اڪ تيري ديد چهن گئي هم سي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪالهه اکين جي نور جو عالمي ڏينهن هو. پر مان ان موضوع تي اڄ سوچي رهيو آهيان. ڇو ته منهنجي اکين جي ديد جهڪي ٿي وئي آهي. هڪ منظر ڏسڻ جي لاءِ مون کي هڪ ڏينهن جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه مون به اوهان وانگر ننڍي هوندي کان ٻڌي آهي ته ”نور هڪ وڏي نعمت آهي“ پر منهنجو خيال ۾ اهو پهاڪو پراڻي دور جي نمائندگي ڪندڙ آهي. اها ڪا ٻي دنيا هوندي، جنهن جا ڪي خوبصورت منظر هوندا. اها ڪا ٻي دنيا هوندي جنهن جو هر ڏيک حسين هوندو. اها ڪا ٻي دنيا هوندي جنهن مان اک ڪڍڻ تي دل نه چوندي هوندي. اها دنيا اڄ ڪٿي به ڪونهي ۽ هيءَ دنيا ته اهڙن منظرن جو مجموعو بڻيل آهي، جنهن ۾ هر منظر ماڻهوءَ جي اک ڪڍي رهيو آهي. ان ڪري منهنجي ديد هن دنيا لاءِ ۽ هيءَ دنيا منهنجي ديد لاءِ جهڙوڪ اجنبي بڻيل آهي. ان ڪري مون اکين جي ديد واري عالمي ڏينهن تي ڪجهه نه لکيو. هن دنيا جي حوالي سان جنهن ۾ بقول اياز صرف آلا ٽوها آهن، جيڪي هر ڏسڻي وائسڻي اک ڪڍڻ لاءِ آتا آهن. ان ڪري هن دنيا ۾ پنهنجي سر جو خير گهرڻ وارا انڌائپ جي ائڪٽنگ ڪري هلن ٿا. انهن کي خوف آهي ته متان انهن جو نور انهن جو دشمن نه بڻجي وڃي. ڇو ته هن دنيا کي ڏسڻ وارن ماڻهن کان نفرت آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن نفسياتي ڪيفيت ۾ مون کي اهو به لڳندو آهي ته هي ادارا جيڪي ”بينائيءَ جا عالمي ڏينهن“ ملهائن ٿا، سي ان عالمي اسٽبلشمينٽ جا ايجنٽ نه هجن، جيڪا باقي بچيل نور وارين اکين جي پويان پيل آهي ۽ اها پوري دنيا کي انڌو ڏسڻ چاهي ٿي. شايد ان ڪري اکين جي ديد جي عالمي ڏينهن تي ميڊيا تي صرف نابين ئي ظاهر ٿيندا آهن ۽ جيڪي ڏسي سگهڻ وارا هوندا آهن، اهي انهن ڏينهن رفوچڪر ٿي ويندا آهن. انهن کي ان ڏينهن پنهنجي باقي بچيل نور کي بچائڻ جو فڪر ورائي ويل هوندو آهي.
    هيءَ دنيا ائين ڇو ٿي؟ مان ان سوال تي سوچڻ نه ٿو چاهيان. ڇو ته ان ۾ هڪ ڊگهي تجزئي جي تقاضا ڪنڌ مٿي ڪندي، جڏهن ته مان مختصر سوچ کي ئي افورڊ ڪري سگهان ٿو. منهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي ته اها دنيا هاڻي اهڙي ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسڻ وارين اکين جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڄيل آهن. هيءَ دنيا جيڪا بينائيءَ وارين اکين کي به انڌو ڏسڻ چاهي ٿي، تنهن دنيا جي حوالي سان مان پهريان به لکي چڪو آهيان ته ڇا ان ۾ ڪوئي اهڙو منظر باقي بچيو آهي، جيڪو ڏسڻ جي لائق هجي. هيءَ دنيا واقعي به ڏسڻ جي لائق نه رهي آهي. ان ڪري هن دور جو انداز اهڙو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ڏسڻ هڪ غنيمت نه پر نه ڏسڻ هڪ غنيمت بڻجي وئي آهي.
