حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ اڄ ٿيندڙ ضمني چونڊ جي موقعي تي آپگهاتي حملن جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اي اين پي فوج جي مقرري جو مطالبو رد ٿيڻ تي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، رتوڇاڻ جي مختلف واقعن ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا، ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون ۾ پي ايس 94 جي ننڍي چونڊ ۾ سيڪيورٽي جا انتقامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ان حلقي ۾ پولنگ اسٽيشن جو تعداد 89 آهي، ان مان 22 انتهائي حساس ۽ باقي حساس قرار ڏنو ويو آهي، پولنگ اسٽيشن ۾ غير متعلق شخص وڃڻ جي اجازت نه هوندي هر پولنگ اسٽيشن تي هڪ پوليس آفيسر ۽ پندرهه سپاهي مقرر هوندا، جڏهن پوليس اسٽيشن جي ٻاهر به سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته پوليس جي اضافي نفري طلب ڪئي وئي آهي، ڪنهن به ماڻهو کي هٿيار کڻڻ جي اجازت نه هوندي، اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ مختلف پارٽين جي پاران فوج جي مقرري جو مطالبو ڪيو ويو هو، ان حلقي ۾ متحده قومي موومينٽ جو سيف الدين خالد جڏهن ته اي اين پي جو رياض گل کان سواءِ آزاد اميدوار به حصو وٺندو، ڪمانڊر سچل رينجرز برگيڊيئر وسيم احمد چيو آهي ته انٽيليجنس رپورٽ جي موجب ڪراچي ۾ پي ايس 94 جي ننڍين چونڊن جي موقع تي ڪنهن به پولنگ اسٽيشن ۾ خودڪش ڌماڪو يا فائرنگ جو واقعو ٿي سگهي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾ رينجرز اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ساڻس گڏ ڊي آءِ جي ويسٽ سلطان علي خواجه به موجود هو، برگيڊيئر وسيم احمد جو چوڻ هو ته اسان وٽ جيڪا انٽيليجنس ايجنسين کان جيڪا معلومات پهتي آهي، ان جي تحت اڄ ننڍي چونڊ جي موقعي تي دهشتگردي جو خطرو آهي، شرپسند عناصر خودڪش ڌماڪا ڪري سگهن ٿا، ڌماڪيدار مواد نصب ڪري سگهن ٿا يا وري ڪو فائرنگ جو واقعو رونما ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪنهن به ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس گڏيل طور تي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته اڄ 89 پولنگ اسٽيشن مان 21 حساس ۽ 12 تمام گهڻيون حساس آهن، رينجرز جا هڪ هزار کان وڌيڪ ۽ پوليس جا 26 سئو کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته رينجرز جو ڪو به اهلڪار پولنگ اسٽيشن جي اندر نه هوندو، ڊي آءِ جي ويسٽ سلطان علي خواجه ٻڌايو ته انٽيليجنس اطلاع تي 8 کان 10 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ننڍين چونڊن جي حوالي سان پوليس پنهنجي تمام تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اليڪشن جو منعقد پر امن طريقي سان ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن واري ڏينهن پولنگ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي ڊبل سواري تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.ٻئي طرف عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد مردان هائوس تي اورنگي واري حلقي پي ايس 94 تي اڄ ٿيندڙ ضمني چونڊ جو بائيڪاٽ ڪندي پنهنجن ماڻهن کي ڪاريون پٽيون ٻڌي گهرن تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته اسان شفاف چونڊون چاهيون ٿا، ان لاءِ رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن، هن چيو ته جيڪڏهن رينجرز پولنگ اسٽيشن کان 100 گز پري رهندي ته ڪهڙي ريت شفاف اليڪشن ٿي سگهندي؟ هن وڌيڪ چيو ته رينجرز تي اعتماد آهي پر رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن جنهن سبب چونڊون شفاف ٿي سگهن ٿيون، موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري واري پابندي ختم ڪرڻ سمجهه ۾ نه ايندڙ فيصلو آهي، اسين شفاف اليڪشن تي يقين رکون ٿا ۽ باچا خان جا پيروڪار آهيون ۽ هر جمهوري عمل جي تائيد ڪنداسين، رينجرز کي بدنام ڪيو پيو وڃي، رينجرز کي سنڌ حڪومت پگهارون ڏئي ٿي انهن تي خرچ ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت کي کپي ته انهن کي اختيار به ڏئي ۽ اسين حڪومت ۾ رهي ڪري اهڙين ناانصافين خلاف آواز اٿارينداسين، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو اي اين پي جي مرڪزي قيادت ڪندي، هن چيو ته حڪومت طرفان سهڪار نه ڪرڻ ڪري اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ اسين چاهيون ٿا ته فوج جي مقرري تائين چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇنڇر واري شام جو 7 وڳي ڌاري اوچتو هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن ۽ دڪان بند ٿي ويا، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري ڪئي وئي آهي، صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گشت وڌائي ڇڏيو آهي، مليل ڄاڻ موجب اورنگي ٽائون ٿاڻي جي حد بخاري ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري هڪ نامعلوم شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ صدر، ايمپريس مارڪيٽ، بلديا ٽائون ۽ بنارس سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رات دير تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن کانپوءِ شهرن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا پهچي علائقن کي گهيراءُ هيٺ آڻي ڇڏيو. گلستان جوهر واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿان الهڏتو مارجي ويو، بنارس واري علائقي ۾ 2 ڄڻا ظفر ۽ توقير مارجي ويا، بلديا ٽائون ۾ هڪ نامعلوم شخص مارجي ويو، قصبه ڪالوني، بلديه ٽائون، سهراب ڳوٺ، بنارس، اورنگي ٽائون، گارڊن، هيرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، مختلف واقعن ۾ 23 ماڻهو زخمي ٿي پيا، مارجي ويندڙن جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال ۽ جناح اسپتال پهچايو ويو.گارڊن واري علائقي ۾ ڌوٻي گهاٽ وٽ فائرنگ ۾ راشد ۽ آصف مارجي ويا، جڏهن ته اورنگي ٽائون مان هڪ نامعلوم شخص جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ آيو، گلستان جوهر واري علائقي ۾ شرپسندن ٽن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچي ۾ رتوڇاڻ جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او کي هدايت ڪئي ته امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، پوليس ۽ رينجرز جي گشت ۾ اضافو ڪيو وڃي، ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.