محترم نثار ناز، ڊاڪٽر صاحب کان جيڪو سوال ڪيو آهي، ان تي مونکي حضرت محترم عشق جي اهڃاڻ جناب ”قيس“ جنهنکي اسان ”مجنون“ جي نالي سان سڃاڻون ٿا جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي پاڻ ڪنهن رستي تان ٿي گذريا، رستي تي هڪ همراهه نماز ٿي پڙهي، جيئن ته نمازيءَ جي سامهون گذرڻ منع ٿيل آهي، پر مجنون ان نمازيءَ جي سامهون گذري ويو، ٿوري دير ۾ اهو نمازي سلام ڦيري ڊوڙندو آيو ۽ اچي مجنون کي ڇنڊ پٽيندي چيائين ته توکي ڪو خيال ئي ناهي جو نمازيءَ جي سامهون گذري ويو آهين ۔۔۔ مجنون حيران پريشان ٿيندي ان نمازي همراهه کان معافي وٺندي سوال ڪيو ته؛
” اي محترم! آءُ ته عشق مجاز ۾ ايترو مهو هيس جو اوهانتي نظر ئي نه پئي پر اوهان ته عشق حقيقي ۾ هئا، الله جي بارگاهه ۾ هئا پوءِ اوهانجي مونتي نظر ڪيئن پئي ۔۔؟؟؟“
ڏسو دوستو! قيس جو سوال، جنهنکي دنيا وارا مجنون، چريو، پاڳل چئي پٿر هڻندا هئا، اهو مجنون اهڙي ڏاهپ جي ڳالهه ڪري ويو ۔۔۔
ادي ساجد سرور صاحب به شايد اهڙن ئي ديوانن جي ڏاهي ٿيڻ طرف اشارو ڪيو هجي ۔۔۔ ڪي انسان ڏسڻ ۾ ته ڏاها لڳندا آهن پر سندن اندر کوکلو هوندو آهي ته ڪي انسان وري ڏسڻ ۾ سادا ۽ ڀورا هوندا آهن پر اندر ۾ ڏاهپ جا سمنڊ کڻي پيا هلندا آهن ۔۔۔
باقي شاعر ته آهن ئي حڪمران (بادشاه) سو بادشاه سمجهن بادشاهن جي زبان ۔۔۔ ناز سمجهي ” سجني“ جي زبان ۔۔۔ اسين ته ان معاملي ۾ ڀورا ڀوڪ آهيون ۔۔۔
ڪيترو نه سٺو لڳندو آهي جڏهن سنڌ سلامت تي اهڙا ڏاها اچي پنهنجي ڏاهپ جا ڏس ونڊ ڪندا آهن ۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