جواب: تعارف ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسلام عليڪم ۔۔۔۔۔۔
سهڻا دوست حاڪم علي ڪنڀر صاحب، سنڌ سلامت جي اوطاق تي اوهانکي ڀليڪار ٿي چئجي، جيتوڻيڪ اوهان پنهنجو تعرف مختصر ئي ڪرايو پر خوشي جي ڳالهه آهي ته اوهان تعرف ڪرايو ۔۔۔۔
لاڙڪاڻو سنڌ جو سهڻو ۽ ساهه سنباڻو شهر آهي ۽ لاڙڪاڻي شهر جي تاريخي ڪردار تي نظر وجهبي ته هن شهر تمام ڏاها ۽ دنيا ۾ مشهور انسان پئدا ڪيا آهن ۔۔۔
اميد ٿي ڪجي ته اوهان به ان تاريخي ڪردار سان پاڻ کي سلهاڙيندي، سنڌ سلامت جي هن اوطاق ذريعي سنڌ جي آجپي واري فڪر سان پاڻ به روشن ٿيندا ۽ اسانجي به رهنمائي ڪندا ۔۔۔
هڪ ٻي ڳالهه ته هن اوطاق جي مختلف ڪمرن ۾ مختلف دوستن جا موڪليل ليک موجود آهن جنکي اوهان پڙهي ڏسندا ۽ پنهنجن ڪارائتن خيالن ۽ صلاحن سان نوازيندا ۔۔۔
هڪ دفعو ٻيهر اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔۔
دوستن گڏجن، ميلا لڳن ۽ ڏک سک ونڊ ٿين ته سنڌ جي آجپي واري جدوجهد صاف ۽ سهڻي ٿئي ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