اِهو آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي؟ شرميلا فاروقي ۔ روزانا ڪاوش مان ورتل 16 ۔10۔ ۔2010

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو ڏي زير زبر سان ملڪ ۾ آئيني تبديلي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ اهي جذبات ۾ اچي آئين جي پاڻمرادو تشريح به ڪري رهيا آهن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن پاڻ کي آئين تي ”اٿارٽي“ تصور ڪري ورتو آهي. ٽي وي چينلز تي ويهي اهي فيصلا ٻڌائي رهيا آهن ۽ فتوائون پڻ جاري ڪري رهيا آهن ته جيڪي ماڻهو آئيني تشريحن کي نٿا مڃن، انهن کي نه ملڪ سان محبت آهي، نه ئي آئين جي پاسداري جو خيال آهي. حقيقت اها آهي ته اهڙا ماڻهو هڪ مخصوص ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن. آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن به اچي ته ان کي هٽائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا وڃن يا پيپلز پارٽي جي چونڊيل قيادت جي خلاف ڪردار ڪشي جي مهم شروع ڪئي وڃي ۽ ان کي سياسي ۽ جسماني طور تي ختم ڪيو وڃي. آئين ۾ اهڙيون شقون موجود نه هجڻ باوجود بدقسمتي سان پاڪستان ۾ آئين جي اهڙي تشريح ٿيندي رهي آهي، جيڪا آئين جي روح جي خلاف آهي.

    ماضي ۾ مولوي تميز الدين خان ڪيس کان وٺي نصرت ڀٽو ڪيس تائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ڪيس کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آخري حڪومت ختم ٿيڻ خلاف ڪيس تائين عدليه جيڪي فيصلا ڏنا، انهن مان پاڪستان جي پراڻن آئينن ۽ موجوده آئين بابت دنيا کي اهو تاثر مليو ته ڄڻ پاڪستان جي هر آئين جي اها منشا ۽ مرضي رهي آهي ته پاڪستان جون حقيقي عوامي ۽ جمهوري قوتون اقتدار ۾ نه اچن ۽ مقبول سياسي قيادت کي سياسي ۽ جسماني طور ان رستي تان هليو وڃڻ گهرجي. اهو به تاثر قائم ٿيل آهي ته پاڪستان جو هر آئين آمرن کي ان ڳالهه جي اجازت ڏيندو آهي ته اهي آئين کي معطل ڪري ڇڏين ۽ پاڪستاني شهرين جا بنيادي حق غضب ڪري وٺن. اها اڄ تائين جي آئين جي تشريح آهي، جيڪا ڪجهه ماضي ۾ عدالتي فيصلن سان ماڻهن جي ذهنن ۾ سمائجي وئي آهي. ماضي جي عدليه جي فيصلن جي موجوده عدليه به مذمت ڪئي آهي ۽ ان تي افسوس جو اظهار به ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ عدالتون پنهنجي ملڪ جي آئين جي اهڙي ريت تشريح ڪنديون آهن ته آئين جي اصل مرضي ۽ منشا سامهون ايندي آهي. آئين جو حليو ناهي بگڙجندو، پر آئين جا بنياد مضبوط ٿيندا آهن، پر ماضي ۾ عدليه جي ڪجهه فيصلن آئين جي اهڙي تشريح ڪئي، جيڪا آئين جي منشا ۽ مرضي سان ٽڪراءَ ۾ نظر اچي ٿي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ماضي ۾ انهن فيصلن بابت به آمر ۽ سندن سياسي سهڪاري پروپيگنڊا ڪندا رهيا. اڄ اهي ئي ڪارندا وري عدالتن ٻاهران اهڙي تشريح ڪري رهيا آهن، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته جيئن پاڪستان جي آئين ۾ لکيل هجي ته صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي هٽايو وڃي. پروپيگنڊا ڪندڙ عناصر کي معلوم هجڻ گهرجي ته آئين ۾ حڪومت جي تبديلي جو هڪ طريقو موجود آهي. اُهو اِهو ته قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان (وزير اعظم) کي اعتماد جو ووٽ ٻيهر وٺڻ لاءِ تحريڪ جمع ڪرائي وڃي ۽ تحريڪ تي گهربل ميمبرن جون صحيحون موجود هجن. اها تحريڪ جمع ڪرائيندڙن کي ان ڳالهه جو به يقين هجي ته کين ايوان ۾ اڪثريت حاصل آهي ۽ انهن جي آئنده حڪومت نه صرف بڻجي ويندي، پر مضبوط ٿيندي ۽ ملڪ ڪنهن سياسي يا آئيني بحران جو شڪار نه ٿيندو. ان لاءِ آئين ان ڳالهه جو پابند بڻائي ٿو ته 1988ع وانگر ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪنهن مهراڻ بئنڪ جو پئسو استعمال نه ڪيو وڃي ۽ ڌمڪين لاءِ آپريشن مڊ-نائيٽ جو سهارو نه ورتو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ته پوءِ آئين ۾ حڪومت جي تبديلي جائز آهي باقي ٻيو ڪو طريقو ناهي.

