• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪـــــــلھ تونـــــــــکي مون تقـــــديرن جا،

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ساره
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ساره

سينيئر رڪن
،اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪـــــــلھ تونـــــــــکي مون تقـــــديرن جا،
اڄ باغيءَ باغيءَ جي سِــــر تـــي، ٿو ڏســــان تـــاج تعـــزيــــزن جـــا.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رَتَ ۾ خوشبو مينديءَ جي،
ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا ! .

هُو ڪُوڙا ڪانئر ڪَـــــــڙڪَــــن ٿا، ۽ لاش هوا ۾ لَڙڪن ٿا،
پر ڳاڙها جھنڊا ڦَڙڪـــــــــــن ٿا ، ڇا رنگ ڏِٺم رهگيرن جــــا ! .

اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.

هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.

هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.

اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا

شيخ اياز
 
جواب: اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪـــــــلھ تونـــــــــکي مون تقـــــديرن جا،

مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
 
Back
Top