• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون... زرار پيرزادو ۔۔۔۔۔۔۔روزانا عوامي آواز 16۔۔۔10۔۔۔2010

حاڪم

سينيئر رڪن
سپريم ڪورٽ کي شڪ آهي ته حڪومت واقعي به ججن جي بحالي وارو وزيراعظم جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي رهي هئي تنهن ڪري ئي ان هنگامي بنياد تي اجلاس طلب ڪري ٽي وي تي هلندڙ خبرن جو سخت نوٽيس وٺڻ سان گڏو گڏ ان کان 18 آڪٽوبر تي ان ان واقعي جي باقاعدي تحقيق ڪري اهڙي رپورٽ به طلب ڪئي آهي. جنهن مان سپريم ڪورٽ کي پڪ ٿئي ته حڪومت جو اهڙو ڪو ارادو نه هو. جڏهن ته حڪومت جا حامي اهو سمجهن ٿا ته اها حڪومت ۽ عدليه کي ويڙهائڻ جي سازش آهي، حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته اهڙي اهم ڪارروائي ڪرڻي هجي ها ته سڀ کان اڳ ۾ ججن کي نظربند ڪجي ها ۽ سپريم ڪورٽ کي سيل ڪجي ها ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ فوج کي اعتماد ۾ وٺجي ها، خود پ پ حڪومت جا مخالف به چون ٿا ته مشرف لاءِ اهڙي ڪارروائي ڪرڻ ان ڪري ممڪن هئي جو هو صدر به پاڻ هو ۽ فوج جو سربراهه به پاڻ هو، پر پ پ حڪومت لاءِ اهو ممڪن ناهي. جيتوڻيڪ نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو واقعي به حڪومت وٽ آپشن هو ۽ ان جو ذڪر وزيراعظم گيلاني پنهنجي هڪ پارلياماني خطاب ۾ به ڪري چڪو آهي. ان ڪري عدليه ٽي وي جي خبرن کي سنجيده ورتو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا حڪومت واقعي به اهڙي ڪنهن آپشن تي غور ڪري رهي هئي. بظاهر حڪومت وٽ يقينن اهڙي ڪنهن غلطيءَ جي گنجائش به ناهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي به ائين سوچي رهي هئي ته اها ان جي خودڪشي هجي ها. سو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حڪومت وٽ قانوني جنگ وڙهڻ لاءِ ڪا مضبوط ٽيم ناهي جنهن ڪري حڪومت کي مسلسل ناڪاميون پلئه پئجي رهيون آهن. ان حوالي سان عام تاثر اهو آهي ته بابر اعواڻ، رحمان ملڪ ۽ لطيف کوسي جهڙا صلاحڪار حڪومت وٽ هوندا ته اهي ان کان اهڙا ئي غلط فيصلا ڪرائيندا. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ پيل ٿرٿلي کي حڪومت جي هڪ چال به سمجهي رهيا آهن جڏهن ته ميڊيا جي شرارت جا به تمام گهڻا امڪان آهن ڇا ڪاڻ ته بريڪنگ نيوز جي صورت ۾ اها اهم خبر ٽي وي چئنلن ئي ٽيلي ڪاسٽ ڪئي هئي بحر حال ذميوار ڪير به هجي پر حقيقت اها آهي ته ان سان نقصان حڪومت جو ئي ٿيو آهي. سو نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته ان واقعي ڪري حڪومت کان ججن کي واپس معطلي واري پوزيشن جي آڻڻ واري نوٽيفڪيشن جي واپس وٺڻ وارو بچيل اهم آپشن کسجي ويو آهي.
 
Back
Top