ء جڏهن مهنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    خيرپورناٿن شاهه داادو ضلعي جو وڏو تعلقو آهي جيڪو اساجن ڪامورن جن کي هر دفي اسان ووٽ ڏئي اقتداري ايوانن ۾ موڪليندا آهيون ته هو هن دفي اسان لاء ڪجهه ڀلو ڪندا اسان لاء تعليم، روڊ رستا ء روزگار ڏيندا اهو ته ٺهيو پر هن دفي پهنجي انا خا طر سڄو ملڪ ٻوڙائي ء اچي خيرپورناٿن شاهه ۾ پهتا جيڪو ڪهڙي به وڏي ٻوڏ ۾ نه ٻڏندو آهي ان کي هٿ سا ٻوڙايو ويو خيرپورناٿن شاهه جي 10 ڪلو ميٽرن تي مهنجو ڳوٺ پريا آهي جيڪو اڄ موهن جي دڙي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي۔۔ بيائي ته اها آهي جو ٻوڏ متاثر ماڻهن جي واهر ئي نه پئي ڪئي وڃي۔۔۔۔ ڪالهه حيدر آباد ۾ لاير ايڪشن ڪميٽي پاران رائيس ڪينال کي ڪٽ ڏئي خيرپورناٿن شاهه کي مڪمل طور ٻوڙڻ واري عمل ۽ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سوين ماڻهو شامل هئا، مظاهرو ڪندڙن جو مطالبو هو ته ڪي اين شاهه کي هٿ سان ٻوڙائيندڙ صوبائي وزير پير مظهر الحق ۽ ايم اين اي رفيق جمالي کي گرفتار ڪيو وڃي. مظاهرو ڪندڙ چيو ته خيرپورناٿن شاهه جي تباهي ۾ وڏو هٿ چونڊيل نمائندن، آبپاشي کاتي ۽ مقامي انتظاميا جو آهي، غلط پلاننگ ۽ غير ذميواري جي سبب تعلقي جي ڏيڍ لک آبادي پناهگير بڻجي وئي آهي، پر ان هوندي به سندن ڪنهن قسم جي مالڪي نه پئي ڪئي وڃي. ۔۔۔خيرپورناٿن شاهه کي هٿ سان ٻوڙايو ويو آهي، جنهن ڪري ان جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي، بي گهر ٿيل ماڻهن جي مالڪي ڪئي وڃي، سندن رهڻ لاءِ گهر، کين کائڻ لاءِ کاڌي ۽ روزگار جي ذريعن کي بهتر بنايو وڃي، سپريو بند تي پناهه وٺندڙ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو وڃي.۔۔۔۔۔ ڪاش مهنجو وس هلي ته صوبائي وزير پير مظهر الحق ۽ ايم اين اي رفيق جمالي جن خيرپورناٿن شاهه کي هٿ سان ٻوڙايو آهي، کين گرفتار ڪري سزا ڏياران ء انهن سڀني متاسرن جو نقصان انهن کان ڀرايان ۔۔۔۔۔
    (عرس پريو)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ء جڏهن مهنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو

    ادا عرس پريو۔۔ يار سور ته ڏاڍا آهن پر اڄوڪي دور ۾ سور پٽڻ‌ مان ڪو فائدو نه آهي۔۔ متاثر سور پٽي پٽي نيٺ چپ ٿي ويندو پر ليڊرن جي ڪنن تي جونءَ‌به نه چرندي۔۔۔ مٺا هاڻي ته بس ماٺ ۾ جهان هلي پيو۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ء جڏهن مهنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو

    جي ادا بس .................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو