گذريل 72 ڪلاڪن اندر حڪومت ۽ عدليه ۾ تڪرار واري صورتحال کي هٿي ڏيڻ جي جيڪا خطرناڪ ڪوشش ٿي، تنهن جا نتيجا سواءِ مونجهارن جي ڪجهه به نه هئا. جڏهن حڪومت پاران اهو واضح ڪيو ويو آهي ته حڪومت، عدليه سان ٽڪراءُ نه ٿي چاهي ۽ ڪنهن به طرح جي اهڙي ڪوشش پڻ حڪومت پاران ناهي ڪئي ويئي، تڏهن صورتحال جو جائزو وٺندڙن پاران مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن. عوامي ادارا، جيڪي ڪنهن به حڪومت جا اهي پرزا هوندا آهن جيڪي پنهنجي، پنهنجي ڪارڪردگي وسيلي حڪومت جي مشين کي فعال رکندا آهن ۽ نظام کي حقيقي معنائن ۾ نظام جو مقام ڏياريندا آهن. جيتوڻيڪ اسان وٽ اهي ادارا، آمريت جي وقفي وقفي سان ٿيڻ وارن حملن سبب، پنهنجي گهربل اهليت سان ميل کائيندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري ناهن سگهيا، پر ان هوندي به ادارن جي طريقيڪار ۾ ڪجهه شيون بنيادي حيثيت رکندڙ هونديون آهن. انهن ئي بنيادي حيثيت رکندڙ شين ۾ سازشي عنصرن کي منهن ڏيڻ شامل هوندو آهي، جيڪي سدائين ادارن کي ناڪام بنائڻ وارين سازشن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سرگرم هوندا آهن. وڏي وقت کان ادارن خلاف انهن سازشي عنصرن جي سرگرمين ۾ خاطر خواه اضافو ڏٺو ويو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي بلڪه روايتي طور هڪ متوقع امر آهي، جنهن جو ورجاءُ هر جمهوري دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي جمهوري حڪمرانن توڙي ملڪ جي نظام جي ٿنڀن جي اهميت رکندڙ ٻين ادارن جي اعليٰ منصبن تي براجمان شخصيتن ماضيءَ جي تلخ تجربن مان ڪو سبق پرائيندي انهن سازشي عنصرن کي چڱي ريت منهن ڏيڻ ناهي سکيو. آئيني معاملا، حڪومتي مسئلا، پارلياماني لاها چاڙها، اهي سڀ ته جمهوريت جون خاصيتون آهن. پر انهن جمهوري نوعيت جي معاملن کي ڄاڻايل عنصر پنهنجي مفاد ۾ پنهنجي مرضيءَ جو رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن. اهڙي صورت ۾ جمهوري ادارن کي پنهنجين بنيادي ذميوارين جي ادائيگيءَ وارو عزم ورجائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن جمهوري ادارا، پوءِ اها پارليامنٽ هجي، وفاقي يا صوبائي وزارتون هجن، انصاف جي فراهميءَ جا ذميوار هر سطح جا قانوني ۽ آئيني ادارا هجن، يا وري ملڪ جي دفاع جا ذميوار ادارا ۽ قانون نافذ ڪندڙ ۽ عوام جي تحفظ جا ذميوار مختلف ادارا وغيره هجن، انهن کي هڪٻئي لاءِ احتساب جي گنجائش رکڻ سميت پڇاڻن جي گنجائش به رکڻ گهرجي، پر اهڙين خلائن، اهڙن خليجن، اهڙن ويڇن کي پيدا ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي جيڪي انهن ادارن کي پاڻ ۾ ٽڪرجڻ ڏانهن ڌڪين. جمهوري ادارن جي اعليٰ منصبن تي براجمان ذميوار فردن کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڪنهن هڪ حڪومت يا پارليامنٽ جي ڪاميابي نه پر سموري نظام جي ڪاميابي ۽ آئيندي جو انحصار ان سوال تي هوندو آهي ته سگهارو ڪير، ادارا يا سازشي عنصر! ضابطهءِ اخلاق وغيره جهڙا دستاويزي قانون پنهنجي جاءِ تي، ادارن جي پاڻ ۾ معاملن جي نبيري لاءِ ڪاميٽيون، قاعدا پنهنجي جاءِ، پر حالتن جي تناظر ۾ جڏهن آمريت، نظريهءِ ضرورت جهڙيون شيون ايجاد ڪري سگهي ٿي، ته پوءِ جمهوري ادارن، جمهوري حڪمرانن ۽ جمهوريت کي تقويت بخشڻ جي خواهشمندن کي ڪو اهڙو اخلاقي، شعوري ضابطو يا نظريو جوڙڻ ۾ ڏکيائي پيش ڇو ٿي اچي، جنهن سان اهي سڀئي گڏجي سازشن، سازشي عنصرن ۽ سازشي عنصرن جي حامي ٽولن ۽ فردن جي ارادن ۽ نيتن کي منهن ڏئي سگهجي؟ اسين سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت جي اڍائي کن ورهين واري هيل تائين جمهوري تجربي مان نظام جي حوالي سان جيڪو سڀ کان وڏو نظرياتي سوال پيدا ٿيو آهي، سو اهو ئي آهي. ان جو جواب ڳولڻ انهن ئي ادارن جي اغراض و فرائض ۾ آهي، پر اهي ڇو ان کان غافل آهن، تنهن جو پتو اڄ تائين پئجي ناهي سگهيو. وقت اچي ويو آهي ته اهي انهي غفلت مان پنهنجي ۽ هن ملڪ ۽ قوم جي جند آجي ڪرائين. The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com