حاڪم
سينيئر رڪن
اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت جنگ گروپ جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻايل گروپ پاران پيپلزپارٽي خلاف تعصب تي ٻڌل اسٽورين، ڪالمن، خبرن ۽ تبصرن جو تفصيل قوم آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته جنگ گروپ سياسي پارٽي بڻجي سامهون آيو آهي، اهو گروپ پنهنجي مخصوص ايجنڊا تحت حڪومت ۽ جمهوريت خلاف سازشن ۾ رڌل آهي، پيپلزپارٽي کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، انهي گروپ پيپلزپارٽي خلاف هڪ طرفي ذاتي جنگ مڙهي ڇڏي آهي، خاموش رهڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به چارو نه آهي، چئن ڊڪٽيٽرن سميت اڄ تائين ڪو به ماءُ جو لال پيپلزپارٽي کي سياست کان هٽائي ختم ناهي ڪري سگهيو، جنگ اخبار ۾ سال دوران ٻن هزارن کان وڌيڪ ڪالم پيپلزپارٽي جي خلاف لکيا ويا آهن، جيو ٽي وي جي پروگرامن ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف 3 سئو ڀيرا زهر اوڳاڇيو ويو آهي،پيپلزپارٽي ميڊيا جي آزادي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، اهڙو اظهار ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر ّجهانگير بدر، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل وفاقي وزير راجا پرويز اشرف ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فوزيه وهاب پ پ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جهانگير بدر چيو ته 1998ع ۾ مسلم ليگ (ن) جنگ گروپ سميت ميڊيا جي مختلف گروپن تي پابندي لڳائي هئي، پيپلزپارٽي جو ماضي صاف ۽ سٿرو رهيو آهي، اسان پنهنجي دور ۾ ڪنهن به اخبار خلاف پابندي. سينيٽر جهانگير بدر جيو ٽي وي ۽ جنگ اخبار توڙي دي نيوز اخبار ۾ هڪ سال دوران شايع ٿيل خبرن، تبصرن، ڪالمن ۽ اسٽورين جو تفصيل پيش ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال دوران جيو ٽي وي تي 676 ٽاڪ شوز پيش ٿيا، جن ۾ 605 پروگرام صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي خلاف پيش ڪيا ويا، جڏهن ته نواز ليگ بابت رڳو 7 پروگرام پيش ڪيا ويا، اهي پروگرام نواز ليگ جي حمايت ۾ هئا. مجموعي طور تي سال دوران پيپلزپارٽي خلاف 97 سيڪڙو پروگرام پيش ڪيا ويا، جڏهن ته 3 سيڪڙو پروگرام ٻين پارٽين بابت پيش ڪيا ويا، هن چيو ته انهن پروگرامن ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف 300 ڀيرا ڳالهايو ويو، جن ۾ صدر مٿان ڪيسن جي ڪوڙين ڪهاڻين کي ورجايو ويو، ڪا به نئين ڳالهه پيش نه ڪئي وئي، جنگ اخبار ۾ سال دوران 4 هزار 833 اسٽوريون شايع ڪيون ويون، جن ۾ 4 هزار 147 اسٽوريون پيپلزپارٽي خلاف هيون، جنگ اخبار ۾ سال دوران 2 هزار 334 ڪالم شايع ڪيا ويا انهن ۾ 2 هزار 9 ڪالم پيپلزپارٽي جي خلاف هئا، پيپلزپارٽي خلاف لکيل ڪالمن جي سالياني شرح 86 سيڪڙو رهي آهي، هن چيو ته جنگ اخبار ۾ 566 ايڊيٽوريل لکيا ويا، جن ۾ 480 ايڊيٽوريل پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ لکيا ويا، مخالفت ۾ لکيل ادارين جي شرح 80 سيڪڙو رهي، جنگ گروپ جي انگريزي اخبار دي نيوز ۾ هڪ سال دوران 4 هزار 569 اسٽوريون شايع ڪيو ويون، جن ۾ 2 هزار 613 اسٽوريون پيپلزپارٽي جي خلاف هيون، پ پ خلاف شايع ٿيل اسٽورين جي شرح 79 سيڪڙو رهي آهي، دي نيوز ۾ 1421 ڪالم لکيا ويا، جن ۾ 1225 ڪالم پيپلزپارٽي جي خلاف هئا، نيوز اخبار ۾ سال دوران 782 ايڊيٽوريل لکيا ويا، انهن ۾ 701 ايڊيٽوريل پيپلزپارٽي جي خلاف شامل آهن، هن ٻڌايو ته ڪالم نگار شاهين صحبائي 70 تجزيا لکيا آهن، اهي 70 تجزيا ئي پيپلزپارٽي خلاف لکيا ويا آهن، انصار عباسي سال دوران 488 تعصباڻا تبصرا ۽ ڪالم لکيا آهن، انهن ۾ 479 ڪالم ۽ تبصرن ۾ پيپلزپارٽي جي خلاف زهر اوڳاڇيو ويو آهي. طارق بٽ سال دوران 394 ڪالم لکيا انهن مان 380 ڪالم پيپلزپارٽي جي خلاف شامل آهن، ڪامران خان 114 تجزيا پيش ڪيا آهن جن ۾ 110 تجزيا اسان جي خلاف رهيا آهن، هن چيو ته ڪامران خان پاران 96 سيڪڙو تجزيا پيپلزپارٽي خلاف پيش ڪيا ويا آهن، احمد نوراني 138 اسٽوريون لکيون آهن، جن ۾ 129 اسٽوريون پيپلزپارٽي جي خلاف لکيون ويون آهن. حامد مير 132 اسٽوريون ۽ ڪالم لکيا آهن، انهن ۾ 112 ڪالم ۽ اسٽوريون پاڪستان پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ لکيل شامل آهن، حامد مير جي پ پ مخالف ڪالمن جي شرح 82 سيڪڙو رهي آهي، عرفان صديقي 179 ڪالم لکيا آهن، انهن ۾ 164 ڪالم پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ لکيا ويا آهن، هارون رشيد 109 ڪالم لکيا آهن، انهن ۾ 98 ڪالم پاڪستان پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ لکيا ويا آهن، اهڙي طرح هارون رشيد جا 90 سيڪڙو ڪالم پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ رهيا آهن، سينيٽر جهانگير بدر چيو ته اسان جنگ اخبار ڏانهن ڪيترائي مضمون اماڻيا پر انهن کي شايع نه ڪيو ويو، جنگ ۽ جيو ٽي وي جي پروگرامن ۾ 2009ع کان وٺي فوج کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو آهي، 2009ع کان وٺي هن وقت تائين صدر مملڪت جي وڃڻ جون تاريخون ڏنيون پيون وڃن، ڄاڻايل گروپ ۾ صدر ۽ فوج جي وچ ۾ اختلافن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته صدر ۽ فوج جي وچ ۾ اختلاف آهن، انهي گروپ اڳتي هلي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ اختلاف ڏيکاري ڇڏيا، مڊٽرم اليڪشن جي حق ۾ بار بار لکيو پيو وڃي ۽ ڪجهه اهڙن ماڻهن کي مڊٽرم اليڪشن لاءِ ماحول ٺاهڻ بابت هٽايو پيو وڃي جيڪي پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل آهن. اسان کي ٻڌايو وڃي ته آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر جهانگير بدر چيو ته پارٽي قيادت کي چوندس ته وزيرن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي جنگ گروپ جي ماڻهن سان رابطو ختم ڪن. هن چيو ته پارٽي پاران جنگ گروپ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، انهي فيصلي جي جيڪو به وزير يا ميمبر ڀڃڪڙي ڪندو ته ان خلاف ايڪشن کنيو ويندو.جهانگير بدر چيو ته اسان انهي ميڊيا گروپ جي تعصباڻي صحافت جو ڪيس اي پي اين ايس، صحافتي تنظيمن ۽ انساني حقن واري تنظيمن سميت مختلف فورمن تي کڻي وينداسين.ظ