سڀ سانگ سجايو آ پيارا! ( اقبال، اياز ۽ اڌورو چنڊ ) عمر قاضي مون کي معلوم نه هو ته اردوءَ جي سهڻي شاعره پروين شاڪر پنهنجي ڪليات جو عنوان”ماه تمام“ ڪهڙي حوالي سان رکيو آهي؟ اڳ ۾ مان سمجهندو هئس ته جيئن هوءَ رومانوي روح آهي، ان ڪري هن کي پنهنجي شاعريءَ جي تڪميل پوري چنڊ جيان محسوس ٿي هوندي! منهنجي اها ڳالهه ته منهنجي خيال مطابق اڄ به ٺيڪ آهي پر اصل ڳالهه ان عنوان جي ٻن لفظن جي آهي، جن جي حوالي سان منهنجو خيال هو ته اهي ٻئي لفظ پروين شاڪر پاڻ ئي سوچيا آهن پر گذريل ڏينهن جڏهن نور احمد مون کي پنهنجي مخصوص ڪيفيت سبب علامه اقبال جو هڪ غزل اماڻيو ته مون کي ان غزل جي آخري شعر ۾ ”ماه تمام“ وارا لفظ پڙهي خوشي به ٿي ۽ اهو خيال به آيو ته اسان کي جن ماڻهن ۽ حالتن اقبال جهڙي عظيم شاعر کان پري رکيو، ڇا اهي ڪنهن معافيءَ جي قابل آهن؟ ان ويچار کي ذهن ۾ ويڙهيندي ۽ اکيليندي جڏهن مون فون تي نور احمد سان تفصيلي ڪچهري ڪئي ته اتفاق سان هو به انهيءَ موضوع تي ويچاري رهيو هو ۽ پوءِ هو انهيءَ ڳالهه تي ائين کليو، جيئن ڪو آتش فشان پوري غصي سان پنهنجو سينو ڦاڙي سمورو لاوا ٻاهر اڇليندو آهي. مون اها ڳالهه به محسوس ڪئي آهي ته ڪڏهن ڪنهن ڪيفيت جيان ڪوئي شاعر دل جي مٿان لامارا ڏيندو رهندو آهي. ان ڪري جڏهن مون اقبال کي ياد ٿي ڪيو ته ان ساڳي ڪيفيت ۾ نور احمد به هو ۽ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ جيڪي ڪجهه به چيو ٿي، اهو ڪجهه ڄڻ ته منهنجي دل جي ترجماني هئي. ان هڪ وقت تي ساڳي ڪيفيت جو سبب ڇا هو؟ شايد ان جو سبب اقبال جو حوالو ئي هو. جڏهن ميڊيا ۾ اقبال جي حوالي سان ڳالهيون هليون ته شايد اسان ٻنهي جا ستل سور جاڳي پيا. ان ڪيفيت کي شيئر ڪرڻ جي لاءِ ئي هن مون کي اقبال جو اهو غزل اماڻيو، جنهن کي پڙهندي مون کي پنهنجي قومي سياست جي تنگ نظريءَ تي بيحد غصو آيو ۽ مون ويچاريو ته جڏهن اسان وٽ وقت به ۽ جذبو به هو ته اسان جي جذباتيت تي غلط رخ ۾ وٺي ويندڙ اسان جا قومي استاد پنهنجن ليڪچرن ذريعي ڪجهه اهڙو ماحول ٺاهي ويا جو اسان جو اقبال کان بنا پڙهي جيءُ جدا ٿي ويو. پر جڏهن زماني جي ڌڪن ٿاٻن ۽ ڪجهه مهربان ماڻهن جي سنگت سبب اسان اقبال طرف رجوع ڪيو ته ان وقت گهڻي دير ٿي چڪي هئي جي هن وقت مون کي افسوس ٿي رهيو آهي، انهن ذهنن تي جن جي سموري حياتي اقبال کي پڙهڻ کان سواءِ گذري وئي. انهن ماڻهن جو ڪيترو نه نقصان ٿيو، جن اقبال جهڙي شاعر کي صرف ان ڪري نه پڙهيو، ڇو ته اسان جي استادن انهن کي اقبال کي پڙهڻ کان روڪيو. جيڪڏهن هو اقبال کي پڙهن ها ته کين خبر پوي ها ته هو ذهنن کي زندهه ڪندڙ شاعر آهي. اقبال ته اهو شاعر آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ انسان هڪ نئين دنيا جي تمنا ۾ تڙپي پوي ٿو. اقبال ته اهو شاعر آهي، جنهن جو فن صرف من کي مزو نه ٿو ڏئي پر اهو ذهن کي جهنجهوڙي انسان کي نئين رخ ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. مون کي ڪميونسٽ ادب جي اها ڳالهه تمام گهڻي وڻندي آهي ته هو هڪ نئين انسان جي تخليق ۾ دلچسبي رکن ٿا. انهن جو خيال آهي ته پراڻي سوچ سان اهو انقلاب نه ٿو آڻي سگهجي، جيڪو هن دنيا کي پاڙان پٽي هڪ نئين دنيا جوڙي. اقبال ڪميونسٽ نه هو پر هن ۾ انقلابيت ته اها ئي آهي. هن جي جوش ۽ جنون جي ڪيفيت اهائي آهي، اهو ئي جوش جنون جنهن جي لاءِ اياز لکيو هو ته: ”پهريون پهريون لفظ خدا جو ڪن فيڪون شاعر موسيقار مصور سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون ڪن فيڪون“ اقبال به پنهنجي هڪ شعر ۾ لکيو آهي ته: ”يي ڪائنات ابهي ناتمام هي شايد ڪه آ رهي هي دمادم صدائي ڪن فيڪون“ ان رات مون ئي نور احمد ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اياز جيڏي وڏي پائي جو شاعر هو ۽ هن ۾ فن ۽ فڪر جون جيڪي صلاحيتون هيون، جيڪڏهن هو انهن صلاحيتن کي اردو شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ها ته هو اقبال جي پائي جو شاعر ٿي وڃي ها. پر اسان جي استادن هن کي سختيءَ سان منع ڪيو پر پوءِ به دل جي چوڻ تي هن اردوءَ ۾ جيڪي ڪجهه لکيو، اهو ڪمال آهي. پر جيڪڏهن هن جي اها مشق سخن جاري رهي ها ته هو اردوءَ جو ڪيڏو شاعر ٿي وڃي ها! هن جي ڪلام مان ڪيترا انسان لطف ۽ صحيح راهه وٺن ها! اهو خيال واقعي به جيءَ جلائيندڙ آهي. ٻوليءَ کان نفرت ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ ٻولي ته ڪنهن به طرح سان ساڙ جو سبب ٿي نه ٿي سگهي! اقبال ته ٻوليءَ کان اڳتي وڌي لفظن تي ڳالهائيندو هو ۽ چوندو هو ته: ”الفاظ ڪي پيچ و تاب مين الجهتي نهين دانا غواص ڪو مطلب هي صدف سي ڪه گُهر سي!!؟“ لفظ ته سپيون آهن. ڏاهو انسان لفظن ۾ ڪهڙي طرح ڦسي سگهي ٿو؟ هن جو سمورو ڌيان ته معني جي موتيءَ تي هوندو. سو اياز وٽ جڪي معني جا موتي هئا، انهن جا سچا سوداگر هن کي ان ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ملي وڃن ها جيڪا گهڻي پڙهي وڃي ٿي. ان ڳالهه کي مان ان دليل سان پيش ڪرڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن فيض احمد فيض پنهنجي شاعريءَ لاءِ اردو بدران پنجابي ٻولي استعمال ڪري ها ته ڇا هو ايڏو وڏو شاعر ٿي سگهي ها؟ جڏهن ته پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي. جيڪڏهن اولهه پنجاب ۽ اوڀر پنجاب جي سمورن پنجابي ڳالهائيندڙن کي گڏايو وڃي ته اها پاڪستان جي پوري آباديءَ کان وڏي آبادي ٿي ويندي. پر ان جي باوجود فيض جنهن ليول جو شاعر اردوءَ ۾ ٿيو، هو پنجابي ٻوليءَ ۾ اها حيثيت حاصل نه ڪري سگهي ها. ڇو ته شهباز محدود آسمان ۾ اڏامي نه سگهندا آهن. پر پوءِ اياز ڪمال ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ادب ڏئي ويو جو هاڻي ٻن صدين تائين سنڌي شاعريءَ کي ادبي کوٽ محسوس نه ٿيندي. پر اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن موجود آهي ته اياز جي اردو ڪلام ۾ هن جي فطري ارتقا ڪي آسمان ئي ٻيا ڏيکاري ها! اهي خيال مون کي اقبال جي جنهن غزل ڏنا، اهو غزل مان دل جي اڪير سان اوهان آڏو پيش ڪيان ٿو. اهو غزل جنهن ۾ هوش نه آهي ۽ مستي به! جنهن ۾ عقل به آهي ۽ عشق به! جنهن ۾ خودي به آهي ته بيخودي به! اقبال چوي ٿو ته: ”لا اڪ بار پهر وهي باده و جام اي ساقي هاٿ آجائي مجهي ميرا مقام اي ساقي تين سو سال سي هين هند ڪي ميخاني بند اب مناسب هي تيرا فيض هو عام اي ساقي ميري مينائي غزل مين ٿي ذرا سي باقي شيخ ڪهتا هي ڪه هي يي بهي حرام اي ساقي عشق ڪي تيغ جگردار اڙالي ڪس ني؟ علم ڪي هاٿ مين هي خالي نيام اي ساقي تو ميري رات ڪو مهتاب سي محروم نه رکهه تيري پئماني مين هي ماه تمام اي ساقي!!“ هونءَ ته اهو سمورو غزل فڪر جي آسمان جو شهبازي سير آهي پر ان جو آخري شعر ته ٽٽل جام جيان دل ۾ پيهي ٿو وڃي. هي آخري شعر ئي آهي، جنهن مان پروين شاڪر پنهنجي ڪليات جي لاءِ عنوان کنيو. مان ان شعر کي دل ۾ سمائي فليٽ جي دريءَ مان چنڊ لاءِ واجهايان ٿو ۽ اڌورو چنڊ پسي مون کي اياز ڏاڍي ڏک واري ڪيفيت سان ياد اچي ٿو.
جواب: سڀ سانگ سجايو آ پيارا! ( اقبال، اياز ۽ اڌورو چنڊ ) ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀريا سڀ سانگ سجايو آ پيارا! (ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀريا ) اعجاز مري 26 اپريل تي ”اقبال، اياز ۽ اڌورو چنڊ“ جي سري هيٺ محترم عمر قاضي جو مضمون ڇپيو، جنهن کي پڙهي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀريا ۽ ڪجهه وضاحتون ڪرڻ جو سوچي لکڻ ضروري سمجهيم. قاضي صاحب جا مضمون مان وڏي چاهه سان پڙهندو آهيان، پر اهو ضروري نه آهي ته ڪنهن به ليکڪ جي هر تخليق رڳو سندس نالي جي ڪري قبول ڪجي. صحتمند اختلاف رکڻ سان منجهيل معاملا سلجهندا آهن ۽ بهتر روايتون جڙنديون آهن. مان جيڪو ڪجهه لکان ٿو اها به منهنجي پنهنجي راءِ آهي، جيڪڏهن قاضي صاحب يا ڪو دوست اختلاف رکندو ته اهو سندس حق آهي ۽ ان جي آجيان ڪبي. قاضي صاحب جي مضمون ۾ کوڙ متضاد ۽ منجهيل ڳالهيون آهن ته آخر کيس پڇتاءُ ڪهڙين ڳالهين تي آهي! (1) هڪ مخصوص عمر ۾ علامه اقبال کي نه پڙهڻ تي (2) علامه اقبال کي پڙهڻ کان روڪڻ تي (3) شيخ اياز جي اردو ۾ شاعري نه ڪرڻ تي (4) يا اصل سبب سنڌي ٻولي بابت احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ تي. قاضي صاحب لکي ٿو ته ”کيس قومي سياست جي تنگ نظري تي سخت ڪاوڙ آهي، جو کيس استادن جهڙي انقلابي شاعر کي پڙهڻ کان روڪيو ۽ سندس اهو وقت گذري ويو، جيڪو جوش ۽ جذبي جو هو.“ منهنجي خيال ۾ جيستائين ماڻهو پاڻ نه چاهي ته ڪير به ڪنهن کي پڙهڻ کان نه ٿو روڪي سگهي. ان قسم جا دليل پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ، پاڻ کي آٿت ڏيڻ ۽ ٻئي کي ڏوهي قرار ڏيڻ لاءِ ته ٺيڪ آهن، پر انهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. جيڪڏهن قومي قيادت اردو شاعر هجڻ ڪري علامه اقبال کي پڙهڻ کان روڪيو ته پوءِ فيض احمد فيض، گلزار، احمد فراز ۽ پروين شاڪر کان وٺي وصي شاهه تائين اردو جو شاعر ڇا لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ رهن ٿا؟ اصل ڳالهه سياسي، سماجي ۽ تهذيبي قدرن توڙي اجتماعي مفادن جي ٽڪراءَ جي آهي، ڪنهن ٻولي سان دشمني جي نه. علامه اقبال جو هڪ شاعر طور احترام ڪندي کيس بحث کان الڳ رکي ٿورو سوچيون ته ڪي فرد يا گروهه ڪنهن قوم جي ثقافت، تهذيب ۽ سندن انساني حقن کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿيندي استحصالي قوتن جي ساٿاري بڻجي مظلومن سان ناانصافيون ڪن ته انهن کي رڳو ان بنياد تي نه رڳو قبول ڪجي پر پنهنجي ديس جي تخليقڪارن کان به وڏو انقلابي ۽ پيار ڪندڙ ڪوٺجي جو سندن تعلق ڪنهن وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سان آهي. اڄ به حقيقت پسند ٿي غور ڪجي ته زميني حقيقتون پڌريون آهن. سنڌ وسيلن سان مالامال آهي، پر هڪ مخصوص، مفاد پرست ۽ چالاڪ ٽولي کانسواءِ عام ماڻهو ٻچڙن سميت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري لفظن جي هوبهو تصوير بڻيل آهي. غريب ڪٽنبن جا فرد بيمار ٿين ٿا ته اسپتالن جو خرچ نه ڀري سگهڻ ڪري علاج ڪرائڻ بدران مرڻ کي اوليت ڏين ٿا. سنڌ جي وڏيرن ۽ سامراجي قوتن جي ساٿاري ٽولن ته سدائين سنڌي ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي، پر پاڻ کي سڌريل سڏائيندڙ قومن سان گڏوگڏ ڪنهن به زبان جي ”انقلابي شاعرن“ سنڌ سان ٿيندڙ ويڌنن تي ڪڏهن اسان جي حق ۾ ڳالهايو آهي؟ کڻي اسان جي حمايت نه ڪئي وڃي ها پر اڄ تائين ڪنهن ”حق“ جي به ڳالهه ته نه ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي. لطيف ته سڄي عالم جي آباد ٿيڻ جي دعا ڪئي ۽ شيخ اياز به دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جتي به ظلم ٿيو ته وڏي واقعي چيو: ”جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو، ظلم مون تي ٿيو آهي، ڪا ٻانهن وڍي مون دانهن ڪئي، جو ڪانهن ڪپيو سو منهنجي ڪنڌي جو آهي.“ پر اسان سنڌ واسين سان ٿيندڙ ناحق الائي ڇو ڪنهن کي به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي ۽ دنيا جا وڏا وڏا انقلابي به اسان سان ٿيندڙ ظلم بابت خمار ۾ آهن. انهن سمورين وارتائن کي نظرانداز ڪندي رڳو خيالي بنيادن تي حقيقتن کي پٺي ڏيون ته اهو پاڻ سان وڏي ۾ وڏي دوکو هوندو. ٻئي پاسي پڙهڻ بنا ڪنهن بابت راءِ قائم ڪري ان کان پري ٿي وڃڻ، ڪجهه وقت کانپوءِ ان بابت رويو تبديل ٿيڻ ۽ ان جو ڏوهه ٻين تي ڏيڻ به روشن خيالي جي اصولن جي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب موجب هڪ عمر هئي، جڏهن قومي قيادت جي چوڻ تي هن علامه صاحب کي نه پڙهيو ۽ بنا پڙهڻ جي سندس باري ۾ غلط راءِ قائم ڪئي، پر اڄ وري هو ڪجهه مهربان دوستن جو ذڪر ڪري ٿو، جن کيس علامه صاحب ڏانهن رجوع ڪرايو آهي. هاڻي ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو وري اڄ جا مهربان دوست قاضي صاحب جي ڪاوڙ جو نشانو بڻجن؟ ۽ وري کيس پڇتائڻو پوي ته مهربان دوستن به کيس غلط صلاحون ڏنيون، ائين سڄي زندگي رڳو پڇتائن جي پلصراط تي سفر ڪندي گذري وڃي. اهي سموريون ڳالهيون شخصيت پرستي کي ظاهر ڪن ٿيون. هڪ عام ماڻهو ته پنهنجي قيادتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهي ٿو ۽ انهن کي ڏوهي قرار ڏئي سگهي ٿو، پر هڪ ساڃهه وند يا مفڪر سڄو ڏوهه قيادت تي اڇلائي پاڻ کي مڪمل بيگناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اهو ڪجهه عجيب رويو آهي، ان ڪري ڪجهه ڪاوڙ پاڻ تي به ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن جا رڳو ٻه لفظ ٻڌڻ يا هڪ غزل پڙهڻ سان سڄي زندگي جو نظريو ئي تبديل ٿي وڃي ۽ ماڻهو نه رڳو پاڻ کي غلط پر ٻئي کي ڏوهي قرار ڏئي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري ته اهڙي عمل کي انتهائي ڪمزور فڪر جي علامت چئي سگهجي ٿو. ڪجهه داخلي حالتن سبب ماڻهو پنهنجي پاڻ مان مطمئن نه هجي يا کيس ماضي جون ڪجهه ڳالهيون پڇتاءَ واري دنيا ۾ وٺي وڃن ته ان جو ذڪر گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ريت ۽ عجيب غريب دليلن سان نه ڪرڻ گهرجي جو ڳالهه وڃي ٻولين جي تضاد يا قوميت تائين پهچي. وري هڪ جاءِ تي قاضي صاحب لکي ٿو ته”جيڪڏهن اياز پنهنجون صلاحيتون اردو زبان ۾ استعمال ڪري ها ته هو نه رڳو اقبال جي ”پائي“ جو شاعر بڻجي وڃي ها، پر ان زبان ۾ کيس وڌيڪ مهربان پڙهندڙ ملن ها.“ جيڪڏهن قاضي صاحب کي پڇتاءَ ان ڳالهه تي آهي ته اياز اردو ۾ شاعري ڇو نه ڪئي ته ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته اهو پڇتاءَ اسان کي نه پر اياز کي وڌيڪ هجڻ گهرجي ها! اياز کي زندگي ۾ ايترو مان ۽ مرتبو مليو جو شايد ڪنهن کي جيئري مليو هجي! ان ڪري اياز هر سانگ کي سجايو سمجهيو ۽ هن ڪڏهن به پڇتاءَ يا مايوسي جي ڳالهه نه ڪئي، جڏهن ته موٽ ۾ ڌرتي واسين به اياز کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پيار آڇيو. اياز جيڪڏهن اياز آهي ته رڳو ان لاءِ جو هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ لکيو. ڪير ٿو چئي ته اياز جو قدر نه ٿيو ۽ کيس سنڌي زبان ۾ پڙهندڙ يا مهربان نه مليا! اسان سمجهون ته اياز اردو ۾ شاعري نه ڪري وڏي غلطي ڪئي ته پوءِ اياز لاءِ ڇو وڌيڪ ڏک ۽ پڇتاءُ لطيف تي ٿيڻ گهرجي، جنهن پنهنجي مارو ماڻهن ۽ سندن ٻولي سان بي پناهه ۽ غير مشروط محبت ڪئي. اياز جي دل ته جڙيل ئي شاعري سان هئي ۽ هن جي دل ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان محبت هئي. اياز پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي رڳو ”واهه واهه“ واري روايت جو غلام بڻائڻ بدران وطن واسين سان محبت جو اظهار جو ذريعو بڻايو. جيڪڏهن رڳو ماڻهن جي وڌيڪ تعداد جي واهه واهه ٻڌڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي ٻولي کي گهٽ سمجهي پاڻ به احساس ڪمتري جو شڪار ٿي وڃي ته ڇا ٿو چئي سگهجي! پنهنجي ٻولي کي گهٽ سمجهڻ رڳو ٻولي سان نه پر ديس واسين سان به ناانصافي آهي، ان ديس واسين سان جن سان لطيف سرڪار عشق جو اظهار هن ريت ڪيو: ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو کٿي روئي خواب ميروئي محبوب اسان مارو من ۾ (شاهه) نه رڳو لطيف پر اياز به پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان پنهنجي الهڙ عشق جو اظهار بنا ڪنهن پڇتاءُ جي ڪندي چيو، ”جت لڪ لڳي جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ هاڻي ڏسجي ته جنهن کي پڇتاءُ هجڻ گهرجي ها، اهو ته پنهنجي زندگي ۾ مڪمل طور مطمئن هو ۽ هو ايترو اڻڄاڻ به نه هو ته جن ماڻهن سان عشق ڪري ٿو، انهن جي ٻولي ڪهڙي آهي. اياز ته پاڻ واضح چيو آهي ته جيڪي پيار ڪندا آهن، اهي پڇتائيندا نه آهن ۽ خاص طور پيار جڏهن ڪنهن فرد جي دائري کان نڪري ڌرتي واسين سان جڙي وڃي ته پوءِ ڪهڙا پڇتاءَ، ڪهڙيون مايوسيون؟ اسان کي ته فخر هجڻ گهرجي جو اياز انهن ميرن ماڻهن جو محبوب شاعر آهي، جن جو تعلق لج پال لطيف جي ڌرتي سان آهي. اياز انهن جو شاعر نه آهي، جيڪي چالاڪ، استحصالي ۽ سامراجي قوتن سان گڏجي سادن ۽ اٻوجهه ماڻهن جا حق ڦري پاڻ کي سڌريل توڙي روشن خيال ۽ عالمي اڳواڻ سڏائيندا آهن. اها ئي اصل ۾ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي جو اياز سان محبت ڪندڙ دوست اياز کي اقبال کان گهٽ ڪري پيش ڪيو آهي. هونئن به احساس ۽ جذبن جو ٻولي سان ڪهڙو تعلق هجي ٿو؟ ڇا اياز جا احساس رڳو ان ڪري قدر جوڳا هجن ها جو هو اردو ۾ شاعري ڪري ها؟ هڪ پاسي اياز کي علامه اقبال کان گهٽ ڪري ڏيکايو ويو آهي ته ٻئي پاسي ان جو سبب سنڌي ٻولي کي چيو ويو آهي. اياز کي علامه اقبال کان گهٽ ڪري پيش ڪرڻ يا کيس ان سان ڀيٽا ڏيڻ خود اياز جي روح کي رهڙ ڏيڻ برابر آهي. قاضي صاحب اهو به چيو آهي ته ”اياز کي به اردو شاعري ڪرڻ کان روڪيو ويو“ پر حقيقتن جو جائزو وٺجي ته سادو سوال ذهن ۾ اڀري ايندو ته سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن اياز کي روڪيو ته هو اردو شاعري نه ڪري؟ اهو دليل به ڪو وزندار نه آهي ته فيض احمد فيض اردو ۾ شاعري نه ڪري ها ته هو ڪجهه به نه هجي ها! قاضي صاحب شاعري سان بي حد لڳاءَ رکي ٿو ته پوءِ کيس چڱي ريت احساس هوندو ته خيال پنهنجي صنف ۽ ٻولي جي چونڊ پاڻ ڪندا آهن، حقيقي شاعر پننجي خيالن تي زبردستي ناهي ڪندو ۽ پڪ ته فيض سان به اهو ئي معاملو هو. جن خيالن کي هو پنجابي زبان ۾ نه سموئي سگهيو اهي اردو ۾ تخليق ٿي ويا، جنهن جو مقصد شهرت ماڻڻ نه هو ۽ جيڪڏهن فيض يا اياز جيڏا شاعر به شهرت جا پوڄاري هجن ها ته اهڙي شاعري به نه ڪري سگهن ها شايد! جيڪڏهن ڪو اردو يا انگريزي ۾ شاعري ڪري ٿو ته ان جي مرضي آهي پر ڇا اهو ضروري آهي ته دنيا جو هر شاعر اردو يا انگريزي زبان ۾ شاعري ڪري نه ته هو عظيم بڻجي نه ٿو سگهي. اها مايوسي ۽ احساس ڪمتري جي انتها آهي. هڪ ٻيو سوال به ذهن ۾ اڀري ٿو ته آخر جڏهن علامه اقبال کي ٻيهر پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو ته پوءِ دير ڇاجي ٿي آهي؟ ڇا جيڪڏهن علامه اقبال کي 20 يا 30 سال اڳ پڙهيو وڃي ها ته سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سطح تي سنڌ جي ماڻهن جي تقدير بدلجي وڃي ها جو قاضي صاحب شڪايت ڪئي آهي ته ڪيترائي ذهن علامه صاحب جي انقلابي سوچ کان محروم رهجي ويا. منهنجي خيال ۾ اهڙي سوچ ڪنهن شعار يا ليکڪ توڙي سياستدان سان هڪ فرد جو جذباتي لڳاءُ ته چئي سگهجي ٿو، ان کي قومي الميو نه ٿو چئي سگهجي. انقلاب رڳو هڪ اڌ شاعر کي پڙهڻ ذريعي نه ٿو اچي سگهي، ان لاءِ بنيادي ڳالهه سچائي ۽ سمجهه آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته لطيف، اياز ۽ استاد کان وڌيڪ ڪو ٻيو سادي زبان ۾ سنڌ جي ماڻهن کي انقلاب ۽ سجاڳي جو درس نه ٿو ڏئي سگهجي. ان ڳالهه تي ڏک ڪرڻ يا پڇتائڻ اجايو آهي ته ڪنهن ٻي ٻولي جو شاعر نه پڙهيوسين ته ڄڻ سنڌي قوم انقلاب جي راهه تان هٽي وئي. علامه اقبال سميت دنيا جو ڪوبه شاعر ذاتي طور ڪنهن کي پسند ٿي سگهي ٿو. ان موقت تي ڪنهن کي به اعتراض نه آهي. علامه اقبال شاعر بهترين آهي يا قاضي صاحب توڙي ڪنهن به دوست کي پسند آهي ته اها ڳالهه احترام لائق آهي، پر پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کي درست ثابت ڪرڻ ۽ پڇتاءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجي ديس جي شاعرن يا پنهنجي ٻولي کي ٻين سان ڀيٽائڻ بهتر نه پر ڏکوئيندڙ عمل آهي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته رڳو ڪنهن هڪ شاعر کي نه پڙهڻ واري پڇتاءَ جي ڪيفيت جي ڪري پنهنجي قيادت ۽ ٻولي کي ئي گهٽ ڪري پيش ڪيو وڃي!؟ منهنجي خيال ۾ پنهنجي ديس جي شاعرن کي هڪ ٻئي سان ڀيٽا ڏئي نمبر ڏيڻ توڙي کين ٻين ٻولين جي شاعرن کان گهٽ وڌ ڪوٺڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي ته بهتر آ.... بشڪريه عبرت اخبار