جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا، سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا! سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا، جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا. مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا، جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا. اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ، جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا. مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا، اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا! مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا ! جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا. مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا، مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا! سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها، جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا. هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها ! اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا. ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا، ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا! هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا ! پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا. ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها، ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا! ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا، ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا. ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا! جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا. آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا . جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان، جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا. اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾ اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا. هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا ! ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي، ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا. هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي! مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا. اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا! هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا. ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا، آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا . هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ، مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا. ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ! ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا شيخ اياز sindhsalamatsaathsal
هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي! مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا. ڀيڻ ساره، الله توهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ... اوهان جي چونڊ انتهائي وڻندڙ ۽ قومي جذبي سان ڀريل آهي، اوهان هن فورم تي اسان لاءِ پڻ بلڪل ان بڙ جي وڻ جيئان آهيون، جنهنجو ذڪر مٿي محترم شيخ اياز ڪيو آهي ... اسانجون ڀينرون جي اهڙن جذبن سان سرشار هونديون ته اميد آهي ته اسانجا نوجوان، قومي خدمت ۾ پاڻ ملهائي سرخرو ٿين ... اوهانکي جس هجي منهنجي ڀيڻ سدائين گڏ
پسنديدگي ۽ حوصله افزائي جي مهرباني ادانثار مونکي سنڌي شاعري ۾ اها ئي شاعري گهڻي پسند آهي جنهن ۾ سنڌ جو ذڪر هجي۔۔۔
ڀيڻ ساره ، هڪ صلاح ته اوهين ورڊ فارميٽ ۾ پنهجا ڪلما لکي پوءِ هت ڪاپي پيسٽ ڪريو، جيئن آءُ ڪندو آهيان ته اهو سپيس وارو مسئلو نه رهندو اوهان سان ... الله واهي
جيڪڏهن فقير جي صلاح مڃو ته موزيلا فائر فوڪس استعمال ڪريو ڇو جو موزيلا فائر فوڪس سنڌي اردو ۽ انگريزي کي تمام بهترين سپورٽ ڪري ٿئي ۽ اسپيس وارو مسئلو به نه رهندو . sindhsalamatsaathsal
تمام پياري شيئرنگ! ڀيڻ ساره اوهان جي اهڙي جستجو کي سلام جو اوهان ناياب لکڻيون هن ساٿ وارن سان شيئر ڪنديون آهيو۔۔۔۔ ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا! جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا. آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا . جسم کي ڪانڊرايندڙ شاعري شيخ اياز جي تمام گهڻي پسند آئي۔۔۔ مهرباني ڀيڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ shal judy hujeen
ادا فقير سائين جڙيل هجين شال آءُ ته شروع کان ئي اها بلا موزيلا فائر فوڪس ئي استعمال ڪندوا آهيان ... پهريان اها بلا کوليندو آهيان پوءِ ڪا ٻي سائيٽ ... پر يار اصل مسئلو ته پاڻ آ.ٽي جي معاملي ۾ ڪجه، وتائي فقير جهڙا آهيون ... دعا گهرندا آهيون بريانيءَ جي ته امان پچائيندي آهي ماني ... سو پاڻ به ڪمپيوٽر کان گهرندا ڪجه آهيون ته ڏيندو وري الائي ڇا ڇا آهي ... ۽ پوءِ ڊيڄهڙي ۾ اصل وڌيڪ اڳتي هلڻ لاءِ توبهه زاري ڪري، جان ڇڏائبي آهي ... وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ... الله واهي