نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو، ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ۔
دوستو هڪڙي مهان اردو شاعر جو هي شعر سدائين منهنجي ڪمزوري رهيو آهي ته
دوستو هڪڙي مهان اردو شاعر جو هي شعر سدائين منهنجي ڪمزوري رهيو آهي ته
ڪيا حال پوڇتي هو ميري ڪاروبار ڪا،
انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هُون۔۔۔۔۔۔۔؟
دوستو جيڪو غزل تصويري صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان انهيءَ غزل جي مطلعي جي شعر جي ٻي سٽ ۾ مان انهي مٿيئن لاجواب شعر کان سورهان آنا متاثر آهيان، هينئر ويجهڙائي ۾ اهو غزل سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۾ اصلاح لاءِ پيش ڪيو، ته هڪڙي شاعر بجاءِ منهنجي انهيءَ غزل تي اصلاح ڪرڻ جي، ۽ ٽيڪنيڪي حوالي سان تعمير ڪرڻ جي ڊائريڪٽ مون تي الزام مڙهيو ته ته اهو غزل تخليق ڪري مون انهيءَ اردو شعر مان چوري ڪئي آهي، حالانڪه جڏهن مون اهو غزل لکت ۾ جڏهن اتي پيش ڪيو هو ته انهيءَ ڪاغذ جي هڪڙي پاسي واضح لکي ڇڏيو هو ته منهنجي هن غزل جي مطلع جي ٻي سٽ ۾ ، آئون اردو واري شعر انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هون کان متاثر آهيان۔ خير وڏا بحث ٿيا، ڪنهن چيو ته ناز کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ته وري ڪنهن چيو ته بهترين غزل آهي، سڀئي جذبات ۾ ڀريل هُئا، مزي جهڙي ڳالهه ته ڪنهن کي به انهي ڪاغذ تي لکيل هڪڙي پاسي تي منهنجي متاثر ٿيڻ واري ڳالهه نظر ڪانه آئي، جڏهن دستور موجب منهنجو غزل صرف ذاتي تنقيد ۽ واهه واهه بهترين واري روايتي همت افزائي کان نڪري مونکي انهي ذاتي تنقيد جو جواب ۽ همت افزائي جي شڪريه ادائگي لاءِ مون وٽ آيو ته ، مون سڀني دوستن کي انهي غزل واري ڪاغذ تي پنهنجي حاشيه تي لکيل تحرير ڏيکاري چيو ته ڪافي سارن شاعرن بجاءِ منهنجي هن غزل جي تعمير ڪرڻ جي مونکي چور خبر ناهي ڇا ڇا جا خطاب ڏنا،جڏهن ته مان اڳ ۾ ئي هتي لکي ڇڏيو هو ته منهنجي هن غزل جي مطلع جي ٻي سٽ ۾ مان انهيءَ اردو شعر کان متاثر آهيان، جڏهن مون ايڊوانس ۾ انهي ڳالهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو ته مان متاثر آهيان ته پوءِ مونکي چور جهڙي لفظ سان نوازڻ بي واجبي آهي.۽ دنيا جا جيڪي به وڏا وڏا شاعر هوندا هُئا ، يا اڃان تائين آهن پنهنجي ڀر پاسي ۾ رهندڙ شاعرن جي ڪنهن ڪنهن تخليق کان متاثر هوندا هُئا، جو هُو سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح سان پنهنجي تخليق ۾ انهي تخليق جو ڪو هڪڙو لفظ ، ڪو هڪڙو اسم ڪو هڪڙو نقطو جنهن کان هو متاثر هوندا هُئا بلڪل آڻيندا هُئا، شاهه سائين پڻ پاڻ کان اڳ واري شاعر دوهي واري شاعر ڪبير ڀڳت جي دوهي کان متاثر هُئا، ڪبير ڀڳت جو هڪ دوهو هو ته ڪاگا سڀ تن کايو، چُن چُن کايو ماس، دو نينان مت کايو انهين پيا ملن کي آس، شاهه سائين به پنهنجي لازوال بيت ۾ ڪانگ کي هنيون هٿن ۾ ڏيو چوي ٿو منهنجي محبوبن جي اڳيان اهو هينيون وڃي کائج ۽ انهي کي سلام ڏجان ته اها هينئن واري قرباني ڪنهن ڏني، اڃا ڪالهه سنڌي شاعري جي خوبصورت ترين شاعر، محترم امداد حسيني جو ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ آيو، جنهن ۾ امدا حسيني صفحي نمبر 261 تي پنهنجي لکيل ڪافي “ٻيو ڇا هي ڙِي” ۾ حاشئي تي واضح لکيو آهي ته هي شاعري، مشهور سنڌي شاعر زمان شاهه جي لازوال ڪافي ، جنهن سان دلڙي لڳي تنهن کان ڌارٿيڻ اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇا هي ڙِي کان متاثر ٿي لکي آهي، سڀني دوستن جي دلچسپي لاءِ امداد حُسيني جي اُها ڪافي جا چند بند جيڪا هُن متاثر ٿي لکي آهي اهي به ونڊ ڪري ٿو ڇڏيان۔انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هُون۔۔۔۔۔۔۔؟
هڪڙي لمحي لاءِ اچڻ، اهو ناهي جيڻ ٻيو ڇا هي ڙِي!
۽ ٻي لمحي هليو وڃڻ، اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇا هي ڙِي !
ڪئن رات اُماس اُڪاريم، ڪئن ڏونگر جهڙو ڏينهن گذاريم،
حال ڏيڻ نه حوال وٺڻ، اهو ناهي رُسڻ ٻيو ڇا هي ڙِي !
سِٽَ سٽ ڄڻ سنگين هُجي ۽ پنو رت سين رنگين هُجي،
مُڇيل آڱرين سان به لکڻ، اهو ناهي لکڻ ٻيو ڇاهي ڙي!
(امداد حُسيني)
حالانڪه سواءِ ڪافيئي لکڻ جيئڻ، مرڻ جيئن ۽ رديف ڇاهي ڙي کان سواءِ امداد جي هي ڪافي ڀلوڙ شاعر زمان شاهه جي ڪافي کان پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر، پنهنجي ڏانءُ سميت ڪافي مختلف آهي۔ پر شابس هُجي سائين امداد حُسيني کي جنهن پنهنجي وڏ ماڻهپي واري خيالات جو اظهار پنهنجي ڪتاب هوا جي سامهون جي صُفحي نمبر 261 تي متاثر ٿيڻ واري ڳالهه لکي ڪيو آهي۔ ساٿيو، بلڪل منهنجو هي غزل به اردو واري شعر جي فڪر، ۽ ڏان ءُ کان هڪ هزار دفعا مختلف آهي، پر اهو منهنجو فرض هو ته متاثر ٿيڻ واري ڳالهه لکي ، پنهنجي ضمير جي آواز کي لبيڪ چوان۔ دوستو هاڻي اچان ٿو سنڌي ادبي سنگت واري انهي گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ انهي شاعر جي راءِ طرف جنهن منهنجي هن غزل تي پنهنجي خوبصورت راءِ ڏيندي چيو ته نثار ناز جي هن غزل کي پڙهي ۽ نثار ناز جي وضاحت کان پوءِ انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه هُئڻ کپي ته نثار ناز جو هي غزل پڙهي آئون دل سان چوان ٿو، ته ڪيا حال پوڇتي هو تم ميري ڪاروبار ڪا ، انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هون واري فڪر کان ڪافي سگهارو آهي، اردو جو ته صرف هڪڙو شعر آهي، پر نثار ناز هن غزل جي هر بند ۾ ماحول ۾ ٿيندڙ هر ظلم ۽ ناانصافي کي ايڪسپوز ڪيو آهي، دوستو منهنجو هتي اهو مقصد قطئي ڪونهي ته ڪو منهنجي شاعري پڙهي صرف واهه واهه ڪري، پر مان ته هميشهه اهو چاهيندو آهيان تو ڪو سنڌي دوست سنڌي ڏاهو بڻجي منهنجي هر شاعريءَ جي تعميري ڇنڊ ڇاڻ ڪري، تعميري تنقيد ڪري، ته جيئن مون جهڙو اڻ ڄاڻ ماڻهو، جيڪو سدائين پاڻ کي ٽي درجي وارو شاعر سڏائيندو آهي جي ڄاڻ ۾ اظافو ٿئي، ان کان علاوه هي جي آئون وڏي وڏي تمهيد لکندو آهيان ته هرڪو سنڌي دوست لکڻ جو ڏانءُ سکي، واهه واهه بهترين آهي وارن روايتي جملن کان ٻاهر نڪري۔ دوستو ڪوبه هن دنيا جو ماڻهو تنقيد کان بالاتر ڪونهي، دوستو تنقيد کان بالا تر صرف الله تبارڪ تعالى جي بابرڪت ذات آهي، هرو ڀرو ڪير تعريف وارا ٻٽي لکي اهو به اهڙي انداز سان ڪري جنهن ۾ خوبصورت لفظن جي مالا جُڙيل هُجي، دوستو واهه واهه بهترين آهي کان هٽي ڪري توهان غور ڪندا ته انيڪ منهنجي پياري ٻوليءَ سنڌي جا لفظ توهان کي نظر ايندا، جن کي لکي توهان پنهنجي ننڍڙن ليکن سان پنهنجي راين سان انصاف ڪري سگهو ٿا۔ هاڻي پيش آهي اهو غزل جنهن جي ايڏي وڏي تمهيد لکي توهان دوستن جو ڪافي سارو وقت ورتو اٿم۔۽ ٻي لمحي هليو وڃڻ، اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇا هي ڙِي !
ڪئن رات اُماس اُڪاريم، ڪئن ڏونگر جهڙو ڏينهن گذاريم،
حال ڏيڻ نه حوال وٺڻ، اهو ناهي رُسڻ ٻيو ڇا هي ڙِي !
سِٽَ سٽ ڄڻ سنگين هُجي ۽ پنو رت سين رنگين هُجي،
مُڇيل آڱرين سان به لکڻ، اهو ناهي لکڻ ٻيو ڇاهي ڙي!
(امداد حُسيني)
پنهنجي غزل ” ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وۡڪڻُون“ جي ڪمپيوٽر چترڪاري