سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا سليمان وساڻ شال جڙيو هجين شاهه صاحب جي سُر سيراڳ مان هي بهترين چونڊ ونڊ ڪئي
    مٿان وري انکي ڊزائين ڏئي شاهڪار جي طور تي پيش ڪيو ۔۔
    اميد ته اهڙيون ونڊون جاري رکندا۔۔

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سبحان الله، لطيف جي فڪر جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۽ سندس علمي خزانن جي عميق بحر مان ڪي غواص ئي موتي ڳولهي لهن باقي عام ماڻهون جو فهم ته مٿاڇرو هجي ٿو ۔۔۔ جيئن سهڻي شاه ڪريم چيو آهي ته؛

    پاڻــــــي مٿــــي جهـــوپـــڙا، مـــورک اڃ مــــرن،
    جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن۔

    بيشڪ حق ۽ سچ جو سمنڊ اسانجي اکين آڏو وهي پيو پر ان جي پاتال مان موتي ميڙڻ سان ئي اصل ۽ سڌي راهه جي طرف رهنمائي ٿئي ٿي ۔۔۔

    جيئن رب جي ڪلام قرآن الفرقان جو هڪ هڪ لفظ صداقت ۽ رب جي زباني چيل آهي ۔۔۔ هڪ هڪ لفظ ۽ جملي ۾ اهڙي ته هدايت سمايل آهي جو هوند هڪ ئي جملي ۾ انسان وحشي فطرت کي بدلائي رحماني فطرت طرف وڃي سگهي ٿو ۔۔۔

    انجو مثال قرآن جي هڪ آيت آهي سوره العصر؛

    ”بيشڪ انسان گهاٽي ۾ آهي، پر جن ايمان آندو، عمل صالح ڪيا ۽ حق صبر جو پاسو ورتو“
    قرآن شريف جي مٿئين ننڍڙي آيت ۾ پوري هدايت سمايل آهي، صرف پنهنجن حواسن کي حاضر ڪرڻ جي گهرج آهي ۔۔۔

    اچو ته رب طرفان مقرر ڪيل رستي تي پنڌ پئي پنهنجي حيات سوني روپي جيئان ڪريون ۔۔۔۔

    رب اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔ آمين
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    محترم سليمان وساڻ، شاهه سائين جي شاعري جو ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي چٽيل توهان جو هِي رنگ نرالو ۽ مختلف لڳو، لطيف سائين جو هر بيت نرالو ئي هوندو آهي، جنهن به طرف لطيف سائين جي تخيل ۽ تخليق تي غور ڪبو ته هميشهه هر ڪنهن کي نئون ۽ نڪور مفهوم نظر ايندو، هر دور ۾ سمنڊ جتان جتان پنهنجي ڪِريڪس، پنهنجي ٻيٽن، پنهنجي روايتي رستن، چاهي عربي سمنڊ هُجي، چاهي، هندي وڏو سمنڊ هُجي، چاهي پئسفڪ وڏو سمنڊ هُجي، پنهنجي پاسي ۾ رهندڙ انسانن، ۽ انهن انسانن سان تعلق رکندڙ لکين خاندانن جي پيٽ پالڻ جو وڏو ذريعو هوندو آهي، انسان سمنڊ مان سڀ کان وڏي مايا مختلف قسمن جي مڇي مان حاصل ڪري ٿو، ان کان علاوه سمنڊ ۾ هزارين سالن کان ڪافي سارا پاڻي جا جهاز ٻڏندا ترندا آيا آهن ، انهن ۾ انهن ۾ اڻ ڳڻيا خزانه پڻ سمنڊ جي پيٽ ۾ ڇپيا پيا آهن، جن کي سوجهي لهي ڪڍڻ ئي وڻجارن جو صدين کان ڪم آهي، سپون جيڪي لطيف جي سر سارنگ جو مخصوص ڪردار آهن اهي پڻ سمنڊ جي پيٽ ۾ رهي ڪري وسڪاري جي مُند جون پهريون ڦڙيون پنهنجا چپ کولي حاصل ڪن ٿيون انهي پهرين پيل سانوڻ جي مينهن جون ڦڙيون انهن سپين جي پيٽ ۾ موتي جو روپ وٺن ٿيون، انهن سپن جي پيٽ مان ئي گهاتو، سمنڊ ۾ مانگر مڇن سان وڙهندي وڙهندي موتي حاصل ڪن ٿا، سڀ کان وڏي ڳالهه ته سامونڊي روايتي رستا جن تان گُذرندي وڏا وڏا اجگر جيڏا پاڻي وارا جهاز ساري دنيا جي انسانن جا اهنج ايذا ڪڏهن اناج جي صورت ۾ ته ڪڏهن سامان جي صورت ۾‌ ته ڪڏهن جديد اليڪٽرانڪ ايجادات جي ايڪسپورٽ توڙي امپورٽ ذريعي ختم ڪن ٿا، جنهن سان انسانن جي سُک ۾ واڌارو ٿئي ٿو اهو پڻ سمنڊ جي موهه مايا جي هڪڙي صورت آهي، هڪڙو عام امير ماڻهو، جڏهن ڪنهن مزدور کي مزدوري ڏي ٿو ته اهو عام مزدور توڻي جو پنهنجي ڀرپور محنت ڪري ٿو پر پو به ان امير ماڻهو جا ٿورا، سائين ۽ آقا چئي بجا ٿو لائي، جڏهن ته سمنڊ ته اهڙين لکين اميرن ۽ غريبن جا پيٽ پالي ٿو، نه صرف انسانن جا مگر جانورن جا پڻ پيٽ پالي ٿو پو بقول لطيف سائين جي هن خوبصورت بيت وانگي، ڇو نه سمنڊ کي سوجهيون، ڇو نه سمنڊ کي پوڄيارو سمجهي، محنت سان سمنڊ جي سيوا ڪريون ۽ رب سائين جا لکين احسان مڃون جو انسانن ۽ جانورن لا پاڻي جا اٿاهه سمنڊ جي صورت ۾ ساگر خلقيائين۔ باقي تنهنجي ڊزائن ته پنهنجو مٽ پاڻ هونديون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا عمران مهرباني

    منهنجي ڊزائن ڪا شاهڪار ته ڪانهي پر هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي۔ لطيف سرڪار جي بيتن جي معني ۽ مفهوم سمجهائي ياد تازا ڪئي آهي۔ اسان لطيف سرڪار جي ڏسيل فلسفي تي عمل ڪري ڪامياب ٿي سگهون ٿا
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سائين نثار صاحب اوهان جا ٿورا جو منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش تي هيڏو سارو تفصيلي لکيو آهي۔ بيشڪ لطيف سائين جي شاعري نصيحتن جو هڪ اڻ کٽندڙ سمنڊ آهي۔ جيئن لطيف سرڪار چوي ٿو :

    جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن
    نيو من لائين پريان سندي پار ڏي

    اسان کي ان کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سائين نثار ناز صاحب مهرباني جو پنهنجي قلم سان اسان جهڙن ناچيزن جي ننڍڙين ڪاوشن تي پنهنجي علم جي خزاني مان هيڏو سارو ونڊ ٿا ڪريو۔

    سُر سريراڳ کي پڙهي مون ان وقت ئي ويهي هي بيت دوستن سان ونڊ ڪيو۔ سنڌ سلامت جو هي اڱڻ اسان کي اهڙا موقعا پيو فراهم ڪري۔ اوهان جي رهنمائي اسان جو حوصلو وڌائي ٿي ڇڏي۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا سليمان .سبحان الله،
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ڀا رياض مهرباني

    اميد آهي ته توهان سميت سڀ دوست شاه سائين جي فڪر کي عا۾ ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔ نه صرف اهو پر اسان کي ڀٽائي سرڪار جي فلسفي تي عمل پڻ ڪرڻ گهرجي
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ماشاء الله خوبصورت پس منظر جي ڊيزائين آڻي توهان مرشد لطيف جي هن خوبصورت ۽ سبق آموز بيت جي لفاظي سان گڏ عڪاسي سان به تشريح ڪئي آهي۔۔۔ مٿان وري نثارن به بيت جي خوبصورت سمجهاڻي آندي آهي۔۔۔
    شاهه صاحب کي گهرائي سان پڙهندڙ ادا ممتاز وگهيو ۽ محترم رحيم بخش اڃان تائين پنهنجا ويچار نه ونڊيا آهن پر هيل تائين آيل جواب پڻ سموري ڳجهه کي وائکو ڪيون بيٺا آهن ۔۔۔ ادا سليمان توهان جي محنت ۽ چونڊ هميشه وانگر بي مثال آهي۔۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا رشيد اوهان جي مهرباني

    مان سمجهان ٿو مرشد لطيف جي هر سٽ جو مفهوم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائجي ۽ دوستن کي به گذارش ته هن قسم جا مختصر ٿريڊ سنڌ سلامت تي پيش ڪن۔

    اسان ان جر کي ڪين سمجهي سگهيا آهيون جنهنجو لطيف سرڪار هن بيت ۾ ذڪر ڪيو آهي نه ته اسان ماسو وٺون هان ۽ گهڻي جي چڪر ۾ ڪونه پئون ها۔

    محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو

    بلڪل اوهان جي ڳاله صحيح آهي ته لطيف جا پارکو ۽ مطالعو ڪندڙ هن ۾ ضرور شريڪ ٿين
     
  12. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سائين ماشاالله دل خوش ٿي وئي۔ ڀٽ جي گهوٽ جو ڪلام سهڻي اندز ۾ ۽ سمجهاڻي سان ڏنل۔ ڀائرو اسان جي هن ڪلام کي سمجهون ۽ عمل ڪيون ته گهاٽي م ڪونه وينداسون۔

    دوستن نثار ناز ، نثار ابڙي ۔ سومرو صاحب ۽ رشيد جون لکيل سٽون به ڀليون لڳيون

    سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛
    آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛
    لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛
    ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سائين مهرباني

    اوهان ساڳي ئي سُر مان لطيف سرڪار جو هڪ ٻيو بيت نظر ڪيو ان لاء لک لائق۔ دعا آهي ته الله پاڪ اها همت ڏي جو هن سلسلي کي وڌائي سگهان
     
  14. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا بهترين ونڊ آهي ۽ اهو ئي اسان جي سيوا جو متن ۽ مقصد پڻ آهي انڪري ته اسان سيوا جي نالي سان مشهور پڻ آهيون


    سدائين گڏ
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا مهرباني

    اسان کي سچ جي سڃاڻ ٿي ته ڪامياب آهيون۔ لطيف سرڪار جي هر سٽ ۾ فڪر سمايل آهي۔

    اوهان کي مبارڪ، اوهان کي واڌايون جو اوهان سيوا جي پليٽ فارم تان بهترين ڪم ڪري رهيا آهي۔
     
  16. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سبحان الله

    ادا لاجواب تما م بهترين نموني شاه سائين جي شعر کي ڊزائين ۾ آڻي ء
    سٺي نموني سمجهاڻي ڏني
     
  17. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    قبله تمام دلڪش ڪوشش آهي، توهان کي مان دل جي گھراين سان واڌايون ٿو ڏيان۔
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    سائين رشيدالله صاحب مهرباني

    لطيف سائين جا بيت يقينن هدايت کان گهٽ ڪونهن۔

    همت افزائي لاء اوهان جا قرب
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿوجالَ (سُر سريراڳ، داستان ٻيو)

    ادا عرس مهربانيون

    اڄوڪي ڏينهن کي لطيف سائين جي جنم ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي۔ ان حوالي سان سوچيم ته هي بيت ٻيهر دوستن سان وند ڪجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو