”صدر زرداري جو ميڊيا ٽرائيل ڇو؟“

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪراچي(اي پي پي) صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ميڊيا ٽرائيل خلاف پي پي پي عورت ونگ سنڌ طرفان ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب کان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، هڪ ميڊيا گروپ جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي مملڪتي وزير شگفته جماڻي، اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي ۽ صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان ڪري رهيون هيون. مظاهرين جي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل ۽ سندن هٿن ۾ صدر آصف علي زرداري جون تصويرون هيون، جڏهن ته اهي ايڪ زرداري سب پي ڀاري، قدم بڙهائو آصف زرداري هم تمهاري ساٿ هين ۽ زنده هي بي بي زنده هي جا اڀ ڏاريندڙ نعره هڻي رهيون هيون. ڌرڻي سبب ڪراچي جي مصروف ترين رستي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڳچ وقت تائين ٽريفڪ جام ٿي وئي هئي جڏهن ته ميڊيا گروپ پنهنجي آفيسن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي پوليس جا وڏا اٽالا پڻ موجود هئا. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي شگفته جماڻي ۽ شرميلا فاروقي چيو ته 9 سالن جي ڊڪٽيٽر شپ کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت آئي آهي ۽ ٻه سال به مس ٿيا آهن ته مفاد پرست ٽولا جمهوريت خلاف هڪ ٿي ويا آهن، جيڪي جمهوريت کي وڌندي ۽ ويجهندي نٿا ڏسي سگهن. هنن چيو ته سازشي قوتون صدر مملڪت جي ميڊيا ٽرائيل ڪرڻ لاءِ نوان نوان ناٽڪ ڪري رهيون آهن، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته اڄ مفاد پرست ٽولا پنهنجي بدعنوانين ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ان صدر خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن کي عوام چونڊيو آهي. سياسي اداڪار پنهنجي اداڪاري وسيلي ملڪ کي نٿا ٽوڙي سگهن. ڌڻي سائين ۽ عوام صدر پاڪستان سان گڏ آهي. هنن چيو ته اسان ميڊيا جو احترام ڪيون ٿا پر ميڊيا کي به صدر پاڪستان جي احترام ڪرڻ جو پابند هئڻ گهرجي. مظاهري ۽ ڌرڻي ۾ مهرين ڀٽو، ايم پي اي بلقيس چانڊيو، ناهيد شاهه، شميم آرا پنهور، نورالنساءَ ابڙو، فردوس ابڙو، ،نورجهان بلوچ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.ٻئي طرف جاري ڪيل پڌرائي موجب اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ جنگ گروپ آف نيوز پيپرس طرفان عوام جي چونڊيل صدر آصف علي زرداري خلاف هلايل مهم کي بدنيتي، ڪردار ڪشي ۽ جانبداري تي ٻڌل قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽اعليٰ صحافتي ادارن کي گذارش ڪئي آهي ته جنگ گروپ جي منفي ڪردار جو نوٽيس ورتو وڃي، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنس اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ طرفان حميد اي هارون، صدر آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) خوشنود علي خان صدر ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس (سي پي اين اي) ۽ سيد سرفراز حسين شاهه چيئرمين پاڪستان براڊ ڪاسٽرس ايسوسيئيشن ڪراچي کي گذريل ڏينهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جنگ گروپ طرفان غير جمهوري قوتن سان ملي ڪري صدر مملڪت کي نشانو بڻائڻ واري مهم تيز ڪئي وئي آهي.اها ڳالهه انتهائي حيرت جوڳي آهي ته جنگ گروپ آف نيوز پيپرس صدر خلاف ڪردار ڪشي جي هڪ طرفي مهم جاري رکي آهي جيڪو نه صرف مملڪت جو سربراهه پر پاڪستاني هٿياربند فوجن جي سپريم ڪمانڊر ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي جماعت جو شريڪ چيئرمين پڻ آهي، موجوده جمهوري حڪومت ميڊيا ۽ پريس جي آزادي جو احترام ڪري ٿي پر گڏو گڏ ميڊيا مان به انصاف، مقصديت ۽ غيرجانبداري جو مظاهرو ڪرڻ جي توقع رکي ٿي، انصاف جي گهرجي اها اهي ته صحافتي ادارا ان معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي جنگ گروپ وٽ اٿارين ۽ کين ضابطا اخلاق تي عمل ڪرڻ پابند بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ اهڙيون ڪارروايون پريس جي آزادي ۽ ديانتداري لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿينديون.آ
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ”صدر زرداري جو ميڊيا ٽرائيل ڇو؟“

    زرداري صاحب سنڌ جي مسئلان تِي ڳالهي ڳالهي ٿڪو آهي هاڻي واري اسان زرداري صاحب جو ساٿ ڏيندا سين هن کي سنڌ جي حقن بابت ڳالهڻ ته تنگ ڪيو پيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو