پيار هجي بس پيار هجي،
هڪ سونهن ڀريو سنسار هجي
جتي محبت جي هر مند هجي
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي
نه ناري وڪجي نوٽن ۾
نه قيد هجي ڪا ڪوٽن ۾
هر ڏاڍ جو درڙو بند هجي
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي
موج هجي مهراڻ هجي هتي
نه پاء هجي ڪو سير هجي هتي
نه گلي جي اجڙيل ڏير هتي
نه وحشي تنهنجو گند هجي
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي
هڪ سونهن ڀريو سنسار هجي
جتي محبت جي هر مند هجي
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي
نه ناري وڪجي نوٽن ۾
نه قيد هجي ڪا ڪوٽن ۾
هر ڏاڍ جو درڙو بند هجي
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي
موج هجي مهراڻ هجي هتي
نه پاء هجي ڪو سير هجي هتي
نه گلي جي اجڙيل ڏير هتي
نه وحشي تنهنجو گند هجي
سا ڪاش اسان جي سنڌ هجي