    باقي اسان جي پيرن ۽ مرشدن ته اسان کي اهوئي ٻڌايو آهي ته هن دنيا ۾ جيڪي شيون ڏسڻ جهڙيون آهن، انهن کي ڏسڻ جي لاءِ انهن اکين جي ڪا ضرورت ئي ناهي، جن جي لاءِ لطيف سائينءَ لکيو آهي ته:
    ”اپٽيان ته انڌيون، پوريان ته پسن“.
    هي اکيون جيڪي ڪنهن به دل واري ديد کان بنهه وانجهيل آهن، انهن اکين جي ڀريل تريل جهان ۾ صرف مان ئي نه پر مون جهڙا هزارين ماڻهو اهي اکيون ڳولهي رهيا آهن، جن اکين تي گمنام شاعر لوڪ گيت ۽ جڳ مشهور شاعر پنهنجا پيارا شعر جوڙيندا هئا. مون کي اهي اکيون ڏيکاريو، جن جي لاءِ اياز لکييو هو ته:
    ”اکيون تنهنجيون ڪامڻي مڌ ڀريل پياليون
    نت نت نراليون، اڄ اجهي ئي ڪو نه ٿي!!“
    اهي اکيون ڪٿي آهن؟ جن اکين جي حوالي سان سنڌي عورتون ڪنهن دور ۾ اهي سهرا ڳائينديون هيون ته:
    ”اکيون ادل جون ٻرن مشالا“
    اهي اکيون ڪٿي آهن؟ جن جي لاءِ احمد فراز لکيو هو ته:
    ”سياهه چشم تو ديکهي پر نه ايسي بهي
    سرمه فروش انهين آهه بهر ڪي ديکهتي هين“.
    اهي اکيون ڪٿي آهن؟ جن جي لاءِ سچل سرمست منهنجي مادري ٻوليءَ ۾ اهو گيت ڳايو هو ته:
    ”اکيان تيڏيان خون ڪرينديان
    پلڪان دي وچ ذري ذري....!“
    سچي ڳالهه اها آهي ته اهي اکيون ڪٿي به ڪونهن. اهي اکيون جن جي هڪ جهلڪ ڏسي شاعر پنهنجي دل جي اٿاهه گهرائيءَ سان لکندا هئا ته:
    ”اکيون آرزوئون اکيون التجائون
    اکيون يار تنهنجيون صدين جو صدائون“.
    انهن اکيون تي اهو اعزاز جهڙو الزام به مڙهيو ويو ته:
    ”نه ڄاڻان ائين ڇو اڏيءَ آڏ ويهي
    اسان جا اڪيچار ڪونڌر ڪٺائون“.
    اڄ اسان وٽ اکيون ته آهن پر اهي اکيون اهڙيون ناهن، جن ۾ سج اڀار منظر هوندا هئا. اهي اکيون جن کي پسي انسان کي ان ڳالهه جو يقين اچي وڃي ته سوجهرو اڻ ٽر آهي. اهي اکيون جن ۾ واعدا ۽ قول قرار هوندا آهن. اهي اکيون جن ۾ وفا جو ڪڏهن نه ٽٽڻ وارو حرف هوندو آهي. اهي اکيون جن ۾ ديد ته آهي پر ڪا شناس ناهي، اهي اکيون اسان جي ڪهڙي ڪم جون؟
    ڪوئي منهنجي ان ڳالهه کي ڪهڙي به رنگ ۾ وٺي پر مان ان ڳالهه تي سئو سيڪڙو پڪ سان ٻڌل آهيان ته اهي اکيون جيڪي ڪنهن به چشمي کان سواءِ سڪس باءِ سڪس جي ديد جو پاور رکن ٿيون، سي بنهه ڪنهن ڪم جون ناهن، جيڪڏهن انهن اکين ۾ ڪوئي خواب ناهي. ۽ خواب ڏسڻ لاءِ ڪنهن به ديد جي ضرورت نه هوندي آهي. جيڪڏهن خواب ڏسڻ جي لاءِ ديد جي ضرورت هجي ها ته ملٽن هڪ عظيم شاعر نه ٿي سگهي ها. ملٽن هن دنيا کي جهڙي انداز سان پيش ڪيو آهي، ان دنيا کي اهڙي طرح ته سڄا به نه ڏسي سگهيا آهن ۽ هن دنيا ۾ صرف ملٽن پهريون ۽ آخري ماڻهو نه هو. پر هندي ٻوليءَ جو عظيم شاعر سورداس به ساڳي طرح سان نابين هو پر هن جو اهو ڳيت اڄ به اکين وارا ڳائيندي روئن ٿا ته:
    ”درشن دو گهنشام شيام موري اکيان پياسي ري“
    اڃايل اکيون نابين اکين کان وڌيڪ پيڙا سان پر هونديون آهن. ان ڪري ئي جيڪي سمجهدار انسان رهيا آهن، انهن ديد بدران درشن جي تمنا ڪئي آهي. مان جڏهن ننڍڙو هوس ته اسان جا وڏڙا جيوڻي ٻائيءَ جو اهو ڪلام ڪيڏي نه پيار سان ٻڌندا هئا ته:
    ”منهنجو دارون دوا تنهنجو ديدار آ
    پڇڻ ڪجهه حڪيمن کان بيڪار آ“.
    اهو ديدار جنهن جي ڳالهه جيوڻي ٻائي ٿي ڪري يا جنهن جا ٻول اسان سورداس جي ٻوليءَ ۾ ٻڌا آهن، ان لاءِ اکين جي نور جي ڪا ضرورت ناهي. ان لاءِ ته دل جي اکين جي ضرورت هجي ٿي. دل جون اهي اکيون جڏهن کلن ٿيون ته پوءِ دنيا وارين اکين کي ٻوٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه ٿو رهي. اهو هندي دوهو جنهن ۾ ڪوي ڪانگ کي اهو چوي ٿو ته:
    ”ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس
    اي دو نينان مت کائيو، انهين پيا ملن ڪي آس“.
    ان دوهي ۾ انهن اکين جو ڪو ذڪر ناهي، جن اکين جي درد جا عالمي ڏينهن ملهائجي رهيا آهن. اهي اکيون دل جون اکيون آهن. دل جون اهي اکيون، جن ۾ ويهڻ جي دعوت ڏيندي لطيف لکيو آهي ته:
    ”اکين ۾ٿي ويهه ته واري آئون ڍڪيان
    توکي ڏسي نه ڏيهه آئون نه پسان ڪي ٻيو!“
    جڏهن ماڻهو جو من محبت جي منظر سان پر ٿي وڃي ته پوءِ هن کي اکيون پٽي اها دنيا ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جنهن دنيا جي حوالي سان عمر جي آخري مرحلي ۾ نابين ٿي ويل شيخ سعديءَ دوستن پاران اکين جي علاج لاءِ اصرار ڪرڻ تي چيو هو ته ”هيءَ دنيا ان لائق ئي ناهي، جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ مان اکين جو علاج ڪرايان“.
    فيض احمد فيض به ڪنهن اهڙي ڪيفيت کي بيان ڪندي چيو هو ته:
    ”اڪ تيري ديد چهن گئي هم سي
    اور دنيا مين ڪيا نهين باقي“.
    جڏهن محبوب منظر کسجي وڃي ته پوءِ دنيا ۾ انڌو ٿي رهڻ وڌيڪ آرام ۽ سڪون جو باعث آهي.
    اهو منهنجو خيال آهي. اوهان جو خيال ڪهڙو به ٿي سگهي ٿو!

    (عمر قاضي)
     
  2. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڪ تيري ديد چهن گئي هم سي!

    تمام سٺو ادا
    توهان جي چوند بهترين آهي،
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اڪ تيري ديد چهن گئي هم سي!

    تمام بهترين ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو