• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون چوين ٿي ته تنهجي چپن تي لکان ( آزاد نظم)

حسام ميمڻ

سينيئر رڪن
حسام ميمڻ
04/06/2009

آزاد نظم
تون چوين ٿي ته
تنهجي چپن تي لکان
تنهجي ڳاڙهي گلابي
وڳن تي لکان
چيلهه جي خمَ تي
چال رنگين تي
۽ گلابي ڳلن تي
ڪيان شاعري
تون صحيح ٿي چوين
ٺيڪ سوچين پئي
قصيدو به ڄڻ ڪوئي ٽانڪ هجي!
جيڪو روحن کي راحت ڏئي ٿو ڇڏي
جهٽ گهڙيءَ لئه صحيح
دردَ ميٽيو ڇڏي!
پر او منهجي مٺي!
منهنجي پياري مٺي!
دل چوي ٿي ته اڄ ڪوئي نوحو لکان
مان ڪيان شاعري
ديس جي دردَ تي!
تو جيان ڪيتريون
هِت مِٺيون ٿيون مرن
۽ ابهم بکن تي اجل ٿا وٺن!
ڳالهه ننڍڙي هجي
ڳالهه وڏڙي هجي
روز ڳڀرو مرن ٿا
اسانجا مٺي!
روز جرڳا ٿين
۽ ٿين فيصلا
ملڪ جا پاسبان
ڌارين لاءِ ڪيڏا جتن ٿا ڪرن
ويٺا نيڍون ڏين
۽ پيا سينڍون ڏين
سنڌ سڏڪي پئي
هانوَ هيڻي سان
جهيڻي ۾ ٿي ڄڻ چوي:
”اڄ ته مون تي به لک!“
”اڄ ته مون تي به لک!“
منهنجي دل ٿي چوي
ديس جي دردَ تي
اڄ ڪيان شاعري!
ڪجهه ته مان ڀي ڪيان
ڪجهه ڪرڻ ڏي مٺي!
تون نه دل ۾ ڪجان
ديس تي ٿو لکان
ديس آهي ته تون مان به
آهيون مٺي!
ورنه ڇا ٿو بچي
هي مُهن جو دڙو
۽ لڪيءَ جا جبلَ
يا ڪا ٻي يادگار!
جي اٿئي مونسان پيار
آءُ زنده رهڻ جي ڪيون گفتگو!
آءُ زنده رهڻ جي ڪيون جستجو!!
 
تمام بهترين شاعري آهي ادا حسام ميمڻ توهان جي اهڙي شيئرنگ جو مون کي ته انتظار رهندو​

sindhsalamatsaathsal
 
ادا حسام ميمڻ صاحب
حق موجود؛

سڀ کان پهريان ته منهنجي طرفان ڀليڪار قبول ڪندا ... هن فورم جا دوست پڻ تمام سلجهيل ۽ ادبي ذوق رکندڙ آهن ... اميد ته اوهانکي هن فورم تي به پنهنجائپ جو احساس ٿيندو ...

اوهانجا نظم انتهائي خوبصورت لفظن سان سنواريل هوندا آهن، جن جو تاثير انسان جي من تي ٿيندو آهي ... هن نظم ۾ پڻ اوهان قومپرستيءَ جي جذبي ۽ اهميت جو اظهار ڪيو آهي سو قابل تعريف ۽ وڻندڙ آهي ...

اميدن تي جهان قائم آهي ۽ پاڻ به ان اميد تي ته اوهانجون ٻيون ڪاوشون به پڙهڻ لاءِ ملنديون ...

هميشه خوش رهو

نثار ابڙو
 
محترم حسام ميمڻ صاحب اوهان جو آزاد نظم پڙهي تمام خوشي ٿي۔۔۔۔ اميد ته هميشهه اهڙو ساٿ هن سنڌ سلامت تي قائم رکجو۔۔۔۔۔۔۔۔


lajwab-sharing
 
Back
Top