انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪمد دوستو!
    اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو سائين نثار ناز جهڙو سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ۽ سنڌ سلامت جو سرپرست اسان جي محفل جو حصو آهي ۽ وقت به وقت پنهنجي بهترين شاعري اسان سان ونڊ ڪندا رهن ٿا۔ ڪجهه وقت پهرين سندن هڪ غزل سنڌ سلامت تان پاڻ‌ونڊ ڪئي هئائون۔۔
    انڪار ڪونه گهرجي، اقرار جو مان عادي۔۔
    اها غزل مون سميت سنڌ سلامت جي ٻين دوستن کي تمام گهڻو پسند آئي هئي۔ تنهن کان پوءِ وري سائين نثار ناز ان غزل کي محترم جانب علي بلاوليءَ جي آواز ۽ ترنم سان گڏ آڊيو ۾ پڻ‌ونڊ ڪيو۔۔ اهڙي بهترين آواز اهڙي پياري غزل جي اثر کي ويتر وڌائي پيش ڪيو۔۔۔
    اڄ سائين نثار ناز جي پروفائل تي سندن اها ساڳئي غزل تصويري وڊيو جي صورت ۾ پوسٽ ٿيل ڏٺم، جيڪا سندن اجازت سان مان هتي ونڊ ڪري رهيو آهي۔۔ اميد ته سائين نثار ناز جي پياري شاعري+ پياري ايڊيٽنگ+‌ جانب علي بلاوليءَ‌جو آواز ۽‌طرز ۽ ان سان گڏ سائين نثار ناز جو انٽروڊڪشن ڪرڻ‌جو طريقو به توهان تمام دوستن کي ضرور پسند ايندو۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=2c4tY6wi8yM


    ساڳئي غزل تصويري صورت ۾

    [​IMG]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي.
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    سائين نثار ناز جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔۔۔۔۔
    سائين جي هر ڪوشش لاجوب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    بيشڪ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي
    ته سائين هڪ بهترين شاعر آهن

    ادا مست چواڻي ته اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو اهو اسان جا سرپرست اعلى آهن

    سدائين گڏ
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    واھ سائين نثار ناز جي شاعري جي تعريف ڪرڻ لا مان وٽ لفظ ئي ڪانه آهن۔
    بهترين ڀائو مست ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    بهترين ونڊ آهي مهرباني سائين
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    سائين نثار جي شاعري هجي ۽ اها به چونڊ ۽ وري ان ۾ سنڌ سان محبت جو عڪس چٽو نظر اچي ته اهو غزل هڪ شاهڪار ئي هوندو۔ هن شاعري جي منظر ڪشي کي سوچي ماڻهو سنڌ جي سونهن ۾ گم ٿيو وڃي :

    سر تي رکي گهڙا هو سنڌ جون ڏسو نياڻيون
    پاڻي ڀرڻ جو منظر ، نروار جو مان عادي

    دعا آهي ته سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر جو ڪتاب سنڌ سلامت پاران ڇپجي ته واه واه۔ اميد ته دوست ان تي سوچيندا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    پيارا مست اسد شال جُڙيو هُجين، توهان دوستن جي همت افزائين ۽ محبتن جو دل جي گهرائين سان قدر ڪريان ٿو، منهنجي ون ٽو ڪا فور کي توهان پرفيڪٽ هنڊريڊ ڪري ڇڏيندا آهيو، ۽ هنڊريڊ ڪندڙ دوستن مونکي ايترو ته نوازيو آهي جو الله پاڪ جي مهربانين سان، توهان دوستن مونکي ساري دنيا جي سنڌي دوستن سامهون سنڌ ڌرتي جو شاعر ڪري پيش ڪري ڇڏيو آهي۔ دوست زندگي، ۾ ايترا پنهنجن پرائين منهنجي جهولي ۾ پيار وڌا آهن جو ڪاٿو لڳائڻ ئي مشڪل آهي، هي منهنجو غزل ڪنهن کي وڊيو جي صورت ۾ گهربل هو، ملڪ کان ٻاهر رهندڙ کي، ان ڪري هن پيري ۾ وري ان جي ايڊيٽنگ ڪرڻي پئجي وئي، توکي هڪڙي نئين خبر اها به ونڊڻ ٿو چاهيان ته ان ”ڪنهن “ مونکان پڇيو ته تنهنجي هر پيغام ۾ رڳو سنڌ سلامت ڇو وسيل هوندو آهي، مون چيومانس ته سنڌ سلامت مون ٽي درجي واري جهوني شاعر جو جياپو آهي، ان ڪنهن جواب ڏنو ته جيڪڏهن تنهنجو جياپو اسان بڻجون ته، مون چيو ته ممڪن ئي ڪونهي، چيائين ته اي ٽي درجي جا شاعر حقيقي پيار جي دنيا ۾ اچ، مون چيومانس سنڌ سلامت سان ٻٽيهه دليون آهن حقيقي پيار ۾ ته صرف ٻه دليون يوز ٿينديون هڪ تنهنجي ۽ هڪ منهنجي، اهي ٻه دليون سنڌ سلامت سان ٻٽيهه دلين جو نعم البدل ٿي نه ٿيون سگهن، چيائين ته الله جي نالي تي ڀلا پنهنجو پيار اسان جي نان ڪندين مون چيو نه مون پنهنجو پيار الله جي نالي سان 29 آڪٽوبر1979ع پنهنجي ماسات سڳوري سان لائون لهي يا ڄمار ۽ چاهي زنده هُجان يا مري وڃان ان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، چيائين ته وڏو ظالم آهين، مون چيو ته ظالم آهيان پر ڪافر ناهيان ڪنهنجي حق تلفي کي ڪفر ڪري سمجهندو آهيان۔ سو انهي وڊيو کي ايڊيٽنگ ڪرڻ وارو منهنجو مين مقصد به سمجهي ويو هوندين۔ باقي مٺا سرپرستي واري پڳ جي تون باربار ڳالهه ڪندو آهين، جيڪڏهن مناسب سمجهو ته هاڻي اها پڳ مونکان وٺو ۽ اهو اعزاز ڪنهن تمام محنتي سنڌ سلامت جي ساٿي کي ڏيو۔جيڪو تن من ۽ ڌن سان سنڌ سلامت جي انهي پڳ سان انصاف ڪري سگهي۔ آخر ۾ لک ٿورا جو منهنجو فيس بوڪ تي هي ونڊيل وڊيو سنڌ سلامت جي شو بز واري شعبي ۾ کڻي آئين ۔ لک لائق
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    ادا رياض اصولي طور ته تنهنجي انهي ڪامينٽس تي محترم اسد مست پنهنجا ويچار ونڊيندو پر پنهنجا نمبر گيم وڌائيندي آئون به تنهنجا ٿورا مڃي ٿو ڇڏيان۔ لک لائق۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    عرس پريا، تمام قربائتو رايو آهي توهان جو منهنجي باري ۾۔ اسد مست ٻُڌين پيو اهڙا محبتي عرس پريي جهڙا دوست ڪٿي به ڪونه ملندا۔ شال جُڙيو هُجي پنهنجي پيارن سان
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انڪار ڪونه گهرجي۔۔ اقرار جو مان عادي۔۔

    مهرباني سليمان سائين۔ ان سلسلي ۾ منهنجي گذارش اها آهي ته ان باري ۾ ڪير به نه سوچي، جيڪو به سوچي صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي باري ۾ سوچي، اسان جي سنڌ سلامت ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ذاتي فائدو پهچائبو ته پو گاڏو هلي ڪين سگهندو، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي هاڻي ڪافي سُٺا شاعر دوست اچي چُڪا آهن، آخر مون ٽي درجي واري شاعر ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو مونکي ذاتي فائدو ڏنو وڃي۔خدارا ادا سليمان انهي ڳالهه جو وري آئنده ذڪر نه ڪجو، عمر جي ٻاونجاهي سال ۾ آهيان، شاعري جوڪتاب نه ڇپيو تڏهن به ڪو فرق ڪونه پوندو۔ مون لا اهو ئي ڪافي آهي ته سنڌ سلامت جي هڪڙي ننڍڙي پر منهنجي من جي وڏي ۾ وڏي سيڪشن نثاراحمد ناز جي شاعري ۾ منهنجي تقريبن 50 في صد شاعري موجود آهي۔ باقي مٺا تنهنجي انهي بي لوث محبتن جو قدر ٿو ڪريان۔ جو تو مونکي ذاتي طور انهي لائق سمجهيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو