• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪا سان ڳالهين لاءِ ۔۔ عبرت 17۔۔10

حاڪم

سينيئر رڪن
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آمريڪا سان 20 آڪٽوبر کان واشنگٽن ۾ شروع ٿيندڙ اسٽريٽجڪ ڳالهين جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، سياسي ۽ فوجي قيادت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان انهن ڳالهين ۾ پنهنجي بنيادي قومي اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو ۽ آمريڪا کي جلد ڊرون ٽيڪنالاجي جي فراهمي، قبائلي علائقن جي معاشي ترقي وارن زونز جي قيام جا مطالبا ٻيهر ورجايا ويندا. ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي صدر جي ترجمان ٻڌايو ته ان موقعي تي آمريڪا سان رٿيل دفاعي ڳالهين جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي ۽ پاڪستان جي موقف کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ته ايندڙ دفاعي ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو ته آمريڪا اتحادي فنڊ واري رقم وقت سر ادا ڪري ۽ فاٽا ۾ اقتصادي سرگرمين جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا ان حوالي سان آمريڪي انتظاميه جلد قانونسازي ڪري وٺي. هن چيو ته جمهوري حڪومت آمريڪا سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿي پر ايندڙ دفاعي ڳالهين ۾ ڊرون حملا روڪڻ وارو معاملو پڻ آمريڪي قيادت اڳيان پيش ڪيو ويندو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر پئجي سگهي ٿو. ان کانسواءِ ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا کي بهتر بنائڻ واري ميڪنزم تي پڻ ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ تازي ٻوڏ سبب وڏو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي تنهن ڪري هن وقت عالمي برادري کي خاص طور تي آمريڪا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي منڊي ۾ پاڪستاني شين جي رسد کي يقيني بنايو وڃي ان کانسواءِ صدر اهو به چيو ته هن آمريڪي سينيٽرن سان ملاقات ۾ پڻ ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته فاٽا جي علائقن ۾ اقتصادي سرگرمين جي حوالي سان اوباما انتظاميه جلد قانونسازي کي حتمي شڪل ڏئي وٺي ته جيئن دهشتگردي کان متاثر عوام کي اقتصادي موقعا ملي سگهن. صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڳرو نقصان کنيو آهي ۽ ٻوڏ سان به معاشي ڏکيائيون پيدا ٿيون آهن، اسان کي آمريڪا سميت عالمي امداد جي ضرورت آهي، اسان کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. ملاقات ۾ دفاع وارو وزير احمد مختيار ۽ ناڻي وارو وزير سينيٽر حفيظ شيخ پڻ موجود هئا. واضح رهي ته ججن جي هٽائڻ واري خبر هلڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پيدا ٿيل صورتحال کانپوءِ ٽرائيڪا جي اها پهرين ملاقات آهي. ذريعن چيو آهي ته ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف کي ملڪ ۾ آئيني حوالي سان حڪومتي موقف بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي هوندي پر ان صورتحال جي حوالي سان ٿيل ڳالهين کي ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ ميڊيا کي ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڄاڻ فراهم نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هو آمريڪي قانون ٺاهيندڙ ادارن تي زور ڀري رهيو آهي ته اهي معاشي ترقي جي زونز کي قائم ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهڻ وارو عمل تيز ڪن ۽ متاثر ماڻهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دورو مفيد ۽ تعميري هوندو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ نه صرف سهڪار وڌندو پر پاڪستان آمريڪا کان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان اتحادي سپورٽ پروگرام فنڊ تحت روڪيل رقم جون بقايائون جلد ادا ڪرڻ سميت ڊرون ٽيڪنالاجي جي فراهمي ۽ ڊرون حملا روڪڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪندو.
 
Back
Top