ڇا اسين ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ڪريون پيا؟

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جيتوڻيڪ مختلف ٽيڪنالاجيز انساني فائدن لاءِ اچن ٿيون پر جڏهن انهن ٽيڪنالاجيز جو غلط استعمال ٿئي ٿو ته پوءِ ان جو نقصان به اسان کي ئي ٿئي ٿو، موبائيل فون فوري رابطي لاءِ هڪ بهترين ٽيڪنالاجي طور سامهون آئي آهي، موبائل فون سسٽم ان ڪري ايجاد ڪيو ويو ته جيئن ماڻهو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هجي، اهو سڄي دنيا سان موبائل ذريعي رابطي ۾ رهي سگهي ٿو، اسان جي معاشري ۾ موبائل فون جو ناڪاري استعمال تمام گهڻو ٿيو آهي، جنهن ڪري اسان کي مختلف واقعا به ٻڌڻ ۾ اڪثر ايندا رهندا آهن، موبائل فون تي رابطن بعد ٿيندڙ شاديون به توهان سڀني جي سامهون آهن، ٻيا جيڪي ڪرائيم ٿين ٿا، انهن جي به هاڻي سڀني کي خبر پئجي رهي آهي، هاڻي اهڙي ڪابه ڳالهه ڳجهي ناهي رهي، مطلب ته موبائل فون جو صحيح استعمال گهٽ ۽ غلط استعمال وڌيڪ ٿي رهيو آهي، ڪجهه سماجي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي موبائل فون کان پري رکجي، هو جڏهن اسڪول ۽ ڪاليج مان پڙهي يونيورسٽي پهچي ته پوءِ ئي کيس موبائل فون استعمال ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، اسان وٽ ڏٺو ويو آهي ته والدين پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ننڍڙن ٻارڙن کي به موبائل فون وٺي ڏين ٿا، جنهن سان نه رڳو ان جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي پر انهيءَ فون جو غلط استعمال به ٿئي ٿو، پئسن جو به زيان ٿئي ٿو، هينئر موبائل فونز تي ڪيترائي پئڪيجز اچڻ ڪري نوجوان سڄو سڄو ڏينهن ڳالهائي پنهنجو وقت ضايع ڪن ٿا، هينئر ته باقاعده انٽرنيٽ تي ايم ايس اين ۽ ٻين پروگرامن وانگر موبائل تي ايس ايم ايس ذريعي چيٽنگ (Chatting)ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ هڪ ته اسان جو قيمتي وقت زيان ٿئي ٿو ۽ ٻيو پئسا به فضول ضايع ٿين ٿا، اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته وڏي ڄمار رکندڙ مرد توڙي عورت به هن کي اهڙي ريت استعمال ڪن ٿا، جيئن اڄڪلهه جا نوجوان ڪن ٿا، ماڻهو موبائيل کي اهو سوچي استعمال ڪن ٿا ته انهن جو بوريت وارو لمحو ڪنهن ٻئي سان چيٽ ڪري گذري ويندو پر اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو لمحو ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃائي ڇڏي ٿو، مطلب ته اڄڪلهه ماڻهو ايڏا فارغ ٿي ويا آهن جو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ڳالهائڻ باوجود به بوريت محسوس ڪن ٿا، ڪو دور هوندو هو جو ماڻهو چوندا هئا ته جنهن وٽ قلم آهي سو دنيا جي طاقتور ماڻهن منجهه عزت رکي ٿو پر اڄڪلهه معاملو ابتو ٿي ويو آهي، ايس ايم ايس پيڪيجز ته موبائيل کي گهڻو استعمال ڪرڻ لاءِ آساني ڏئي ڇڏي آهي، مختلف قسمن جا پيڪيجز جيئن رات جو 12 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين ڪال فري مطلب ان پيڪيج ذريعي سڄي رات وئي، باقي بچيو ڏينهن، سو به ايس ايم ايس پيڪيجز ذريعي فضول گذري وڃي ٿو، يعني اها موبائيل فون جي بيماري ۾ هر ڪو ورتل آهي، اها اهڙي بيماري آهي، جيڪا اڏوهي جيان انسان جي اندرين صلاحيتن ۽ سوچن کي کائي ختم ڪري رهي آهي، اوهان غور ڪيو هوندو ته هن ٽيڪنالاجي جا ڪيترا فائدا آهن ۽ ڪيترا نقصان آهن، هن سڄي ڳالهه جو اهو مقصد به ناهي ته سڀ ماڻهو ان بيماري ۾ مبتلا آهن، ضروري ناهي ته پنج ئي آڱريون برابر هجن پر جي هن بيماري کي پرسنٽيج ۾ ڏسجي ته اها بيماري سئو مان 80 سيڪڙو ماڻهن کي آهي ۽ 20 سيڪڙو ماڻهو هن کان بچيل آهن، آئون سڀني نوجوانن ۽ ڇوڪرين کي اهو پيغام ڏيان ٿي ته مهرباني ڪري ٿورو غور ڪريو ته اوهين ڇا پيا ڪريو؟ اسان کي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان وڌيڪ ڏيڻ گهرجي، نه ڪي ايس ايم ايس تي، نه صرف موبائيل فون پر ڪمپيوٽر تي فيس بڪ، انٽرنيٽ وغيره جي غلط استعمال کان به پاڻ کي بچايون ته اهو بهتر ٿيندو.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا اسين ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ڪريون پيا؟

    لاجواب ونڊ آهي ادا

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    ادا موبائيل فون جي استعمال واقعي به خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا اسين ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ڪريون پيا؟

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي.
     
  4. حسين بخش کوکر

    حسين بخش کوکر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 نومبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا اسين ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ڪريون پيا؟

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو