دردن جو ديس بڻيل شهر سان وس وارن جي ٻه اکيائي۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    خيرپور ناٿن شاهه شهر کي ايم آر ڊي جي شهيدن جو شهر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. اتي قانون نافذ ڪندڙن جمهوريت ڪاڻ جاکوڙيندڙ سنڌ جي سپوتن کي شهيد به ڪيو ته آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندڙ جواڻن کي زخمي ڪري ڪوڙا به هنيا ۽ جيلن ڀيڙو به ڪيو. ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي واري ان شهر کي اهڙي جدوجهد جو سلو اهو مليو آهي ته ان کي هٿ سان ٻوڙيو ويو. 2 سيپٽمبر واري رات لکين خيرپور ناٿن شاهه واسين کي رات وچ ۾ پنهنجا اجها ۽ روزگار جا ذريعا پٺيان ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻي پيئي. ( جهن ۾ مهنجو ڳوٺ پريا به 90 تباه ٿي چڪو آهي جتي هيئر به گوڏي جيترو پاڻي بيٺل آهي) اهي ٻوڏ متاثر هاڻي مهيني کان به وڌيڪ وقت کان مختلف ڪيمپن ۾ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انهن ماڻهن جي نه ئي ڪنهن چونڊيل نمائندي سار لهڻ لاءِ وک وڌائي آهي ۽ نه ئي آفيسر شاهيءَ کي سندن پرگهور لهڻ ياد آيو آهي. ايتريقدر جو ٻوڏ ۾ لڙهي ويلن يا حادثن سبب مارجي ويلن جي ڪا فهرست به جيڪڏهن تيار ڪئي ويئي آهي ته اهي به فوتين جي وارثن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ سندن حوصله افزائي ڪرڻ سان گهٽ ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ فاتحائن واري سلسلي سان وڌيڪ مقصود محسوس ٿين ٿيون.
    ڪامورا به ان شهر مان ڪجهه ان ريت ئي گم آهن. هنن ڪٿي به پنهنجون عارضي آفيسون قائم ناهن ڪيون، نه ئي اهڙي ذميواري محسوس ڪن ٿا. هن وقت تائين شهر ۽ تعلقي اندر 40 کان وڌيڪ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد گيسٽرو، مليريا، ڊائريا ۽ ٻين بيمارين جو علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن، پر اختيارين وٽ صرف 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو اڻپورو رڪارڊ آهي. هن وقت جڏهن ٻوڏ جو پاڻي آهستي آهستي شهرن توڙي ٻهرارين مان لهي رهيو آهي ۽ ماڻهو ڪيمپن جي عذاب واري زندگي ڇڏي پنهنجن اجهن ڏانهن موٽي رهيا ته خيرپور ناٿن شاهه واسي پنهنجي شهر مان ٻوڏ جو ڌپ ڪري ويل ڪارو پاڻي نيڪال ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. جن علائقن ۾ ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن، اتي گئس، پيئڻ جي پاڻي، بجلي، صحت ۽ صفائي جي اڻ هوند هنن جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪري رهي آهي. واپس ايندڙ ماڻهن وٽ پنهنجن ڏکن ۽ تڪليفن جا هزارين داستان آهن ۽ هر داستان ۾ هزارين قصا ۽ ڪهاڻيون جيڪي ٻڌي انسان جو اندر جهري پوي ٿو. پر اهي آهون، دانهون، واڪا ۽ رڙيون چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن جي ڪنن تائين نه ٿيون پهچن.
    هي اهي ئي ماڻهو آهن جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ”اٽو، لَٽو ۽ اجهو“ واري نعري کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکيڙيو ۽ اڄ تائين اهي پنهنجن تڪن ۾ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندا رهيا آهن. هن وقت به هن تڪ تي عمران ظفر لغاري ايم پي اي ۽ ڊاڪٽر خالق مهيسر ايم اين اي ۽ چونڊيل آهن. سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ جي حڪومت آهي، مطلب ضلعي توڙي تعلقي ليول تي رليف ڪاميٽين جا چيئرمين به پ پ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن آهن. ان باوجود نه ڄاڻ ڇو هتي جي ماڻهن جي دردن جي دوا نٿي ٿئي.هن وقت خيرپور ناٿن شاهه جي رحمت الله ڪالوني، شهباز ڪالوني، مدينه ڪالوني، گوليمار محلو، ڪريمداد لُنڊ محلو، مير خان محلو، نيو آباد ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن جون 80 سيڪڙو عمارتون پٽ ٿيل آهن. باقي بچيل گهر به زبون حال ٿي ويا آهن. لڏي ويل ماڻهو جڏهن شهر واپس اچن ٿا ته انهن جي رجسٽريشن نٿي ٿئي، انهن کي راشن ڪارڊ نٿا ملن، خيما نٿا ملن، اهي پنهنجن ٻارن ٻچن، ضعيف عورتن ۽ مردن سميت کٽولا ٽنگي ڇانوَ ڪري، ويٺل آهن، انهن مان گهڻا ئي ماڻهو بيمار به آهن، کين دعوائون نٿيون ملن ۽ ٻيون ڪي به زندگي جون سهولتون انهن کي ميسر ناهن. اڄ انهن کي رليف بجاءِ انهن کان سڀ ڪجهه ڦريو ويوآهي. اهي ماڻهو پنهنجن گهرن کان محروم ٿي ويا، معصوم ٻارڙن عورتن وٽ پائڻ لاءِ هڪ، هڪ وڳي کان وڌيڪ لَٽا ناهن، جڏهن اهي ”اٽي“ لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي حق ڏيڻ بجاءِ مٿن لٺيون وسايون وڃن ٿيون، انهن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ٿا وڃن.
    ڪيڏو نه افسوسناڪ الميو آهي ته جتي ٻوڏ حڪمران لڏي لاءِ هڪ وسريل اشو بڻجندي پيئي وڃي، اتي وري خيرپور ناٿن شاهه ۾ اڃان تائين ڪن، ڪن جاين تي 8 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي! اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن خيرپور ناٿن شاهه کي دردن جو ديس نه چيو وڃي ته ٻيو ڇا چئجي؟ خيرپور ناٿن شاهه واسي پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ اڃان تائين ڪروڌي روين اختيار ڪرڻ واري واٽ تي ناهن آيا، ۽ ان مان ئي ثابت ٿئي ٿو ته خيرپور ناٿن شاهه واسين کي اڃان به ڪا اميد آهي ته سندن مسئلن جو حل جمهوري حڪومتن کي نيٺ به ياد ايندو. هاڻي جڏهن حڪومت پاران زرعي زمينون ٻوڏ متاثر بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، زرعي ترقي لاءِ مفت ٻج ۽ مفت ڀاڻ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون پيون وڃن، تڏهن اها هڪ وڏي سواليه نشاني بڻيل آهي ته خيرپور ناٿن شاهه جي ماڻهن جا ڏک ۽ ڏوجهرا ڇو وس وارن کان وسري ويا آهن؟ هن وقت تائين جنهن علائقي ۾ 8 فوٽن تائين پاڻي نظر اچي، جيڪو بدبوءِ ڪري ويو هجي ۽ ڪارو ٿي ويو هجي، تنهن کي مد نظر رکي جيڪڏهن ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ واري ميگا پراجيڪٽ بابت سوچيو وڃي ته گهڻو ڪجهه ناممڪن جي زمري ۾ زنجيرن سان جڪڙيل نظر اچي ٿو. نه ڄاڻ ڪڏهن ان ناممڪن واري لڪير کي وس وارا ڊاهڻ جي ڪوشش ڪندا؟ نه ڄاڻ ڪڏهن وس وارن کي دردن جو ديس بڻيل خيرپور ناٿن شاهه کي رليف ڏيڻ ياد پوندو!؟
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دردن جو ديس بڻيل شهر سان وس وارن جي ٻه اکيائي۔۔۔

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي.
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دردن جو ديس بڻيل شهر سان وس وارن جي ٻه اکيائي۔۔۔

    جاري رکو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دردن جو ديس بڻيل شهر سان وس وارن جي ٻه اکيائي۔۔۔

    ادا عرس پريو صاحب!

    يار ليک ته تمام بهترين آهي، پر توهان هن ليک ۾ اهو نه ڏسايو آهي ته هي ڪنهن جو لکيل ليک آهي، توهان جو پنهنجو ليک آهي يا وري ڪنهن ويب سائيٽ تان کنيو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو