دنيا ۾ انسانن جي اڻ کٽندڙ مسئلن جو بار ڏينهون ڏينهن ڪنهن وڻ جيان وڌي ۽ ويجهي رهيو آهي، اهو انسان نه آهي جنهن وٽ ڪو مسئلو نه آهي، اڄ جو انسان مسئلن جي ڄار ۾ ائين ڦاٿل رهي ٿو جو هو انهيءَ مان ڪيترو به ڪوشش ڪري پر نڪري نٿو سگهي، جڏهن مسئلا انسان کي چوطرف زنجيرن جيان جڪڙجي وڃن ٿا تڏهن هو ان مان نڪرڻ جو واحد رستو موت کي ڏئي ٿو، نه انسان هوندو نه مسئلا جيڪي هن پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاڻ وڌا ۽ ڪجهه هن سماج. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر مسئلا پيدا ڇو ٿا ٿين، جيڪڏهن پيدا ٿين به ٿا ته انهن مان نجات ڇو نه؟ انهن جو حل ڇو نه وغيره وغيره. جهڙيون ڳالهيون ذهن ۾ اڀريون ۽ جيڪڏهن مسئلا پيدا ٿين ٿا ته انهن جو ذميوار ڪير آهي؟ عورت مرد يا هي پورو سماج، چوندا آهن جيڪڏهن ڪو شادي ڪري ته به مسئلو، جيڪڏهن نه ڪري ته به مسئلو، شادي نه ڪرڻ وارو شخص خاص طور عورت جيڪا پوءِ هر طرح سان سماجي تنقيد جي نظر چڙهي وڃي ٿي جيڪڏهن شادي ٿي وڃي ٿي ته مرد عورت مان بيزار ۽ پوري زندگي عورت جي ڪنهن عذاب ۾ گذري ٿي، سندس عزت نفس کي بار بار ڪيرايو ويندو، آخر ڇو... ائين ڇو ٿو ٿئي. اصل ۾ مرد پاڻ سان ٿيندڙ ٻاهرين دنيا جي تنقيد ۽ پنهنجي بگڙجندڙ مزاج مان تنگ ٿي پنهنجي گهرواري سان بحث ڪندو آهي ۽ جڏهن ڏسندو ته سندس بحث ڪنهن موضوع کي گرم نٿو ڪري ته پنهنجا هٿ قابو نه ڪندو ۽ ائين پنهنجي گهرواري کي چماٽ هڻڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ نه ئي پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪندو، اسان اڪثر ڏوهه اڻ پڙهيل، جاهل ماڻهن تي ڏيندا آهيون ته هو پنهنجي گهرواري تي ظلم ڪن ٿا مارڪٽ ڪن ٿا پر اها حرڪت جڏهن هڪ پڙهيل لکيل نوجوان ڪري ٿو ته ذهنن مان هزارين سوال اڀرن ٿا، مارڪٽ ڪرڻ واري حرڪت هڪ پڙهيل لکيل مرد به ڪري سگهي ٿو، نفسياتي طور تي هو ڪيترو به پريشان هجي سندس اندر ۾ ڪيتري به ملامت ڇو نه هجي پر ظاهري طور تي هو ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي گنهگار نه چوندو، سڀني مسئلن جو ذميوار عورت کي سمجهي پنهنجو پاڻ کي صاف ڪري ويندو آهي پوءِ انهن مسئلن ۾ نوڪري جو مسئلو هجي يا وري اولاد نه ٿيڻ وارو مسئلو هجي پر انهن سڀني ڳالهين جو ذميوار پنهنجي گهرواري کي ڄاڻائي ٿو ۽ سهپ جي بيماري وري عورت ۾ ئي آهي، جيڪا هو سڀ ڪجهه سهندي ڇو ته وري به ان ۾ عورت جي عزت جو سوال بڻجي وڃي ٿو، اسان جي سماج ۾ اڪثر ڪجهه گهرن ۾ شادي کان اڳ ڇوڪرين کي اهو سمجهايو ويندو آهي ته پاڻ ۾ سهپ جي سگهه پيدا ڪيو، ڇو ته ايندڙ زندگي ۾ توهان کي ڪم ايندي نه ئي ايترو ڪجهه پر اڪثر مائرون پنهنجن ڌيئرن کي اهو به سمجهائينديون آهن ته شادي کانپوءِ مرد جي خراب ڳالهه تولاءِ سٺي هجڻ کپي ۽ ان جي ها ۾ ها ملائڻ کپي. مطلب عورت صدين کان وٺي اڄ به مرد جي مرضي جي غلام بڻيل آهي، هو پنهنجي زندگي جون ڪجهه گهڙيون به پنهنجي نانءُ نه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هن مرداڻي سماج ۾ هن کي اهو حق چاهيندي به نه ملڻو آهي. عورت ته هميشه کان وٺي پنهنجي زندگي کي پنهنجي جي لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئندي آهي، شادي کان پهرين هوءَ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي مرضي مطابق پنهنجي زندگي جا ڏينهڙا گذاريندي آهي ۽ شاديءَ کانپوءِ وري هن کي پنهنجي گهر واري جي مرضي تي هلڻو پوندو اٿس، اسان جي سماج جي ريتن رواجن جي ور چڙهيل عورت ائين ئي پنهنجي سموري زندگي هر ڳالهه کي برداشت ڪندي گذاري ڇڏيندي آهي.