    ڪجهه عناصر اهڙا به آهن، جيڪي اهڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته عدالت جي ذريعي حڪومت کي هٽائڻ به ”آئيني تبديلي“ آهي. انهن نام نهاد جمهوريت پسندن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته آئين ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته صدر زرداري کي هر حال ۾ پنهنجي عهدي تان هٽايو وڃي ۽ ان لاءِ اهڙن ڪيسن کي بنياد بڻايو وڃي، جيڪي ماضي ۾ سياسي بنيادن تي ڪيا ويا ۽ جن جو گذريل 15 سالن کان فيصلو نه ٿي سگهيو. انهن نام نهاد جمهوريت پسندن ۽ سياسي تجزيه نگارن کي اهو شعور به هجڻ گهرجي ته آئين جي آرٽيڪل 248 جي لفظن جي منشا ۽ مرضي ڇا آهي، جن تحت صدر کي ڇوٽ حاصل آهي، ڇو ته اهو عهدو وفاق جي يڪجهتي جي علامت آهي. صدر آصف علي زرداري جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ هن پنهنجا اختيار پارليامينٽ ۽ وزير اعظم کي منتقل ڪيا. سندس قيادت ۾ وفاق کي پيش آيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 18 هين ترميم آئيني ترميم جي شڪل ۾ وفاقي يونٽن وچ ۾ ۽ رياست ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ نئون سماجي معاهدو ڏنو ويو. هن قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ڏنو ۽ وفاقي يونٽن وچ ۾ پراڻو تڪرار ختم ڪرايو. هو معيشت جو رخ غريبن ڏانهن موڙي رهيو آهي ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي قومي خودمختياري جي بنياد تي استوار ڪري رهيو آهي. ڇا سندس اهو ڏوهه آهي ته هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل تي پيدا ٿيندڙ ڪاوڙ کي ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ بجاءِ وفاق ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي جذبات ۾ تبديل ڪيو؟ پاڪستان جي ماڻهن آئين جي غلط تشريح تي ڏک ڏٺا ۽ وڏن المين ۽ سانحن کي منهن ڏنو. ان لاءِ خدارا ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ مصيبت جو ادراڪ ڪيو وڃي ۽ ٽي وي چينلز تي ويهي آئين جي اها تشريح نه ڪئي وڃي، جيڪا نه آئين ۾ تحرير آهي ۽ نه ئي آئين جي منشا ۽ مرضي آهي. اهڙي تشريح ڪنهن کي ڊڪٽيٽ به نه ڪرائي وڃي ۽ نه ئي اهڙو دٻاءُ وڌو وڃي ته هو انصاف جي گهرجن کي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور ٿئي.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اِهو آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي؟ شرميلا فاروقي ۔ روزانا ڪاوش مان ورتل 16 ۔10۔ ۔2010

    جي ادا بلڪل.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو