• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي هڪ ايوارڊ يافته سافٽويئر سان محفوظ رکو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
2cwtyj8.jpg

پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ وجود ڊيٽا جي حفاظت ڪير نه چاهيندو هجي.... ان سلسلي ۾ جيڪڏهن نيٽ تي ڳولا ڪجي ته انيڪ سافٽويئر ملندا.. پر ڪي مفت ۾ نه هوندا ته ڪي وري استعمال ۾ ڏکيا....
پر نيٽ گردي جي دوران مون کي هڪ اهڙو ايوارڊ يافته سافٽويئر نظر آيو جيڪو ڊيٽا پروٽيڪشن ۾ به پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ وري استعمال ۾ پڻ آسان مٿان وري ڪمپني 70 ڊالرس جو هي سافٽويئر مشهور خاطر ڏئي به مفت ۾ رهي آهي... هي سافٽويئر آهي... Steganos Privacy Suite 11

24glrvm.jpg

هن جي خاص خوبين منجهان آهن..
  • 512 گيگا بائيٽ ڊيٽا تائين حفاظت
  • اي ميلز ۽ موبائيٽ ڊيٽا جي پڻ حفاظت
  • هن جي شريڊر ذريعي ڊيٽا جو 100 فيصد خاتمو
  • ڊجيٽل فوٽ پرنٽ جو آسان خاتمو
  • مضبوط پاسورڊ جنريٽر جنهن سان رهي ڊيٽا وڌيڪ محفوظ
  • توهان جي پسند جي فولڊرس کي رکي پرائيوٽ
  • هاٽ ڪي، پاڻمرادو لاگ ان ۽ ڊريگ ۽ ڊراپ جي سهولت
  • بلٽ ان ورچوئل ڪي بورڊ جنهن سان ملي ڪي لاگرز کان حفاظت
  • حساس ڊيٽا کي تصويرن ۽ موسيقي جي فائيلز لڪائڻ جي سهولت

اهڙي بهترين سافٽويئر کي مفت ۾حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر جي ويب صفحي تي وڃي پنهنجي اي ميل ڏيو.... جنهن کان پوءِ هيٺ موجود بٽڻ Abschicken تي ڪلڪ ڪريو... ڪجهه ئي ۾ توهان جي اي ميل تي رجسٽريشن ڪي موڪلي ويندي...
هاڻي هتي ڪلڪ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو... ۽ انسٽاليشن جي دوران اي ميل منجهان آيل ڪمپني طرفان رجسٽريشن ڪي داخل ڪريو... ۽ هن ايوارڊ يافته سافٽويئر جي مڪمل فيچرس جو مزو وٺو.... وڌيڪ تفصيل لاءِ حاضر آهي هي وڊيو۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=zb-r-gMK1Co
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي هڪ ايوارڊ يافته سافٽويئر سان محفوظ رکو۔۔۔

تمام سٺو ڏس آهي ادا... جتي ايترا سافٽ ويئر استعمال ڪري ڏٺا آهن اتي اوهان جو ريڪمينڊ ڪيل هي سافٽ ويئر به استعمال ڪري ڏسبو، ڇو ته اوهان جو ونڊ ڪيل هر سافٽ ويئر بي مثال هوندو آهي.. مطلب ته گارنٽي اوهان پاران جو آهي..
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي هڪ ايوارڊ يافته سافٽويئر سان محفوظ رکو۔۔۔

بهترين شيئرنگ آهي ادا

اهڙي شيئرنگ جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي هڪ ايوارڊ يافته سافٽويئر سان محفوظ رکو۔۔۔

بهترين ڏس آهي....اوهان جي ونڊ ڪيل سافٽوير کي يوز ڪري ٿا ڏسون.
ڏسون ته ڪيترا پاور اٿس
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي هڪ ايوارڊ يافته سافٽويئر سان محفوظ رکو۔۔۔

واه ادا واه تمام بهترين لاجواب شيئرنگ آهي.
 
Back
Top