• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل پريارٽي انباڪس۔۔ Gmail Priority Inbox

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!

اليڪٽرانڪ ميل يعني ايميل اسان لاءِ تمام گهڻي سهولت پئدا ڪري ڇڏي آهي، مطلب ته سيڪنڊن ۾ دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان هڪ ٻئي سان رابطو۔۔۔
روزانو اسان توهان وٽ ڪيتريون ئي ايميلون اچن ٿيون۔ دوستن جا ايميل ميسج اچن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن نوڪريءَ جي ويب سائيٽ تي اپلائي ڪيو آهي ته انهن جا ميسج اچن ٿا۔ مختلف ويب سائيٽن تي سبسڪرپشن ڪرڻ جي ڪري انهن جا ايميل ميسج اچن ٿا۔ مطلب ته ڍير ساري ايميل اسان جي انباڪس ۾‌جمع ٿي وڃي ٿي، مان پنهنجو مثال ڏيان منهنجي ايميل انباڪس ۾ روزانو 60 کان مٿي ميسج اچن ٿا، ان کان علاوه اسپيم ميسج الڳ اچن ٿا۔۔۔
انهن 60 يا مٿي تعداد واري ايميل مان ڪجهه ايميل ميسج خاص هوندا آهن، جيڪڏهن مان ڪنهن وقت انهن ايميل ميسج کي چيڪ ڪرڻ چاهيان ته تمام گهڻو وقت لڳي ويندو۔۔ ان ڪري گوگل ميل (يعني جي ميل) هڪ خاص فنڪشن متعارف ڪرايو آهي جنهن جو نالو آهي پريارٽي انباڪس يعني توهان پنهنجي انباڪس کي مختلف حصن ۾ ورهائي سگهو ٿا۔ ضروري ڄاڻايل اي ميل کي هڪ طرف رکي سگهو ٿا، ۽ ٻئي هر قسم جون ايميلز ٻئي پاسي۔۔۔
گوگل ميل جي متعارف ڪرايل ان فنڪشن ايميل سروس جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، ۽ ايميل استعمال ڪندڙ يوزر ڪيترن ئي مسئلن کان آجا ٿي ويا آهن۔
http://www.youtube.com/watch?v=5nt3gE9dGHQ

gmail-priority-inbox-full.png

هن فنڪشن کي فعال ڪيئن ڪجي ان لاءِ ڏسو هي وڊيو۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=w-zzRwuu95Y


http://www.youtube.com/watch?v=PcGINt-8Odg
 
جواب: گوگل پريارٽي انباڪس۔۔ Gmail Priority Inbox

جي ميل وارن جي ڪارائتي تبديلي آهي۔۔۔۔ ڇا اهڙو ئي آپشن ياهو يا هاٽ ميل ۾ آهي۔۔۔؟
 
جواب: گوگل پريارٽي انباڪس۔۔ Gmail Priority Inbox

جي ميل وارن جي ڪارائتي تبديلي آهي۔۔۔۔ ڇا اهڙو ئي آپشن ياهو يا هاٽ ميل ۾ آهي۔۔۔؟

سائين اڄ ياهو ميل جو تفصيل سان جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته گوگل جي پريارٽي انباڪس فيچر جي مقابلي ۾ انهن به هڪ نئون آپشن ”آٽوميٽڪ آرگنائيزر“ متعارف ڪيو آهي، جنهن جي پڻ ساڳي خاصيت آهي۔۔
اهڙي طرح سان هاٽ ميل جي طرفان “سويپ“ جي نالي سان اهو فنڪشن متعارف ڪرايو ويو‌ آهي۔ يعني توهان پنهنجي ڪانٽيڪٽس، سوشل اپڊيٽس ۽ گروپس جي ميلز کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهائي سگهو ٿا

 
جواب: گوگل پريارٽي انباڪس۔۔ Gmail Priority Inbox

تمام بهترين لاجواب معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

سدائين گڏ
 
Back
Top