• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواز شريف پاڻ عدليه تي حملو ڇو ڪيو،

حاڪم

سينيئر رڪن
لاهور (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير بابر اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جواب ڏي ته هن پاڻ عدليه تي حملو ڇو ڪيو، اسان جڏهن عدليه ٺاهي رهيا هئاسين تڏهن نواز شريف پئسا ٺاهي رهيو هو، نواز شريف ٻڌائي ته هن گوالمنڊي کان رائونڊ جو سفر ڪيئن ڪيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن سڀني جو احتساب ٿئي ها ته نواز شريف گوالمنڊي ۾ هجي ها، رائونڊ هال ۾ نه وڃي ها، بابر اعواڻ وڌيڪ چيو ته اليڪشن شفاف ٿئي ها ته (ن) ليگ کي اسان جي ٽي روڊ تي شڪست ڏيون ها، سموريون پارٽيون ٻڌي ڇڏين ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي پ پ آهي ۽ وفاق ۽ جمهوريت هڪ سڪي جا 2 پاسا آهن، نواز شريف اڃا تائين بلدياتي سياست ڪري رهيو آهي ۽ کيس واعده ٽوڙڻ جو عالمي رڪارڊ آهي، هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن پٺيان لڪي سياست ڪندڙ سامهون اچن، پارليامينٽ آئين ٺاهڻ وارو ادارو آهي ۽ ان کي ئي ترميم ڪرڻ جو اختيار آهي، هن چيو ته سياسي پارٽيون 2013 ع لاءِ چونڊن جون تياريون ڪن.بابر اعواڻ وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ججن جي بحالي وارو نوٽيفڪيشن پيش ئي نه ڪيو ويندو.آ
 
Back
Top