سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هر قوم جو پنهنجو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي، جنهن ۾ ان جي جياپي جا اهڃاڻ وجوديت جا احساس شامل هوندا آهن ۽ صدين جي پنڌ ۾ سندس ان قوم کي ڪلچر جي ڪتب آنديل شين مطابق سڃاتو ۽ ڳاتو وڃي ٿو، سنڌ جي تهذيب، تمندن به تمام آڳاٽي ۽ مضبوط پائي تي ٻڌل آهي، سنڌ جي تهذيب ۾ هر اها شيءِ سڃاڻ جو باعث بڻيل آهي، جنهن جو وجود صدين کان اڳ موجود هو ۽ آهي ۽ ان وجود کي احساس ڏيارڻ يا نه ڏيارڻ جي باوجود به ڪابه شيءِ ان کي ختم نٿي ڪري سگهي، ان ۾ ايترو ساهه ضرور پيل هوندو آهي جو صدين جا پنڌ ڪري سگهي ٿي، ائين ئي سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي، رلي به ٽوپي اجرڪ وانگر پنهنجي اهميت رکي ٿي، جيڪا سموري ثقافت جي شهه رڳ واري حيثيت رکي ٿي، هونئن ته رلي پوري سنڌ ۾ ٺاهي وڃي ٿي پر سنڌ جو ڏاکڻو حصو، جنهن کي لاڙ سڏيون ٿا، اتي تمام گهڻي ٺاهي وڃي ٿي، خاص طور تي رليءَ جا ٽي قسم ٿين ٿا ۽ انهن قسمن مان وري ڪيئي قسم نڪرن ٿا، عمومن هڪ قسم سڄي ٽڪريءَ وارو، ٻيو وڍ وارو، ٽيون ٽڪ وارو، چوٿون ڪور واري رليءَ جو قسم آهي. سنڌ جي رلي اڄ نه پر قديم سنڌ کان وٺي جديد سنڌ ۾ به ساڳي اهميت سان گڏ هر گهر جي ضرورت بڻيل آهي، سنڌ اهو واحد پرڳڻو آهي، جنهن ۾ رلين جو پورهيو ڪاريگري سان گڏ نفاست سان ٿيل هوندو آهي ۽ ان پورهئي ۾ عورتن جي محنت رت ست سميت شامل هوندي آهي، رلي جو پورهيو عورتون گهرن ۾ باقاعده ڪنديون آهن، جن ۾ سندن ضرورتن جو پورائو ڪنهن حد تائين پورو ٿي وڃي ٿو، اڄ مان توهان کي اهڙي عورت جي ڪٿا بيان ڪنديس، جنهن زندگي جا ڪيترائي سال رليءَ جي پورهئي کي ارپي ڇڏيا ۽ هينئر عمر جي ان حد تي پهتل آهي، جتي کيس آرام ئي آرام جي ضرورت اٿس پر ان جي باوجود به ڏکن سکن جي پرواهه نه ڪندي، مينهن طوفان ۽ گرمي سرديءَ کي به ڪلهن تي ساڻ ڪري گهمي ٿي، پنهنجي پيٽ کي ڏکن بکن تي رکي در در وڃي رليون وڪرو ڪري ٿي، اتر سنڌ جي شهر ٺيڙهي جي رهواسڻ مائي صاحب خاتون ڏهاڪو سالن کان وٺي رلين جو واپار ڪري ٿي، هن جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي گهر آهن، جن ۾ هن جون ڌيئر، ڏوهٽيون، ننهون، پوٽيون ۽ ٻيون رشتيدار رليءَ جي هنر جو پورهيو ڪن ٿيون، صبح کان شام تائين هنن جو ڏينهن رلين ٺاهڻ ۾ گذريو وڃي، ٺيڙهي باءِ پاس لڳ هنن جي ڳوٺ مان گذرندي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته رلين جي شهر ۾ اچي ويا آهيون، روڊ جي ٻنهي پاسن کان صرف رليون ئي رليون سجايون پيون هونديون آهن ۽ ايندڙ ويندڙ هڪ ٻه رلي ضرور خريد ڪندا آهن ۽ روڊ تان گذرندي ائين پيو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ڪا رلين جي نمائش لڳي هجي. مائي صاحب خاتون ٺاهيل رلين جون ڳٺڙيون پنهنجي مٿن تي رکي ۽ لٺ جي سهاري تي گهران نڪري مختلف شهرن ڏانهن رخ ڪري ٿي، تن ۾ پريالوءِ، خيرپور، پير جو ڳوٺ، ڪنب، سئي گئس ۽ ٺري ميرواهه جي هر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ٿي، ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ ٽيڪسي يا موٽرسائيڪل ڪرڻي پويس ٿي يا وري پيدل ڳوٺن ۾ وڃي ٿي، جتي سارو ڏينهن پنڌ ڪرڻو پوندو اٿس، ڪرائي جي باري ۾ مائي خاتون ٻڌايو ته ڪرايو رلين واريون مٿان ٻولي ڏين ٿيون، باقي هڪ رلي 250 کان 300 رپين ۾ وڪامي ٿي، هڪ رليءَ جي وڪامڻ تي هن کي 20 رپيا اجورو ملي ٿو، باقي اها ساڳئي شيءِ اسان کان ماڻهو خريد ڪري مارڪيٽ ۾ وڃن ٿا ته هزارن ۾ وڃي ٿي، جنهن جو فائدو به انهن کي ئي ٿئي ٿو، ڪافي رليون مايون اوڌر تي به وٺن ٿيون، تن ۾ تڪليف گهڻي آهي، رلين ٺاهڻ لاءِ ڪپڙي بابت هن جو چوڻ هو ته اسين ڪپڙو سکر مان کڻندا آهيون، جيڪو تورجي حساب تي ملندو آهي، ٻن ڪلن جي ڪپڙي مان رلي ٺهي وڃي ٿي، تهه وجهڻ لاءِ به ان ئي بازار مان پڙا وٺندا آهيون، 30 رپين جي حساب سان هڪ پڙو ملندو آهي، هن جي گهنجيل چهري مان ڪيتريون ئي حسرتون بکي رهيون، جيڪي هن جواني کان وٺي پوڙهائپ تائين اميدن جي آسري سجائي رکيون هيون، جن ۾ زندگي جي اڻانگي سفر ۾ پنهنجي دل جون حسرتون ته انهن رستن تي ڦٽي ڪيون، باقي اولاد جي آسن ۾ اڃان روان دوان آهي، رليءَ جو ڪم ايترو ته ڏکيو آهي جو آڱريون سئي جهلي جهلي ڏري پون ٿيون پر اهي انسان جن کي ٻن ويلن جي ماني نصيب نه ٿي ٿئي ۽ ڏکين ڏکين پورهين مان گذرڻو پوي ٿو. رلي نئين ڪپڙي مان به ٺاهي وڃي ٿي ۽ استعمال ڪيل ڪپڙن مان به ٺاهي وڃي ٿي، رلي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان تي پٽن جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، جيڪي رلي جي چئني طرفن کان چاڙهيا وڃن ٿا. پٽن جي مٿان وري گڏي چاڙهي وڃي ٿي، جنهن سان رلي ۾ وڌيڪ سونهن اچي ٿي. ٽڪ واري رلي اتر سنڌ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي، جنهن جي ٺهڻ جو ڪم گهڻو لاڙڪاڻي ۾ ٿئي ٿو، ٽڪ جي رلي ڏيهه ته ڇا پر پرڏيهه به موڪلي وڃي ٿي، ٽڪ واري رلي تي ٻين رلين جي بنسبت وڌيڪ محنت ٿيل هوندي آهي، جنهن جي ٺاهڻ ۾ به گهڻو وقت لڳي ٿو، هڪ رلي جي مٿئين تهه واري ڪپڙي کي جڏهن ڊزائين ڏيڻ لاءِ ڪٽيو وڃي ٿو ته اهو مرحلو تمام نازڪ ۽ توجهه طلب هوندو آهي، جنهن ۾ عورتون تمام گهڻي احتياط سان سئي ۽ سڳي کي هلائين ٿيون ۽ نظر جي هڪ ٽڪ بيهارڻ سان ٽوپي کي موتين جو جڙاءُ ڏين ٿيون، سنڌي ڪلچر ۾ اها شيءِ به ضرور نمايان آهي ته آيل مهمان جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ سندس شان ۾ کٽ تي رلي وڇائي ويندي آهي ۽ وڃڻ وقت کيس سوکڙي طور رلي جو تحفو به ڏنو وڃي ٿو، ٽڪ جي رلي بابت جڏهن ٺري ميرواهه جي رهواسڻ مائي جنان کان پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته ٽڪ واري رلي تي باريڪ بيني ۽ محنت سان ڪم ٿيل هوندو آهي، رلي جي ڪٽائي جي لاءِ وري مخصوص ٽولو ڌار هوندو آهي، جيڪي صرف ڪٽائي جا 500 وٺن ٿيون ۽ ان کانپوءِ جو ڪم وري اسين پاڻ ڪنديون آهيون، جنهن ۾ هيٺئين تهه تي ڪٽنگ وارو تهه پوري طرح سان بيهارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي، مائي جنان پنهنجي آڱرين ۾ سوئين جا سوراخ ٿيل ڏيکاريا ۽ چيو ته ان جي باوجود ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ڇو ته سٺي ٽائيم تي ڏيڻي هوندي آهي، جيڪا رلي بازار ۾ 7 -8 هزار تائين وڪامي ٿي، ان جو ملهه اڌ برابر ملي ٿو، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته رليءَ جو پورهيو عورت هر گهر ۾ ڪري ٿي، ڪا شوق تحت يا وري مجبوري تحت اهو هنر هلندو پيو اچي ڏکڻ سنڌ ۾ تلهار جي رلي به تمام گهڻي مشهور آهي ۽ ٿر جي رلي جا ته ڊزائين مختلف ۽ وڻندڙ هوندا آهن، خاص طور تي مٺي ۽ ڏيپلو به رلي جي هنر ۾ تمام گهڻو مشهرو آهي، جيڪو اڪثر ڪولهي ۽ ماڙيچا ۽ ميگهواڙن جي گهرن ۾ ٿئي ٿو، جهول ۽ سنجهوري جي رلي به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي، گهر جي سجاوٽ ۾ رلي کي تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو، اڳ ۾ رلي صرف کٽ تي وڇائڻ ۾ استعمال ٿيندي هئي پر اڄڪلهه سنگل بيڊ ۽ ڊبل بيڊ جي وڇائڻ ۾ رلي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، رلي جي ڊزائين ۾ وهاڻن جا ڪور به ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ٽڪ واري ڊزائين عورتون ڪپڙن جي ڳچي ٻانهن ۽ رئي تي به ڪرائين ٿيون، رلي سوکڙي طور به ڏني ويندي آهي ۽ نياڻين کي اڪثر ڏاج ۾ به ڏنيون وينديون آهن.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي

    بهترين ونڊ آهي ادا.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي

    سنڌ قديم زماني کان هنرن ۾ نامياري رهي آهي. نه رڳو هتي جا مرد هنر مند ۽ ڪاريگر آهن، پر زالون به سگهڙ ۽ سڄاڻ آهن. هو گهر جو ڪم ڪار پورو ڪري وانديون ڪين ويهن، پر ڪو نه ڪو ورتڻ ويهي ڪن. گهر جي ڇني ڦاٽي به ڳنڍين، ته ٽوپو ٽاڪو به ڪن. اجائي، پراڻي اڳڙي به ڪين وڃائين. اڳي ته ڪاپو ڪڍي، گهر جي ڀاتين لاءِ ڪپڙو تيار ڪرائينديون هيون. هن وقت ڪتڻ جو رواج نڪري ويو آهي، پر سبڻ ۽ ڀرت جو ڪم سنڌ ۾ اڃان به جام ٿي ٿو. ٽوپي جي ڪمن ۾ رليءَ جي هنر کي وڏي اهميت حاصل آهي. رلي خاص سنڌ جي سوکڙي آهي، ٻهراڙيءَ جي گهرن جو سينگار آهي، سگهڙ عورتن جي هٿ جو هنر ۽ سندن ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي. سنڌي عورتون پراڻن ڪپڙن مان ڏاڍا ٽڪر ڪڍي، گڏ ڪنديون وينديون آهن. جڏهن ڪافي اڳڙيون گڏ ٿي وڃن، تڏهن انهن جا کي جدا جدا رنگ ڏيئي رڱينديون آهن. انهن مختلف رنگين ٽڪرين مان چورس، ٽڪنڊن، مستطيل شڪلين ۾ اڳڙيون ڪتري، ٽڪريون ٺاهينديون آهن. اهي ٽڪريون پاڻ ۾ ڳنڍي، جدا جدا ڊزائينيون تيار ڪنديون آهن. هر هڪ ڊزائين کي ”چنڊ“ چئبو آهي. هن نموني سان تيار ٿيل رليءَ کي ”ٽڪرين واري رلي“ چئبو آهي. ڪي زالون وري اٽڪل هڪ گرانٽ هم چورس اڳڙيءَ جي ٽڪرن کي ڪئنچيءَ سان ٽڪينديون آهن. ان ٽڪيل ڪپڙي کي ٻي ڪپڙي جي مٿان سئيءَ سان جڙي، چنڊ تيار ڪنديون آهن. ٽڪ وارا چنڊ تيار ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ ڄاڻ جي ضرورت هوندي آهي. اهڙيءَ رليءَ کي ”ٽڪ واري رلي“ چئبو آهي.۔۔ٽڪ يا ٽڪرين مان تيار ڪيل چنڊن کي ڳنڍي، ڏيڍ ميٽر ويڪرو ۽ سوا ٻه ميٽر کن ڊگهو ته تيار ڪيو ويندو آهي، ان تهه جي چو طرف مختلف رنگن جون پٽيون ۽ ڪنگريون يا گڏيون لڳايون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ته تيار ڪرڻ بعد هڪ ٻيو لسو تهه به تيار ڪيو ويندو آهي.تهن ٺاهڻ کان پوءِ لسو تهه وڇائي، ان جي مٿان پراڻي ڪپڙي مان صاف ڪيل اڳڙين جا ٻه ٽي تهه ترتيب سان سٿيا ويندا آهن. ان بعد ٽڪرين يا ٽڪ وارو تيار ٿيل تهه ان جي مٿان رکي، پاسن کان ٽوپو ڏنو ويندوآهي. تهن کي پاسن کان ٽوپي ڏيڻ بعد، ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي ٽوپا ڏنا وينداآهن. انهن ڇڊن ٽوپن کي ”دوڳڻ“ چئبو آهي. رليءَ جي دوڳڻ جو اهو مقصد هوندو آهي، ته تهن جي وچ ۾ سٿيل اڳڙيون اڳتي پوئتي ٿي ڳنڍا ڳوڙها نه ٿي پون. دوڳڻ کان پوءِ هر هڪ دوڳ جي وچ ۾، گهاٽا ٽوپا ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح سڄي رلي تيار ڪئي ويندي آهي. ٽوپا ڏاڍي خبرداريءَ سان ڏنا ويندا آهن، ۽ انهن جا کڻ گهڻو ڪري هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا هوندا آهن.گهر ۾ عام استعمال لاءِ ساديون ۽ لسيون رليون ٺاهيون وينديون آهن. ٽڪ وارين رلين جو استعمال آئي وئي لاءِ ڪيو ويندو آهي. سگهڙ زالن جي گهر ۾، روزانو ڪم ايندڙ رلين کان سواءِ نيون ۽ ٽڪ واريون رليون به ڪافي تعداد ۾ هونديون آهن، جن کي هو ڏاڍِي سنڀال سان ويڙهي رکنديون آهن. ٻهراڙين جو دستور آهي ته جڏهن ڪو به عزت وارو مهمان اتي پهچي ويو، ته هڪدم رلي وڇائي، کيس کٽ تي ويهاريندا ۽ پوءِ سندس آجيان کي لڳندا.
    رليءَ جو هنر سڄي سنڌ ۾ آهي، پر سڀ کان اعلي رليون ٿرپارڪر ضلعي جي ناري واريءَ ايراضيءَ ۾ ٺهن ٿيون. انهن جي بيهڪ، ڊزائن ۽ ٽوپو ڏسي، حيرت وٺي ويندي آهي. گھڻيون رليون ته ڏيک ويک ۾، سٺن کيسن کان به سرس هونديون آهن. ڊزائين جي لحاظ کان رلين جا ڪيترائي نالا آهن. ڇهن دٻلن واري، سورهن چنڊن واري، سٺ دٻلن واري، کوهه ڦيري واري، اڌ ٽڪ واري، پکي واري، نانگ ڦڻ، نور پڇي، ڦڻيءَ ڪور، فرشي، پتاشي، ٽڪ واري وغيره.سنڌ ۾ رلي وڇائڻ توڙي اوڍڻ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. سنڌ کان ٻاهر ٻي هنڌ ڪٿي به رليءَ جو هنر نه آهي. هن وقت ٻاهرين ملڪن ۾ رليءَ کي ڏاڍو پسند ڪيو وڃي ٿو. ڪيترائي ماڻهو رليون سوکڙيءَ طور ٻاهرين ملڪن جي دوستڻ کي ڏيندا آهن.حڪومت به هن هنر کي زور وٺائڻ لاءِ، هنري نمائش ۾ عمدي قسم جي رلين تي انعام ڏيندي آهي. هن وقت رليءَ جو شمار گهرو هنرن ۾ ڪيو وڃي ٿو. هاڻي رليون بازار ۾ به وڪامڻ لڳيون آهن. وڪري لاءِ رليون گهڻو ڪري نئين ڪپڙي مان تيار ڪيون وينديون آهن. رليءَ جو هنر حب الوطني، محنت ۽ سانگ صرفي جو سبق ڏي ٿو. سنڌيءَ ۾ ته هڪ چوڻي آهي ته ” جهڙو رنگ رليءَ جو، تهڙي جوت جوان“ ان مان ظاهر ٿيو ته رليءَ جو حسن، انسان جي اخلاق کي ظاهر ڪري ٿو.(ظهور احمد سو لنگي)




    [​IMG]



    سنڌ جون ڪجهه رلي نما بيڊ چادرون وغيره ​


     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي

    ادا عرس پريا اوهان کي جس هجي جو اسان جي سنڌي ثقافت جي ترجماني ڪئي اٿو ۽ رلي جي متعلق تفصيل ۽ محنت سان مضمون ڄوڙي ونڊ ڪيو اٿو ، واقعي رلي جي هنر ۾ وڏي محنت آهي ۽ اصل محنت ڪندڙن کي مناسب معاضو نٿو ملي ، جيڪا ڳالھ نهايت ڏک ۽ تلڪيف ڏئي ٿي ، اڄ ڪل مصنوعي رلين جو به رواج وڌندو پيو وڃي جيڪا ڳالھ پڻ اسان جي هن ثقافت کي ختم ڪرڻ جي برابر سمجهان ٿو اسان کي گهرجي ته اصل ۽ هٿ سان سبيل رلين کي ڪتب آڻيون ۽ هن کي هٿي وٺرايون ،

    ادا ممتاز وگهيا اوهان جي ليک يا ڪامينٽس هميشه جيان بهترين ۽ معلومات سان پر هوندو آهي ، جنهن لاءِ اوهان هميشه مبارڪ باد جا مستحق رهندا ،
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي

    لک ٿور ا سائي ممتاز وگهيو جا جو موضوع کي چار چنڊ لڳائي ڇڌئين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ممتاز جي اهائي ته خاصيت آهي جو موضوع لاء بتمام گهڻي محنت ڪندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهربانيو

    سائين افتخار وڏا قرب جو مان ڏنو ۔۔۔۔۔۔۔۔ رلي اسانجي هڪ اهڙي ثقافت آهي جيڪا روز مره وانگر استعمال ٿئي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ماڻهون کي پنهنجي ثقافت سان پيار ڪرڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي تهذيب ۾ ”رلي“ به خاص قسم جو رتبو رکي ٿي

    خوبصورت ۽ معلوماتي مضمون آهي۔
    هي ساڳيو مضمون روزانه سڪار ۾ پڻ ڇپيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو