منڇر اڃا زهريلو!!

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ ۾ تازو جنهن ٻوڏ تباهي مچائي، تنهن مان به سنڌ جي سنڌوءَ سان صدين کان نينهن جو ناتو رکندڙ ماڻهن اهڙيون ڳالهيون کوٽي ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، جيڪي سنڌ جي ٻوڏ ستايل عوام کي اها آٿت ڏين ته اها فطري آفت، جنهن کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪاريون آڻيندڙ شدت ڏني ويئي، تنهن مان سنڌ کي ڪي چڱايون به نصيب ٿيون آهن. انهن ئي چڱائين مان هڪ هئي ان ٻوڏ جي منڇر جي زهريلي وجود کي ٻيهر جياپي جو وسيلو بنائڻ واري خوشخبري، جنهن گهڻا ئي چهرا سرها ڪري ڇڏيا. پر ڪجهه ئي ڏينهن جي اها خوشي به سنڌ جي عوام کان کسجي ويئي ۽ منڇر مان زهريلو پاڻي نڪري وڃڻ جي آس دم ڏنو. هاڻي شايد اها منڇر پنهنجو پلاند پيئي وٺي جو سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ان جو زهر شامل ٿيڻ لڳو آهي.
    خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي جتي گيسٽرو جو ڪارڻ بڻجڻ وارا ڪيميائي مادا سنڌوءَ جي پاڻي ۾ وڌي رهيا آهن، اتي وري ٻيا به زهريلا ڪيميائي مادا سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ گدلاڻ پکيڙي رهيا آهن. ايتريقدر جو ماهرن موجب هاڻي سنڌوءَ جي پاڻي کي فلٽر ڪري به پيئڻ لائق نٿو بڻائي سگهجي. سنڌوءَ جي پاڻي ۾ منڇر ڍنڍ جو زهريلو پاڻي، جيڪو سکر ڊائون اسٽريم وٽان سنڌوءَ جي وهڪرن جي ڪيوسڪ ماپن کان وڌيڪ مقدار ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، تنهن لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن جي اعليٰ عملدارن ۽ واسا اختيارين جي گڏيل اجلاس ۾ ارسا کان اهو مطالبو به ڪيو ويو آهي ته سکر اپ اسٽريم ۾ پاڻيءَ وهڪرن جيترو ئي پاڻي هنگامي بنيادن تي هيٺانهن وهڪرن ۾ ڇڏيو وڃي، ٻي صورت ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي جو اڍائي ڪروڙ کن عوام متاثر ٿيندو. منڇر کي گدلاڻ کان پاڪ بنائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا مختلف پليٽفارمن تان احتجاج ٿيندا رهيا، آواز اٿندو رهيو ۽ مطالبا گونجندا رهيا، پر سنڌ جي ان ننڌڻڪي ڍنڍ جو پيٽ، ان جي موج، ۽ ڦڙي ڦڙي جي زهر ٿي وڃڻ تي ڪنهن به وس واري جي ڪن تي جونءِ به نه سري. نيٺ فطرت ئي اهو ذمو کنيو ته پنهنجي سونهن جي ان حصي کي گدلاڻ کان پاڪ بڻائي. جڏهن ته سدائين پنهنجين ڪوتاهين جي رڪارڊ سان سنڌ جي فطري سونهن کي هاڃا رسائيندڙ اختيارين ۽ عوام کي سدائين مشڪلاتن جي ور چاڙهيندڙ وس وارن هڪ ڀيرو وري منڇر ۾ ڪيئي ڪٽ ڏئي ان کي زهريلو بنائڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو، جنهن جا نتيجا هاڻي لڳ ڀڳ اڌ سنڌ کي ڀوڳڻا پوندا.
    اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي صوبائي سرڪار سڌي ريت ۽ وفاق وسيلي ارسا تي اهو دٻاءُ وجهي ته هنگامي بنيادن تي سنڌ ۾ سکر ڊائون اسٽريم کانپوءِ ڪوٽڙي تائين گهٽ ۾ گهٽ گهربل مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن منڇر جي زهريلي پاڻيءَ کي سنڌوءَ کي نقصان پهچائڻ کان روڪي سگهجي. اسين ته اهو مطالبو به ڪنداسين ته لاڳاپيل صوبائي اختياريون منڇر ڍنڍ کي زهر ۽ گدلاڻ کان پاڪ بنائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻن. ماهرن کي ترت تحقيقي بنيادن تي منڇر جي صورتحال جو حل ڳولڻ جو ڪم ڏنو وڃي ۽ ايتري ئي رفتار سان سندن ٻڌايل حل کي عملي جامو پارائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منڇر اڃا زهريلو!!

    ادا بس اسان جا سياستدان يار ڏاڍا ڀلا آهن ڇا ڪريون انهن کي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو