حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو آهي ته صحافت هڪ اعليٰ پيشو آهي، جيڪو اڻ ڌريئائي، سچائي ۽ صداقت جي گهر ڪري ٿو ۽ ميڊيا کي سماجي تبديلي جو عظيم ڪردار سمجهيو وڃي ٿو. صوبائي صلاحڪار اهڙو اظهار ڪالهه جاپان ڪلچرل سينٽر ۾ فوٽن جي هڪ نمائش دوران ڪيو. ان سلسلي ۾ هتي جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته ذميوار صحافت مسئلن جي نشاندهي سان گڏ هر هڪ فرد جي انساني حقن جي تحفظ لاءِ سرڪار جي مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. فوٽن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ فوٽو هزارين لفظن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو ۽ فوٽو وسيلي بهتر نياپو پهچائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار پنجاب جي قونصليٽ جنرل جا به ٿوا مڃيا، جنهن پاڪستان جي فوٽو واري صحافت کي همٿائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.