وَر وَر تي واسينگ ڏٺاسين، ڪونه ٿياسين ڪاٽَ سان، چوڌاري چناٽ سانڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا جامي چانڊيو تاريخ ۾ فرد جو ڪردار زمانن کان بحث جو موضوع رهيو آهي. جيتوڻيڪ تاريخ کي معروضي حالتون ئي اڳتي وڌائين ٿيون/ پر ان جي رفتار کي ڍرو ۽ غير معمولي طرح تيز ڪرڻ ۾ املهه ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، اڳواڻن، سائنسدانن، فيلسوفن ۽ سورمن جي ڪردار کي ڪنهن طور به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. معروضي حالتون اهڙن فردن کي پيدا ڪن ٿيون ۽ موٽ ۾ اهڙا ”فرد“ تاريخ جون ڌارائون تبديل ڪن ٿا. ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، گهاريل ڌرتيءَ جي سيني جي اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا، جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي، ۽ دنيا کي بدلائي ٿي. (اياز) رسول بخش پليجو به سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو بيگانو ”فرد“ آهي، جنهن نه رڳو پنهنجي هم عمر دور تي پنهنجي ڏاهپ، علم، فن، عمل ۽ مسلسل جدوجهد سان غير معمولي اثر وڌا آهن پر پاڻ به ڄڻ زنده تاريخ بڻجي چڪو آهي. رسول بخش پليجي جي زندگي جا انيڪ رنگ ۽ روپ آهن پر انهن سمورن رنگن جو روح هڪ ئي آهي. انقلاب! رڳو سنڌ جي پورهيت عوام لاءِ نه پر سموري انسانذات لاءِ، سموري ڌرتيءَ لاءِ ۽ دنيا جي سموري پورهيت مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن لاءِ هو پنهنجي فڪري سرشت ۾ هڪ بين الاقواميت پسند عالم، انقلابي ۽ تخليقڪار آهي. هن جي گهڻ-پاسائين شخصيت جو هر پاسو ايڏو وڏو آهي جو ان تي باقاعده ۽ ايمانداريءَ سان علمي تحقيق ٿيڻ گهرجي. سنڌي ادب ۾ تحقيق فڪري ۽ علمي طور اڃا بابڙا پئي پائي. تحقيق جي خيال کان وڏن موضوعن کي هٿ ۾ کڻڻ جي روايت اڃا سنڌي ادب ۾ ايتري اسري نه سگهي آهي. لطيف، سچل، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، بخاريءَ ۽ رسول بخش پليجي جي علمي، فڪري، سياسي ۽ ادبي پاسن توڙي سماجي ڪارج تي سائنسي انداز سان پرک جي لحاظ کان تحقيق ڪٿي ڪئي وئي آهي؟ سنڌي ادب ۾ تحقيق جو اهو بالغ دور اڃا اچڻو آهي. حليم بروهيءَ هڪ ڀيري لکيو هو ته قدرت ڪنهن شخص تي ڏمربي آهي ته ان کي گهڻيون صلاحيتون ڏيئي ڇڏيندي آهي پر حقيقت اها به آهي ته قدرت ڪنهن قوم تي مهربان ٿيندي آهي ته ان جي ڪک مان اڻ ڳڻين صلاحيتن ۽ قوتن جي مالڪ ڏاهن ۽ سورمن کي پيدا ڪندي آهي. رسول بخش پليجو به ان ئي ساٿ جو سرواڻ ۽ سونهون آهي. هن جي شخصيت ايڏي ته گهڻ پاسائين ۽ هر پاسي کان ڀرپور آهي، جو ماڻهو هن کي ڪنهن به هڪ خاني ۾ فٽ نٿو ڪري سگهي. ماڻهو اهو تعين نه ٿو ڪري سگهي ته هو بنيادي طور اسڪالر، مفڪر ۽ سماجي سائنسدان آهي يا سياسي اڳواڻ، بنيادي طور اديب ۽ آرٽسٽ آهي يا هڪ پيشيور انقلابي ۽ ڪميٽيڊ ڪارڪن؟ پاليسي ساز، حڪمت عملين جو ماهر ۽ تنظيم ساز آهي يا ڪو فوجي جرنيل جيڪو غلط جاءِ تي پيدا ٿيو؟ منهنجي خيال ۾ ان جو تعين، ”يا“ جي سوال سان نٿو ڪري سگهجي. هو اهو سڀ آهي. هي جن جي شخصيت ۽ روح جا سڀ رنگ آهن. رسول بخش پليجو علمي، فڪري، سياسي، ادبي ۽ سماجي طور هڪ رنگو گل ناهي پر عالمي ڏاهپ، علم، عمل ۽ جدوجهد جي آسمان جي پس منظر ۾ اڀريل هڪ انڊلٺ آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڪنهن هڪ رنگ سان ٿي نه ٿي سگهي. سو اچو ته هن دور جي هن يگاني انسان جي علمي، فڪري، سياسي، ادبي، تخليقي ۽ سماجي ڪارنامن تي هڪ پارکو نظر وجهون. رسول بخش پليجي جا علمي ۽ فڪري ڪارناما: رسول بخش پليجي بنيادي طور هڪ ڏاهو اسڪالر ۽ سائنسي سياسي مفڪر آهي، جيئن هن جي زندگيءَ، جستجو، پورهيي ۽ عمل جو دائرو وسيع آهي، تئين هن جو علمي دائرو به ڪيترن ئي شعبن تائين ڦهليل آهي. فلسفو، ادب، تاريخ، مذهب، سماجي سائنسون، فن، سياست، سائنس، قانون، جنگيون ۽ جنگي حڪمت عمليون، سماجي نظام ۽ انهن جي تاريخ، مارڪسزم، ننڍو کنڊ ۽ سنڌ هن جا پسند جا موضوع ئي نه پر اهڙا شعبا آهن جن تي هن کي عبور حاصل آهي. ايترن گهڻن، مختلف توڙي متضاد شعبن جي همه آهنگي ڪنهن هڪ اسڪالر وٽ ملڻ سچ پچ ته ڪنهن علمي معجزي کان گهٽ ناهي ۽ اهو به ان ماڻهوءَ وٽ جيڪو رڳو اسڪالر ناهي پر پورهيت، ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ عمل جي ميدان جو مجاهد آهي، انهن سمورن شعبن ۽ موضوعن کي رسول بخش پليجي سنڌ ۾ نيئن سر متعارف ڪرايو ۽ رڳو نئين سر نه پر نئين انداز، رويي، فڪر ۽ بنياد تي متعارف ڪرايو. هڪ Original Thinker جي بنيادي خوبي ئي اها هوندي آهي. جي رڳو موجود ڪتابن کي اندر ۾ ئي اوتڻو آهي ته پوءِ ڪتابن کي سنڀالڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي Capacity ته لائبريرين ۾ وڌيڪ هوندي آهي. نبار ڏانهن ۽ اسڪالرن جو ڪم رڳو پنهنجي اندر ڪتاب گڏ ڪرڻ نه هوندو آهي پر علم کي تخليقي ذهن ۽ رويي سان حاصل ڪري ان کي پنهنجي ڏاهپ جي مٽيءَ سان ٻيهر ڳوهي، علم کي ڏاهپ ۽ ادراڪ جي منزل تائين رسائڻ هوندو آهي. رسول بخش پليجي جڏهن لکندو ۽ ڳالهائيندو آهي ته هو ڪتاب نه اوڳاڇيندو آهي، گهڻن جيان غير هضم اکرن جون الٽيون نه ڪندو آهي، نوان تصور، ڏاهپ جا رنگ، علمي رويا، تخليقي قدر ۽ زندگيءَ جا ڍنگ تخليق ڪندو آهي. پنهنجي سموري سوچ، رويي، جدوجهد، ڏاهپ ۽ زندگيءَ ۾ هو هڪ نبار تخليقڪار نظر ايندو. اها ئي هن جي ذات جي انفراديت آهي. قومي، طبقاتي، جمهوري ۽ سامراج دشمن جدوجهد کي گڏي هلائڻ جو تصور: رسول بخش پليجي کان اڳ به روشن خيال سياست جون ڌارائون هيون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بيشڪ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ غير معمولي ۽ املهه ڪردار آهي ۽ هو ننهن کان چوٽيءَ تائين ترقي پسند مفڪر ۽ اڳواڻ هو پر هن جي سياست جو گهڻو زور طبقاتي سوال تي هو ۽ سندس سنڌ هاري ڪميٽي ان جو مظهر هئي. سائين جي ايم سيد طبقاتي ۽ جمهوري سوالن کي گهڻي اهميت نه ٿي ڏني، هن جو گهڻو ۽ سڄو زور قومي سوال تي هو پر ان ڏانهن به هن جو رويو عوامي جدوجهد تي ايمان وارو نه پر وڏيرڪو ۽ توڪل تي هلڻ وارو هو. ٽئين طرف ذوالفقار علي ڀٽي طبقاتي ۽ قومي سوالن کي عملي طور اهميت ڏيڻ بجاءِ صرف Status-Quo جي مطيع جمهوري سوال کي کنيو. قومي ۽ طبقاتي سوالن کانسواءِ جمهوريت جو تصور هڪ خوبصورت خودفريبيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جڏهن ته اسانجي روايتي ۽ اوپري کاٻيءَ ڌر جو گهڻو زور سامراج دشمنيءَ تي هو. هتان جي قومي ۽ جمهوري سوالن کي هنن صرف ”بورجوا طبقي“ جي مفادن جي پاسداري ٿي سمجهيو. پر پليجي صاحب عوام جي اڪثريتي پورهيت حصي يعني هارين ۽ مظلوم قومن جي مفادن جو فڪري طور سياست جي انهن سمورين ڌارائن کي هڪ ته نيئن انداز سان ڏٺو ۽ کنيو ۽ٻيو ته انهن وچ ۾ فطري ۽ معروضي رشتي ۾ لاڳاپي کي وڏي سائنسي توازن ۽ فڪري هنرمنديءَ سان واضح ڪيو. سندس ڪتاب ”صبح ٿيندو“ اهڙي ئي متوازن ۽ دور انديش فڪر جو ترجمان آهي. يعني سادن لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته هن قومي، طبقاتي، جمهوري ۽ سامراج دشمن سوالن کي گڏي ۽ توازن سان کنيو، ڇاڪاڻ ته انهن جا سبب ۽ محرڪ به ساڳيا هئا ۽ آهن ته حل به هڪ ٻئي تي مدار رکندڙ آهن. دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو فڪري توازن سياسي ميدان ۾ پاڪستان اندر ورلي ڪٿي نظر ايندو. رسول بخش پليجي رڳو مقامي طرح نه پر حقيقت ۾ پنهنجي هم عصر دور جو، ٽين دنيا جي مظلوم طبقن ۽ قومن جي جدوجهد جو سماجي سائنسدان ۽ نظريه دان آهي. جيئن لطيف هڪ عالمگير شاعر ۽ مفڪر آهي پر مخصوص حالتن ۽ سببن ڪري دنيا جي فن ۽ فڪر کان گهربل لاڀ حاصل نه ڪري سگهي آهي، تئين رسول بخش پليجي جهڙن مفڪرن سان به اها ساڳي صورتحال لاڳو آهي. هن کي موقعا هجن ها ۽ حالتون هن کي اجازت ڏين ها ته هن کي ٽين دنيا جي مظلوم طبقن ۽ قومن جي جدوجهد جو هڪ اول درجي جو نظريه دان ۽ مفڪر سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ها. ڊاڪٽر اقبال احمد کي اهڙي حيثيت حاصل هئي ۽ مان هن جو بيحد احترام ڪندو آهيان پر جيڪڏهن هن جي ڀيٽ رسول بخش پليجي سان ڪجي تي مون کي علمي ۽ فڪري طور پليجي صاحب جو پاسو وڌيڪ ڳرو نظر اچي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر اقبال احمد جي عمر رڳو ڪتابن ۽ فڪري تعليم ۾ گذري پر رسول بخش پليجي جي حياتيءَ جو وڏو حصو جدوجهدن، عمل جي ميدانن ۽ جيلن ۾ گذريو آهي. جيتوڻيڪ پيلجي صاحب دنيا جي انيڪ وڏين يونيورسٽين ۾ عالمي سطح جا ليڪچر ڏنا آهن پر ان جي باوجود مخصوص مقامي، تنظيمي، سياسي، معاشي مجبورين توڙي ترجيحن سبب هو جنهن سطح جو اسڪالر آهي، اوترو وقت عالمي سطح تي ڏئي نه سگهيو. نظرياتي مهم جوئيءَ کان پاسو ڪرڻ: رسول بخش پليجي جو منهنجيءَ نظر ۾ هڪ وڏو فڪري ڪارنامو، هن جو نظرياتي ميڪانڪيءَ کان بچڻ نظرين کي تخليقي ۽ حقيقت پسنديءَ سان پيش ڪرڻ آهي. مثال طور ترقي پسند دنيا ۾ علمي ٽرڙائپ جو مظاهرو ڪندي، مذهبن کي سادگيءَ سان رد ڪيو ويندو آهي ۽ مذهبن خلاف عوامي سطح تي ڳالهائڻ کي ترقي پسنديءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. مون رسول بخش پليجي کي ڪڏهن به مذهبن بابت غير سنجيدگيءَ سان ڳالهائيندي نه ڏٺو آهي. هو سدائين مذهبن کي انسان جي شعوري اوسر ۽ سماجي ارتقا جا هڪڙا ڏاڪا ۽ انهن ڏاڪن جي نسبت سان عقيدن جا نظام سمجهندو آهي، جن کانسواءِ انسان هي اڄوڪي دور ۽ ڏاڪي کي رسي نه سگهي ها. مذهبي اعتبار کان نه پر تاريخي اعتبار کان هو حضرت محمد ﷺکي انساني تاريخ جو عظيم ترين انسان قرار ڏيندو آهي. حضرت محمد جي زندگيءَ ۽ ڪارنامنن تي هن جا ليڪچر رڪارڊ تي آهن. مذهبن جي تاريخ، عقيدن جي نظامن (Belief Systems) جي تاريخ ۽ خاص طور تي اسلام جي تاريخ هن جا خاص پسند جا موضوع رهيا آهن، جن تي هن کي عبور حاصل رهيو آهي ساڳئي طرح انقلاب جي ميڪانڪي تصور جو به قائل ناهي. انقلاب هن لاءِ اها بنيادي فڪري، ثقافتي، علمي، سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ اسٽرڪچرل تبديلي آهي، جيڪا مظلوم طبقن ۽ قومن کي طبقاتي ۽ سامراجي نظام جي Status-Quo مان ڪڍي ٿي ۽ اها مسلسل جدوجهد ۽ مرحلن ۽ Processes ذريعي اچي ٿي. هن لاءِ انقلاب جو مطلب هڪ نئون انسان ۽ هڪ نئون سماج تخليق ۽ تعمير ڪرڻ آهي. هن لاءِ انقلاب ڪنهن مخصوص ڏاڪي جو نه پر مسلسل تبديليءَ جي عمل جو نالو آهي. سائنسي شروع ۽ ادراڪ جي بنياد تي مستقبل جون اڳڪٿيون ڪرڻ: ڏاهپ ۽ ادراڪ، علم ۽ اعليٰ درجي جي سمجهه جي امتزاج جو نتيجو به آهن، ان جي پيداواري به آهن ته ان جا مٿيان ڏاڪا به آهن. فلسفي جي هڪ شاخ Theory of Knowledge (علم العلم) انهن پيچيدگين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو علم آهي. علم تجربن جي اپٽار جو نتيجو آهي، جڏهن ته ادراڪ علم ۽ تجربي جي بنياد تي مستقبل جي امڪاني حالتن کي ڏسڻ، محسوس ڪرڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو نالو آهي. دنيا جا سمورا ڏاها پنهنجي غير معمولي علم ۽ ادراڪ جي بنياد تي، پنهنجي مخصوص شعبن اندر مستقبل جي پيچيدگين کي ڏسي محسوس ڪري سگهندا هئا ۽ آهن. ٻين لفظن ۾ هو امڪانن جي سائنس جا ڄاڻو ئي نه پر ادراڪ رکندڙ پڻ هوندا آهن. رسول بخش پليجي جون گذريل چاليهن سالن کان لکڻيون پڙهجن يا ليڪچر ۽ تقريرون ٻڌجن ته اها ڳالهه نهايت چٽائيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿي ته هن هر دور ۾ مستقبل جي امڪاني پاسن کي ايڊريس ڪيو آهي، جيڪو ئي ڪنهن ڏاهي جو اصل ڪم هوندو آهي. هن فڪري، ادبي ۽ سياسي طور جيڪي تجزيا مختلف دورن ۾ ڪيا، اڳتي هلي گهڻي ڀاڱي درست ثابت ٿيا. مثال طور هن جو مضمون ”سيد ۽ ڀٽو“ وري پڙهي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته هن ٻنهي جي واٽ، رويي ۽ سياست جو جيئن ڇيد ڪيو، پوءِ جي حالتن انکي بلڪل درست ثابت ڪيو. هن جيل جي ڊائريءَ ۾ اياز بابت لکيو ته، اياز جي بي پناهه فن جي نرگسيت ۾ هن جا فڪري جهول لڪي ٿا وڃن پر جي اياز ڪڏهن به نثر ۾ لکيو ته، هن جا اهي جهول پڌرا ٿي پوندا. يا هن اياز لاءِ جيل جي ڊائريءَ ۾ لکليو ته، اياز جو مطالعو وسيع آهي، پر گهرو نه آهي. واقعي جڏهن اياز نثر ۾ لکيو ته، اهي ٻئي ڳالهيون سورنهن آنا درست ثابت ٿيون. هن ٽي ڏهاڪا اڳ چيو ته سنڌ جي تعليم نام نهاد قومپرست شاگرد سياست جي آڙ ۾ شعوري طرح ۽ هڪ سازشي طور تباهه ڪئي پئي وڃي. حالانڪه ان دور ۾ ائين چوڻ نهايت ڏکي ڳالهه هئي پر اڄ وقت ثابت ڪيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪيڏو نه آئيندي جو ادراڪ ۽ فهم هو. پاڻيءَ جي حوالي سان پنجاب جي حڪمران طبقن جون نيتون ۽ نگاهون هن ويهه سال اڳ پروڙي ورتيون هيون. اڄ حقيقت اسان جي سامهون آهي. هن پنهنجي وقت ۾ اوڀر پاڪستان جي حوالي سان وس ڪيا ته اهو الگ نه ٿئي. ڀٽي صاحب سان خاص طور وڃي مليو، پر ظاهر آهي ته ڳالهه هن جي وس کان ٻاهر هئي. هن جا ان زماني ۾ تحريڪ ۾ لکيل اداريا وري پڙهجن ته محسوس ۽ معلوم ٿيندو ته هن ڇو اوڀر پاڪستان جو اسان سان گڏ هجڻ ضروري ٿي سمجهيو؟ اڄ پاڪستان ۾ سموريون مظلوم قومون ۽ عوام پنجاب جي ڪوتاه نظر ۽ بيرحم حڪمران طبقي جي سفاڪيءَ جي ور چڙهي ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ جو منطقي نتيجو آهي. 1973ع جي آئين بابت هن جيڪي اڳڪٿيون ڪيون، اهي وري پڙهڻ گهرجن. هن اسيءَ جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ئي عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي بحران تي لکيو ۽ جيڪي نتيجا ڪڍيا، اهي وري پڙهڻ گهرجن. اهو دراصل هن جي علمي بصيرت ۽ سائنسي ڏاهپ جو نتيجو هو جو هو هر زماني ۾ مستقبل جي خطرن کان آگاهه ڪندو آيو آهي. سياست کي علم ۽ ادب ۽ فن سان ڳنڍڻ: هڪ اسڪالر ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ رسول بخش پليجي جا سياست بابت تصور، رويا، قدر ۽ خواب ئي پنهنجي منفرد نوعيت جا رهيا آهن. جيتوڻيڪ اها روايت هن کان اڳ به هئي، حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد انيڪ ڪتابن جا مصنف هئا، پر رسول بخش پليجو ان روايت کي اڃا اڳتي وٺي ويو. هن جي سڄا ڄمار سياست کي علم ۽ ادب سان ڳنڍڻ ۾ گذري آهي. هن جا سمورا ڪتاب ان رويي جا عڪاس آهن. هو پاڻ به سياست کي علم ادب توڙي فن سان ڳنڍيندڙ هڪ پل جو نالو آهي. هن جي سڄي ڄمار اها پل تعمير ڪندي ۽ ان جو بچاءُ ڪندي گذري آهي. ماڻهو هن کي سياست، علم ۽ ادب جي شعبن ۾ ورهايل شخص سڏيندا آهن، پر هو سياست، علم ۽ ادب جي بظاهر ورهايل شعبن کي ڳنڍيندڙ شخص به ته آهي. ڇا اهو ڪو معمولي ڪارنامو آهي؟ اهو به سنڌ جهڙي نهايت پسمانده سماج ۾! سياست ۾ هاڻي اها روايت ۽ اهو نسل ختم ٿيندو وڃي، هونئن به رسول بخش پليجو رڳو ادبي ۽ سياسي طور تخليقڪار ناهي، پر هو جديد روين جو به تخليقڪار آهي، تخليق رڳو ادب ۽ فن ۾ نه ٿيندي آهي، تخليقيت جو دائرو ته ڪائناتگير ٿي سگهي ٿو ۽ آهي. رسول بخش پليجي جا سياسي ڪارناما: سياست جو نئون تصور ۽ رويو متعار ڪرائڻ: پليجي صاحب سان منهنجي ويجهڙائيءَ کي ارڙنهن سالن کان مٿي وقت گذري چڪو آهي. ابتدائي سالن جو گهڻو وقت مان ان راءِ جو هوندو هوس ته هو بنيادي طور اديب ۽ مفڪر آهي ۽ سياست سندس بنيادي ترجيح ناهي، پر هن جي شخصيت، سوچ فڪر، روين توڙي ترجيحن جو انهو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي پهرين راءِ درست نه لڳي. هو نه ته روايتي دانشور ۽ اديب آهي ۽ نه وري روايتي سياستدان. مون نهايت باريڪ بينيءَ سان اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هو سياست، ادب، فن توڙي علم کي بذات خود مقصد ۾ منزل نه پر هڪ نئين انسان ۽ نئين انصاف ڀريي حسناڪ سماج جي تعمير لاءِ ”ذريعا“ سمجهي ٿو. ان نئين اڏاوت کي هو ”انقلاب“ سڏي ٿو. رسول بخش پليجي لاءِ انقلاب جو مطلب ڪا نئين حڪومت قائم ڪرڻ ناهي يا رڳو اقتدار تي قبضو ڪرڻ ناهي، هو انقلاب جو هڪ همه گير ۽ اونهو توڙي متحرڪ تصور رکي ٿو. هو سياست ۾ ادب، شاعري، علم ۽ فن کي جاءِ ڏيڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ سياست بي روح، عوام دشمن، رجعت پسند، بدبودار ۽ ڇسي ٿي پوندي. جتي سياست ۾ علم ۽ ادراڪ جي گهرائي نه هوندي، جتي سياست ۾ ڪتاب هڪ علامت نه هوندو، جنهن سياست ۾ ادب ۽ شاعريءَ جو جوهر نه هوندو، جتي سياست ۾ رقص، ناٽڪ، موسيقي ۽ جذبن جي جماليات نه هوندي، ساڳئيءَ طرح هو ادب ۽ فن کي سياست کان ڌا ڏيڻ نٿو چاهي، جتي ادب ۽ فن ۾ حق سچ جي ڳالهه نه هوندي، جيڪو ادب ۽ فن مظلوم ۽ حق جو طرفدار نه آهي، جيڪو ادب ۽ فن عوام جي ويري قوتن ۽مفادن جي تصوراتي ۽ ثقافتي روين جي نظام تي سنڌائتا وار نٿو ڪري، جيڪو ادب ۽فن عوام جي جذبن جي حسانڪيءَ جو ترجمان ناهي، جيڪو ادب ۽ فن عوام خلاف آپريٽ ڪندڙ تصورن، قدرن، روين، مفادن، ۽ قوتن، نظام ۽ عقيدن جي تاڃي پيٽي جا بخيا نٿو اڍيڙي، جيڪو ادب ۽ فن عوام جي زنده دليءَ، بهادريءَ، جذبن جي پاڪيزگيءَ، رومانس، حسرتن، المين، ڏکن، اهنجن، خوشين ۽ خوابن جي ترجماني نٿو ڪري، اهو به پس و پيش ان جي ويري قوتن جي مفادن جي Status-Quo جي ڪم اچي ٿو. رسول بخش پليجي جو فڪري ۽ روحاني تعلق علم، ادب، فن، فڪر ۽ عمل جي ان قبيلي سان آهي، جيڪو رڳو دنيا کي سمجهڻ ۽ انجي علمي يا ادبي اظهار کي ڪافي نٿو سمجهي. هو تاريخ جي ان قبيلي جو تسلسل آهي، جيڪو دنيا کي بدلائڻ کي وڏي ڳالهه سمجهي ٿو، ۽ رڳو بدلائڻ جي خواهش کي وڏي ڳالهه نٿو سمجهي، پر ان لاءِ پنهنجي سمورن ذهني، فڪري، علمي، سماجي، سياسي، تخليقي ۽ روحاني وسيلن سان مسلسل جدوجهد ڪرڻ کي به دنيا تي ڪو احسان نه پر پنهنجي معمول جي فرض ادائيگي سمجهي ٿو. اها جدوجهد اڪيلي سر به گهربل نتيجا ڏئي نٿي سگهي. هو سياست کي ان همه گير جدوجهد ۽ ساٿ کي منظم ڪرڻ جو ذريعو سمجهي ٿو. لطيف سائينءَ چيو آهي: ”هيڪليون هلن جي، سي تاڪن سندي توڻ، هيءَ اهکي ڀونءِ، سورنهن ريءَ نه سٿري. (لطيف) رسول بخش پليجي پنهنجي شعوري اوسر جي هڪ ڏاڪي تي اهو چڱيءَ طرح محسوس ڪري ۽ سمجهي ورتو هو ته اهو طويل سفر ساٿ کان سواءِ سولو نه آهي. هن سمجهي ورتو هو ته سنڌ کي هڪ اهڙي منظم سگهاري پارٽيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا روايتي سياست جو کاڄ نه بڻجي، جيڪا وڏيرن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جي مطيع نه هجي، جيڪا عوام پرستيءَ ۽ قومپرستيءَ جي ڪوڙي ڏيکاءَ جو شڪار به نه ٿئي، پر جيڪا عوام جي ڏاڪي به ڏاڪي تربيت ڪري ۽ قومي مفادن لاءِ هڪ منظم اداري طور ڪم ڪري. عوامي تحريڪ ان ئي سوچ جي سفر جو عملي روپ آهي، جنهن کي بيشڪ سنڌي سماج جو هڪ سگهارو سياسي ادارو سڏي سگهجي ٿو. سندس ئي چواڻي ته عوامي تحريڪ سنڌ کي جيڪي فائدا ڏنا آهن، اهي ته پنهنجي جاءِ تي پر ان گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جا جيڪي نقصان گهٽايا آهن، انهن جو ڪاٿو لڳائڻ تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي. ان ڪري وڏي ۽ جائز اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته، رسول بخش پليجي جو هڪ وڏو سياسي ڪارنامو هڪ نئين قسم جي سياست، سياسي رويو ۽ سياسي ڪلچر متعارف ڪرائڻ آهي. ان سياست جو هڪ ڪيس اسٽڊي طور اڀياس ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪرڻ به گهرجي. عوامي جدوجهد جي سائنس کي عملي طور متعارف ڪرائڻ: مان رسول بخش پليجي کي عوامي جدوجهد جو سونهون ئي نه پر هڪ سائنسدان سمجهندو آهيان، جيئن چرچل چيو هو ته جنگ ايڏو حساس معاملو آهي جو اهو جرنيلن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي، تئين عوامي جدوجهدون به ايڏو حساس معاملو آهي جو انهن کي مهمجو سوچ ۽ روين جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. تاريخ ۾ چڱا ڀلا ڏسڻا وائڻا ماڻهو ان ميدان تي ڌڪ کائي ويا. جدوجهدن ۾ مهمجوئي پنهنجي ذات جي ڪيفيت يا جذبي جي تسڪين جو معاملو آهي. اها جدوجهد جا گهربل نتيجا ڏئي نٿي سگهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها گهڻو وقت جٽاءُ نٿي ڪري سگهي. عوامي جدوجهدن تمام نازڪ معاملو آهن. رسول بخش پليجي عملي طور انهن ڳالهين جو تمام گهڻو لحاظ پئي رکيو آهي. هڪ ته سواءِ ڪن مخصوص غير معمولي حالتن جي عوامي جدوجهدن جمهوري انداز سان ۽ پر امن هئڻ گهرجي. فلسطين، ڪشمير هاڻي عراق يا اهڙن مخصوص مثالن جي صورتحال مختلف آهي. جڏهن پر امن جمهوري جدوجهد لاءِ ٻي ڪا به واٽ نه ڇڏي وڃي ته پوءِ هٿياربند يا گوريلا جنگ اڻ ٽر ٿي پوي ٿي. پر جن حالتن ۾ پرامن جدوجهد لاءِ ميدان سازگار هجي ٿو، اتي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اها هڪ بهتر ۽ وڌيڪ جٽادار واٽ آهي، جنهن مان نسبتاً وڌيڪ گهربل نتيجا ملي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته هڪ ته اها جٽادار آهي، ڊگهو هلي سگهي ٿي ۽ ٻيو ته ان ۾ وسيع تر عوام جي عملي شرڪت جا وڌيڪ امڪان هوندا آهن. مهم جوئيءَ سان وقتي طور تي تڪڙا ڇال ڏئي سگهجن ٿا ۽ ڪي عارضي نتيجا به حاصل ڪري سگهجن ٿا پر ان سان جدوجهد تسلسل سان اڳي نٿي وڃي سگهي، سواءِ اتي جتي عوام وٽ مهم جوئي کان سواءِ ٻي ڪا به واٽ نه هوندي آهي. ان ڪري ڪن مخصوص حالتن کان سواءِ عوامي جدوجهد جو پر امن جمهوري انداز ئي جٽادار آهي ۽ دشمن کي ڏاڪي به ڏاڪي ويهاري سگهي ٿو. عوامي جدوجهد جي حوالي سان پليجي صاحب جو ٻيو اصول اهو رهيو آهي ته جدوجهد جا فارم عوام جي سياسي سگهه ۽ تربيت جي ڏاڪي سان ٺهڪندڙ هجن، جي عوام جي سگهه ۽ سمجهه کان جدوجهد جا فارم اڳتي وڌيل (Advance) هوندا ته به جدوجهد ناڪام ويندي ۽ جي جدوجهد جا فارم عوام جي سمجهه ۽ سگهه کان گهٽ درجي ۽ سطح جا هوندا تڏهن به جدوجهد اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري عوامي جدوجهد جي سائنس جي لحاظ کان عوام جي سطح، سگهه ۽ جدوجهد جي فارم تان توازن ۽ هم آهنگيءَ جو هجڻ نهايت ضروري آهي. گانڌيءَ جي سوچ، فڪر ۽ سياست سان ماڻهو کڻي ڪهڙا به اختلاف رکي پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عوامي جدوجهد جي حوالي سان هو سياستدان ئي نه پر وڏو غير روايتي سائنسدان به هو. هن کي خبر هئي ته هندستان جو عوام ڊگهي، لڳاتار ۽ گهڻن خطرن واري جدوجهد نه ڪري سگهندو. اهو بار هڪ واپاري ۽ نفعي خور سماج جي ڪلهن کان ڳرو آهي. ان ڪري هن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ اهڙا فارم ايجاد ڪيا، جن اهنسائي طريقن، بک هڙتالن جهڙن بظاهر ننڍڙن پيش قدمين سان ڪروڙين عوام کي متحرڪ ڪري کين هڪ غير معمولي قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اشوءَ جو مثال وٺي سگهجي ٿو. سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس کي عوامي سطح تي هڪ وڏو اشو بڻائڻ ۾ رسول بخش پليجي جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. اها ڳالهه ته سندس مخالف به مڃيندا. ان ۾ به سندس حڪمت عملي ساڳئي رهي آهي. رسول بخش پليجو عوامي راءِ کي غير معمولي سياسي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو وڏو هنرمند ۽ سماجي انجنيئر آهي. اڄ سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻيءَ جي سوال تي واضح آهي، هڪ موقف جو آهي ۽ ڄڻ ته اسلام آباد جي اعلان جي نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڪنڊو آهي. اهڙا انيڪ مثال ان ڏس ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. پرهيت عورتن کي سياست جي اڳواڻ دستي طور اڳيان آڻڻ: منهنجيءَ نظر ۾پليجي صاحب جي سموري زندگيءَ جي غير معمولي ڪارنامن ۾ هڪ اهم ترين ڪم پورهيت طبقي جي عورتن کي قومي/عوامي/جمهوري تحريڪ جي هڪ اڳواڻ دستي طور اڳيان آڻڻ آهي. عورتون مظلوم طبقن جي اندر وري سڀ کان مظلوم طبقو يا حصو آهن. ان ڪري سندن خودمختياريءَ ۽ سگهاري ڪردار کان سواءِ مظلوم طبقن ۽ قومن جو ڇوٽڪارو عملي طور نه ته ممڪن آهي ۽ نه اهو ڪا معنيٰ رکي ٿو. ٻيو ته جنهن جدوجهد ۽ ساٿ ۾ عوام جو اڌ حصو شامل نه هوندو، ان کي نه ته نمائنده عوامي جدوجهد سڏي سگهجي ٿو ۽ نه ان کي ڪا اخلاقي Legitimacy آهي. ٽيون ته عورتن کان سواءِ مظلوم طبقن ۽ قومن جي قومي، جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد عملي طور به ڪامياب وڃي، اهو ممڪن نه آهي. شهري بيگمات جون سماجي تنظيمون، ميڊيا ۾ يا سماجي ميدان تي اڪثر ظاهر ٿينديون آهن پر سنڌياڻي تحريڪ جهڙي پورهيت عورتن جي سهگاري ۽ بهادر سياسي تنظيم سنڌ ته ڇا سموري پاڪستان ۾ نظر نه ايندي. اها تنظيم پليجي صاحب جي تخليقي انقلابي ذهن ۽ فڪر جي پيداوار آهي. ڏهه ڏهه هزار ڳوٺاڻين ۽ پورهيت عورتن جو هڪ جهنڊي، نعري، نظرئي ۽ تنظيم هيٺ منظم ٿي جلسن، جلوسن ۽ لانگ مارچن ۾ شريڪ ٿيڻ اسان جهڙي سماج ۾ ڪنهن سياسي معجزي کان گهٽ نه آهي. لطيف شناسيءَ جو نئون بنياد وجهڻ: لطيف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو وڏي ۾ وڏو موضوع آهي. صدين تائين ته لطيف جهالت واري عقيدي پرستيءَ جي ڇپ هيٺ دٻيل رهيو. لطيف هڪ مفڪر، شاعر ۽ ڏاهو رهبر آهي پر ماڻهن جي گهڻائيءَ لاءِ اهو هڪ پير ۽ درگاهي اولياءَ هو ۽ گهڻي حد تائين اڄ به آهي. ڪيترا زمانا ته هن کي شاعر سمجهڻ به هن جي توهين سمجهي ٿي وئي، اسان جهڙن پس مانده سماجن جي اها وڏي بدنصيبي ٿئي ٿي جو اهي پنهنجي املهه ماڻڪن جي پرک ۽ پروڙ کان محروم رهن ٿا. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن (لطيف) لک شابسون هجن ايڇ ٽي سورلي کي جنهن لطيف کي هڪ شاعر طور کنيو ۽ سندس دور جي تاريخي حالتن تي لکيو. اهو لطيف جو ڄڻ ته پهريون تعارف هو. ان کان اڳ ٽرمپ رسالو سهيڙي چڪو هو. پر سڌيءَ طرح لطيف شناسيءَ ڏانهن پهرين وک ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کنئي جنهن لطيف کي هڪ شاعر طور متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ اهو هڪ بنهه ابتدائي نوعيت جو ڪم هو پر بهرحال انهن مخصوص حالتن ۾ اهو هڪ وڏو ۽ غير معمولي ڪم هو. ان کان پوءِ لطيف شناسيءَ ڏانهن ٻي وک سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”پيغام لطيف“ هو. اها پهرين ڪوشش هئي، جنهن ۾ لطيف کي سنڌ جو قومي شاعر ڪري پيش ڪيو ويو هو ۽ هن جي فڪر کي سنڌي عوام جي ٻڌي، آزاديءَ ۽ جدوجهد جو بنياد بڻائڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪئي وئي. پنهنجي ودر ۾ ان ڪتاب جو وڏو اثر ٿيو ۽ گربخشاڻيءَ کانپوءِ لطيف جو ٻيو ۽ نئين انداز جو ڀرپور تعارف ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي روشن خيال عوام ۽ ادبي توڙي سياسي حلقن وٽ لطيف هاڻي ڪنهن، پير ۽ اولياءَ بجاءِ هڪ قومي شاعر، مفڪر ۽ سنڌ جي قومي وحدت جي علامت هو ”پيغام لطيف“ انهن مخصوص حالتن ۾ سنڌي ادب توڙي فڪري حوالي سان وڏي ۾ وڏو ڪارنامو هو. جيتوڻيڪ ان کان پوءِ لطيف تي مختلف حوالن سان علامه آءِ آءِ قاضي، تنوير عباسيءَ، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر ٻوهيي، ف. م. لاشاريءَ، ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر الانا ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن لکيو آهي پر لطيف شناسيءَ ڏانهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ سائين جي ايم سيد کانپوءِ ٽين ڀرپور فڪري وک رسول بخش پليجي کنئين. هن جي ادبي نقاد ۽ پارکو هڪ نئين لطيف کي دريافت ڪيو. انقلابي جدوجهد جو فڪري سرواڻ لطيف، عوامي جدوجهد جو سونهون لطيف، عوام تي رحم کائيندڙ نه پر عوام کي رومانويت جي سونهن بخشيندڙ لطيف، زندگيءَ جي سمورن پاسن بابت نيون راهون ڏسيندڙ، نوان رويا، تصور ۽ ڪردار تخليق ڪندڙ لطيف، زندگيءَ جي سفر ”ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙين“ جا منجهيل سٽ سلجهائيندڙ ڏاهو ڏاتار لطيف، جيتوڻيڪ هن لطيف تي لکيو گهٽ آهي پرهن جا لطيف تي سوين ليڪچر ۽تقريرون رڪارڊ تي محفوظ آهن. شيخ اياز به لکيو هو ته هو جڏهن لطيف جا بيت ۽ انهن جون سمجهاڻيون پليجي جي زباني ٻڌندو آهي ته هن کي ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي بيت هو پهريون ڀيرو ٻڌي رهيو هجي. پليجي صاحب سدائين مون کي چوندو آهي ته کانئس لطيف تي هڪ پورو ڪتاب لکرائڻ منهنجو اولين ادبي ۽ فڪري فرض آهي. هو هن دور جو لطيف جي ٻوليءَ ۽ فڪر جو وڏي ۾ وڏو پارکو ۽ شارح آهي. اصل ۾ پليجو صاحب بنيادي طور عالمي ادب ۽ شاعريءَ جو خاص طور عالمي سطح جو ڄاڻو آهي. هن کي ساڳئي وقت انگريزي، فارسي، هندي، سنسڪرت، پنجابي، سرائيڪي، پشتو، اردو ۽ سنڌي ٻولين جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي عبور حاصل آهي. شاعري هن جو خاص موضوع آهي ۽ ان جي فڪري ۽ فني پرک هن جو پيشه ورانه ڪم رهيو آهي. پليجي صاحب جي لطيف شناسي ۽ لطيف جي شاعريءَ سان بي پناهه عشق جو بنيادي سبب هن جو عالمي شاعريءَ جي ڄاڻ آهي. هو جڏهن لطيف کي انقلاب ۽ عوامي جدوجهد جي خيال کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿو سمجهي ۽ سڏي ته ان جو سبب هن جي شاعريءَ بابت عالمگير ۽ اٿاهه ڄاڻ آهي هن جي نظر ۾ لطيف رڳو سنڌ نه پر سموري انسانذات ۽ خاص طور ٽين دنيا جي مظلوم طبقن ۽ قومن جو ويڄ ۽ سونهون شاعر آهي. هو پاڻ کي به عالمي سائنسي سماجي فڪر سان گڏوگڏ لطيف جي فڪر جي پيداوار ڪوٺيندو آهي. جيئن چيو ويندو آهي ته حضرت محمد ﷺ جي زندگي قرآن شريف جو عملي نمونو آهي تيئن منهنجو اهو پختو خيال رهيو آهي ته رسول بخش پليجي جي زندگي به لطيف جي شاعريءَ جي روين، تصورن ۽ قدرن جو عملي روپ آهي. هڪ عجيب شخص: رسول بخش پليجي جي شخصيت ۽ ڪارنامن جي انهن سمورن پاسن تي غور ڪري ماڻهو بس حيران ئي ٿي سگهي ٿو. ڀلا ماڻهو تاج محل کي ڏسي ڇا محسوس ڪندو؟ ڪائنات جي وسعت جو تصور ڪري ڇا محسوس ڪندو؟ فطرت جي حسناڪين ۽ گوناگونيت کي ڏسي ڇا محسوس ڪندو؟ سائنس جي ڪرشمن کي ڏسي ڇا محسوس ڪندو؟ شيڪسپيئر، خيام، حافظ روميءَ ۽ لطيف جي شاعريءَ کي پرهي ڇا محسوس ڪندو؟ ڊاونچي، مائيڪل اينجلو ۽ پڪاسو جي شاهڪارن کي ڏسي ڇا محسوس ڪندو؟ مارڪس، اينجلز ۽ آئن اسٽائن جي ڏاهپ کي پروڙي ڇا محسوس ڪندو؟ لتا ۽ نورجهان جا آلاپ ٻڌي ڇا محسوس ڪندو؟ ائين ئي ماڻهو هن عجيب شخص جي حياتيءَ، علم ڏاهپ، تخليقي سگهه، اتساهه ۽ جدوجهد توڙي ڪارنامن کي ڏسي حيران ئي ٿي سگهي ٿو. هو واقعي به هڪ عجيب و غريب شخص آهي. هن جي ڪا به ذاتي زندگي ناهي. هن جا ڪي به ذاتي رشتا ناهن. هن جا ڪي به ذاتي دوست ناهن، هن جون محبتون ۽ نفرتون ذاتي بنياد تي ناهن. هو آهي اڳواڻ پر هلندو ڪارڪن وانگر، هو آهي عالم ۽ اسڪالر پر سکندو شاگردن وانگر هو آهي هڪ جديد ترين انسان پر لڳندو ڳوٺاڻو ۽ روايتي ماڻهو. هو هوندو هجومن سان گڏ پر نظر منفرد ايندو، مايوسين جي گهيرن ۾ هلندي اتساهه جا آبشار وهائيندو. مون ساڻس ٻن ڏهاڪن جي ساٿ ۾ ڪڏهن به کيس ٿڪل، مايوس، ويڳاڻو، اندر ۾ جهريل، ورچي ويٺل ۽ ڪمزور نه ڏٺو آهي. خود قياسي جو لفظ هن جي لغت ۾ ئي ڪونهي، رسول بخش پليجو سچ پچ به هڪ عجيب و غريب شخص آهي. هن جو فڪر، علم، ادراڪ، پورهيو ۽ پنڌ سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ دورن لاءِ ڄڻ ته هڪ غير معمولي سيڙپ آهي، املهه موڙي ۽ وٿ آهي. ان املهه سيڙپ، موڙيءَ ۽ وٿ جو قدر ۽ ان جي سنڀال اسان جو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو فرض آهي. جکرو جس کرو، ٻيا مڙئي مير مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري (لطيف) بشڪريه عوامي آواز
جواب: وَر وَر تي واسينگ ڏٺاسين، ڪونه ٿياسين ڪاٽَ سان، چوڌاري چناٽ سان ادا تمام بهترين توهان جي چونڊ آهي،