جي آزادي، پنهنجن حقن جي حاصل ڪرڻ جي آزادي پر افسوس سان ٿو چوڻو پئي جڏهن به عورتن اهڙي قسم جي آزادي جي گهر ڪئي آهي تڏهن ڇڙواڳيءَ جو لقب ڏئي هن جو رستو روڪيو ٿو وڃي، اسان جي سماج ۾ جاگيرداري وارو ۽ غلاميءَ وارو طوق عورتن جي ڳچيءَ مان جيستائين نه لهندو ۽ جيستائين مرد حضرات باشعور نٿو ٿئي، تيستائين عورت کي حق نه ملندا، ڇو ته عورت جون جڙون ڪنهن نه ڪنهن مرد جي پناهه گاهه ۾ لڪل آهن، تنهن ڪري اسان جي مردن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو ته عورت ٻي مخلوق نه پر پنهنجي لاءِ خود مختيار آهي، اسان جي سنڌي سماج ۽ سول سوسائٽي ۾ مذهبي توڙي جاگيرداراڻي نظام جو تمام گهڻو تسلط رهيو آهي، جيستائين تعليم گهر گهر نه پهچندي شعور نه ايندو، تيستائين ڪا وڏي تبديلي ڪونه ايندي، باقي ٿورو گهڻو فرق پيو آهي ته شهرن ۾ سجاڳي آئي آهي پر مسئلا اتي به موجود رهندا آهن، اسان جي سماج ۾ وڌيڪ غلبو جاگيرداري نظام جو آهي، سنڌي سماج بنيادي طور جاگيردار سماج آهي، جنهن ۾ اها شيءِ جيڪا پنهنجي استعمال ۾ اچي ان کي جاگيردار ليکيو ويو آهي، جاگيرداري نظام هن صديءَ جو وڏي کان وڏو ناسور آهي، ان سماج ۾ انسان جي خواهش جي تڪميل جو سوچڻ به وڏو گناهه ليکيو ويو آهي، ان سماج جو وڏي ۾ وڏو مظلوم ڪردار عورت ئي آهي، جنهن سان ڏاڍايون هر دور ۾ ٿينديون رهنديون آهن، اچو ته عورت جي مظلوميت جي ارتقا کي ڏسون ۽ جيستائين تعليم عام نه ٿيندي تيستائين هي جاگيرداري نظام به جاري رهندو. سنڌو ساگر ڀٽي