سڀ ڪجهه بلڪل به ٺيڪ ناهي ۔۔۔۔۔۔ خوشنود علي خان ۔۔۔۔ روزانا عوامي آواز ۔۔16۔۔10۔۔2010

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجي نظر ۾ حالتون تمام گهڻيون خراب آهن. مون کي ته ڪجهه به هلندي نظر نٿو اچي، جتي اهو سوچيو پيو وڃي ته جيڪڏهن چيئرمين نيب جو نوٽيفڪيشن ٺيڪ ناهي ته پوءِ عدليه جي بحالي جو نوٽيفڪيشن به صحيح نه هو پوءِ ته ان کي به واپس وٺڻ گهرجي. پوئين رات هڪ تمام مٿانهين گهر ۾ صلاح مصلحت ٿي رهي هئي...... لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي وارن اهو سچي ورتو آهي ته اسان کي جهڙي نموني موڪليو ويو..... اسان مزاحمت ڪنداسين ۽ ويندي ويندي شهادت جو رتبو ضرور ماڻينداسين. جمهوريت ۾ ته اهو سياسي جماعتن ۽ سياسي ڪارڪنن جو حق آهي..... پر مون کي ته هن وقت ”ٽڪراءَ“ جي زبان سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي......... ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه ٿيندي نظر اچي ٿو ان ۾ ملڪ جي معاشي حالت خراب ٿي ويندي ، ٻوڏ متاثرن ڏانهن ڌيان هٽجي ويندو، ملڪ جي معاشي حالت ويتر خراب ٿي ويندي، خودڪشين جو تعداد وڌي ويندو، ملڪ ۾ لاقانونيت وڌي ويندي، مهانگائي ۾ واڌارو ايندو، بي روزگاري عام ٿيندي...... اهي مشڪلاتون ته ليڊر شپ کي حل ڪرڻيون هونديون آهن پر ملڪي ليڊرشپ اقتدار جي جنگ ۾ مصروف آهي. ان وٽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جو وقت ناهي، آخر اقتدار جي اها جنگ ڪيستائين هلندي....... ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ملڪ مالي طور ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي پر ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي، ملڪ جو وزير خزان يا مشير خزانه چئي چُڪو آهي ته ٻن مهينن جي پگهارن جا پئسا آهن پر ان جي ترديد ڪرائي وئي........ انهن ڳالهين تي سوچڻ وارو ڪو به ناهي، 12 آڪٽوبر گذري وئي. 13 آڪٽوبر گذري وئي ۽ دنيا جا تقريبن سڀ انقلاب آڪٽوبر ۾ ئي آيا آهن، مان حقيقت ۾ انتهائي خوفائتو آهيان. جيڪو ڪجهه قانون جي وزير بابر اعواڻ لاهور ۾ چيو هو هيءُ سڀ ان جو ئي نتيجو آهي.... ۽ پوءِ نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل عرفان قادر پنهنجي درخواست ۾ (جنهن کي سپريم ڪورٽ قبولڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو) چيو هو ته اوهان جي (سپريم ڪورٽ جي) بحالي جو نوٽيفڪيشن غلط هو. اڄ جي جيڪڏهن اهو چيو پيو وڃي ته اها خبر بلڪل بي بنياد آهي ته اها ڳالهه ته ٻه چار ڏينهن اڳ ئي ڪئي وئي هئي، مان هڪ ڳالهه جو قائل آهيان ته هن حڪومت کي قانون جو وزير بابر اعواڻ مارائيندو؟ جيڪڏهن ان خبر جو ڪو وجود نه هو ته پوءِ وزيراعظم کي ترديد ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.

    سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني ججن جي پئنل پاران پوئين رات جيڪا پڌرائي ڪئي وئي تنهن ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي 31 جولاءِ 2009ع جي فيصلي ۾ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي هئي ته چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن هميشه لاءِ موثر هوندو ۽ هاڻي اعليٰ عدالتن جي ڪنهن به جج کي ڪم ڪرڻ کان نه ٿو روڪي سگهجي. ججن کي هٽائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 29 ۾ ان جو طريقي ڪار واضح ڪيو ويو آهي، عدالت ڪالهه صبح اٽارني جنرل مولوي انور الحق کان اها وضاحت طلب ڪئي آهي ته انهن خبرن جو مرڪز ڇا آهي ۽ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي، سو مان بهرحال انهن ڳالهين سان اتفاق نٿو ڪيان ته سڀ ٺيڪ آهي، ٺيڪ ٿي رهندو. حقيقت اها آهي ته نه سڀ ٺيڪ آهي ۽ نه ئي سڀ ٺيڪ رهندو.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سڀ ڪجهه بلڪل به ٺيڪ ناهي ۔۔۔۔۔۔ خوشنود علي خان ۔۔۔۔ روزانا عوامي آواز ۔۔16۔۔10

    بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو